تازا ترين
  • *واهي پانڌي: نئن نلي تي ڊيم ٺاهڻ خلاف جمالي ۽ شاهاڻي برادري پاران احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مظاهرين اسپتال کان گورک چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو،ڇتي نعريبازي *نئن نلي جي قدرتي وهڪري تي سمال ڊيم ٺهڻ سان زمينون بنجر ٿي وينديون: مظاهرين *
  • *خيرپورناٿن شاهه ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڪريم داد لنڊ واسي ساجد جمالي گهر اندر مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪيو *
  • *ڏاهلي تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 14ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ143ٿي ويو*
  • *ٻانڌي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي11 ٿي ويو *سمورا متاثرن پنهنجي گهرن اندر آئيسوليٽ *3ڏينھن اڳ رورل ھليٿ سينٽر جي ملازمن سميت 50ماڻھن جا سيمپلز ورتا ويا هئا *7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي: صحت کاتو*
  • *سکر: سرڪاري ڪڻڪ ۾ خرد برد ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف نيب جي ڪارروائي *ڪڻڪ اسمگلنگ جي الزام ھيٺ نوشھرفيروز مان 3 ڄڻا گرفتار: نيب ذريعا *گرفتار ٿيلن ۾ عظيم آرائين، جمعا خان ۽ منور شامل آهن: نيب ذريعا *گرفتار جوابدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي: نيب ذريعا *
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

بکر فقير جمالي….عزيز ڪنگراڻي

بکر فقير جمالي ڪلهوڙن جي دور جي اهم بزرگ شخصيت ٿي گذريو آهي. سندس زندگي جو مستند احوال تاريخي طور نه ملي سگهيو آهي. روايتن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته سندس تعلق ميان نصير محمد ڪلهوڙي کان ميان دين محمد ڪلهوڙي واري زماني تائين معلوم ٿئي ٿو. کيس به ميان نصير محمد ڪلهوڙي طرفان فقير جو لقب مليل ڀانئجي ٿو. هيءُ ميانوال تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو.
اهو به ممڪن آهي ته ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ويجهي ساٿي يارو فقير ريڍار جي ٻانهن ٻيلي طور جبلن مان وهي ايندڙ ٽڪي، مماڻي ۽ سوري نئين جي لڪن وٽ مقرر ڪيو ويو هجي ۽ يارو فقير ريڍار سان مددگار هجي. ڇاڪاڻ ته يارو فقير ريڍار جي مزار سندس علائقي جي بلڪل ويجهو آهي. بکر فقير جمالي جي نالي سان ڪاڇي ۾ ڳوٺ بکر جمالي اڄ به قائم آهي ۽ سندس پونئير بکراڻي جمالي سڏجي ٿو. هيءَ ڳوٺ دادو جي تعلقي جوهي جي ڪاڇي واري علائقي جي تاريخي شهر واهي پانڌي کان اتر طرف اٽڪل 10ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. بکر فقير جمالي جي مزار وري ڳوٺ جي اولهه ۾ کيرٿر جابلو سلسلي جي ڪناري سان سندس ئي نالي پويان قبرستان ۾ آهي. سندس مقبرو ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دور جي طرز تعمير جو بهترين مثال آهي. بکر فقير جمالي جي مقبري جي ديوارن تي فريسڪو چٽسالي به بهترين ٿيل آهي. مقبري جي ٻاهرئين پاسي ديوارن تي ٿيل نقش نگاري ميسارجي وئي آهي. ڪن هنڌان ڌيمي رهجي ويل نقش نگاري نظر اچي ٿي. مقبري جي ديوارن جي اندرئين پاسي ٿيل فريسڪو چٽسالي شاندار آهي. اڄ به تازي ٿيل معلوم ٿئي ٿي.
بکر فقير جمالي جي مقبري جي ديوارن تي فريسڪو چٽسالي ۾ مختلف موضوع چٽيل آهن. سندس مقبري ۾ ٿيل نقش نگاري قلندراڻي لغارين جي قبرستان ۾ ٿيل نقش نگاري جهڙي آهي. فرق فقط زنگن جي استعمال جو آهي. بکر فقير جمالي جي مقبري جي ديوارن تي فريسڪو چٽسالي ۾ مختلف موضوع يا ٿيم نقش ٿيل آهن. انهن ۾ ڪڪڙن جي ويڙهه، گهوڙيسواري، اٺ سواري، مور، ٻگهه، ڪونج پکي به چٽيل آهن ته لوڪ ڪهاڻيون به نقش ٿيل آهن. لوڪ ڪهاڻين يا داستانن ۾ سسئي – پنهون ۽ سهڻي – ميهار نقش ٿيل آهن.
ان کانسواءِ مسجد، آزان ڏيندڙ، قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪندڙن، مٽين، ڪونرن، ڪپن ۽ گهڙا منجين جون تصويرون به نقش ٿيل آهن. چٽسالي ۾ لوڪ فنڪار به چٽيل آهي جيڪو يڪتاري تي ڳائيندي ڏيکاريل آهي، بندوق سان شڪار جا منظر ۽ کير ولوڙڻ جا منظر به چٽيل آهن. مقبري جي ديوارن تي فريسڪو چٽسالي ۾ گلدستا، گل ٻوٽا ۽ انهن جون ڊزائنون به چٽيل آهن. جاميٽريڪل ڊزائنون ته شاندار انداز ۾ پينٽ ٿيل آهن. بکر فقير جمالي جو مقبرو ۽ ان تي ٿيل چٽسالي سنڌ جو تاريخي ۽ ثقافتي ورثو آهي. مقبري جي سندس پونئيرن جي سنڀار سبب حالت بهتر آهي. شاندار چٽسالي اکين ۽ دل کي سڪون آڇيندڙ ۽ سنڌ جي ماهر چترڪارن جي ياد تازي ڪندڙ آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

One Response to بکر فقير جمالي….عزيز ڪنگراڻي

  1. ـ ’بکر جمالي‘ نالي سان ھڪ ڳوٺ⹁ تعلقي سعيدآباد⹁ ضلعي مٽياريءَ ۾ پڻ آھي. پر اھڙي ڪا بہ پروڙ ڪانهي تہ اھو ساڳيو ’بکر جمالي‘ آھي ڪين ٻيو! ڇاڪاڻ تہ اوھان جي ليک موجب سندس پونير واھي پانڌيءَ واري پاسي آھي. جڏھن تہ ھن ڳوٺ جي آسپاس لڳ ڀڳ ٽي چار ڳوٺ جمالين جا پڻ آھن.
    ھن ڏس ۾ پڻ تحقيق ٿيڻ گهرجي⹁ ٿي سگهي ٿو تہ منجهن ڪو ڳانڍاپو ھجي جيڪو ھاڻ ميسارجي ويو ھجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *