تازا ترين
  • *ڪراچي شھر ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر پوليس اھلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ *15 ڏينهن دوران ھڪ ٻئي اھلڪار تي ٽارگيٽ ڪلرز جي فائرنگ *ڪورنگي سيڪٽر پنج ۾ اھلڪار اصغر تي فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ ڪري زخمي *واقعي جو آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس، ايس ايس پي کان رپورٽ طلب *
  • *کپرو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ *سوين آبادگارن ۽ هارين ٽائرن کي باهيون ڏيئي کپرو سانگهڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو *
  • *جهول واسي پيرسن ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾فوت *55 ورهين جو ظفر کرل وائرس سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو *
  • *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ مقامي منتقلي وارا ڪورونا وائرس جا نوان 29 ڪيس ظاهر *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي طور انگ 172 ٿي ويو *
  • *شهدادپور پوليس پاران شهرين کي گرفتار ڪري لکين رپيا رشوت وٺڻ جو انڪشاف *ايس ايس پي سانگهڙ حيدرآباد واسي جي درخواست تي 3 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *جٽيا چوڪي انچارج عابد زرداري، مصطفيٰ ڪوري ۽ ذوالفقار چانڊيو ڪوارٽر گهاٽ *
  • *سنجهورو: نامياري محقق، ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پٽ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي *
  • *قاضي احمد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار زال کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار حاجي جتوئي ننڊ ستل صوبيا جتوئي تي ڪهاڙين جا وار ڪيا *
  • *ميان صاحب ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڦرلٽ جو الزام *پوليس ڳوٺاڻن جا 25 ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، اهلڪارن تي تشدد جا الزام *
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، ننڊ ستل عورت کي گوليون هڻي قتل* ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ هٿياربند رفعت لاشاري تي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويا *
  • *داد لغاري ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، چڱو مڙس گوليون هڻي مرڻينگ *سعيد احمد بوزدار کي ويهڪ واري جاءِ تي گولي هنئي وئي، اسپتال منتقل *
  • *ڀريا سٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 7ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *مسافر بس ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي، زخمين ۾ فهيم راجپوت، سجاد گوپانگ ۽ ٻيا شامل *
  • *عمرڪوٽ ۾ ڏيڊ مھينو اڳ مبينا قتل ٿيل جنتا مالهي واري واقعي جو اي آءِ جي حيدرآباد پاران نوٽيس *جنتا مالهي جي وارثن جي اي آءِ جي حيدرآباد سان ملاقات *اي آءِ جي پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم *

بي قدرا قدر نه ڪيئڙئي ڪو … امين ارباب

ننگرپارڪر کان ويھن ميلن جي مفاصلي تي کارسر جي هي ان ڳوٺ جي وارتا آهي، جتي سنڌ جي اُن حڪيما نالي نياڻي جو جنم ٿيو هو، جنهن لاءِ ڪنھن به آدم زاد کي اها ڪل ئي نه هئي ته هوءَ سڀاڻي جي اهڙي ته المياتي آواز جي فوزيا بڻجي ويندي جنهن جي جدائي تي سموري سنڌ جا سُر پار ڪڍي روئندا. ناٿي سومري جي ٽن نياڻين مان هي ان نياڻي جي ڳالھه آھي جنھن نگر ويجهو کارسر ڳوٺ ۾ 1964 ڌاري جنم ورتو، مرحيات مصري سومري جو پٽ ناٿو سومرو 1971 واري جنگ دوران جڏهن ٽنڊي محمد خان جي کنڊ جي ڪارخاني واري ڪالوني نمبر ڊي ۾ لڏي آيو ته ستن سالن جي فوزيا سومري کي به ساڻ وٺي آيو. ٻالڪپڻي جا ڏينهن ٽنڊي محمد خان ۾ گذاريندڙ فوزيا کي جڏهن تعليم پرائڻ جو شوق جاڳيو ته ھن ٽنڊي محمد خان جي روبينا چوڌري نالي هڪ ڇوڪري کان قرآن پاڪ ۽ گلزار خاتون نالي هڪ ٻي ڇوڪري کان پرائمري جي تعليم گهر ويٺي حاصل ڪئي، فوزيا جڏهن جواني ماڻي ته هن پهرين شادي ٿر جي ڳوٺ آڌيگام جي اُن شخص سان ڪئي، جنهن جو نالو نمرو سومرو هو. شادي کانپوءِ فوزيا پنهنجي مڙس نمري سومري سان گڏجي ڪجھه وقت نئين دمبالي جي هڪڙي ڪکائين گهر ۾ رهي پر سندس مڙس سان تڪرار هلڻ کان پوءِ لاتعلقي ٿي وئي ۽ دمبالي جا پٽ ڇڏي وئي.
ٿر سان واڳيل پارڪري ٻولي ڳالهائيندڙ فوزيا جو والد ناٿو جيڪو 40 سالن کان هن وقت تائين ٽنڊي محمد خان ۾ پنهنجو گذر سفر ڪري ٿو، فوزيا جي سوين ڪلامن مان “چنڊ پرين جي پار وڃين ٿو” ۽ ڍاٽڪي ۾ “ماٿاري روئي ولاتڻ ٻائي” جي نغمن جي چونڊ ڪندي گنگائي ٿو ته روئي پوي ٿو پر فوزيا تڏهن روئي ٿي پئي، جڏهن عطا ﷲ نيازي، نورجهان ۽ لتامگيشڪر جا آواز سندس ڪنين ٿي پيا. 17 سال فن جي دنيا کي ارپيندڙ فوزيا سومري جي ٻن ڀيڻن مان سڪينا ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ ئي گذاري وئي، جڏهن ته امينا مان ٻن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي جيڪو انور، عبدالله ۽ اصغر سومري سان ٽنڊي محمد خان جي شوڪت ڪالوني ۾ مينهن جي واڙي ۽ ريزڪي سامان جي ڪاروبار سان اڃان تائين واڳيل آهي.
شادين مرادين ۾ مولود ۽ شاھه جون وايون ڳائڻ واري خاندان سان واڳيل فوزيا سومري جي آواز جي جڏهن سنڌ جي ماڻهن قدرداني ڪئي ته هوءَ صاحبِ حيثيت بڻجي وئي، هن پنهنجي خرچ تي پنهنجي پيءُ، ماءُ ۽ چاچي حاجي مصري سومري کي حج ڪرايا، جنهن کانپوءِ فوزيا پاڻ به ٻه حج ۽ سندس مڙس حاجي مصري سٺئي کي ٻه عمرا ڪرايا، 1993 ۾ حاجي مصري سٺئي سان هن ٻي شادي ڪئي، جنهن مان ڪرن نالي ھڪ نياڻي به آهي. 1980 جو ھي اُھو زمانو هو جڏهن فوزيا هڪ سهيلي جي شادي ۾ ٽنڊي محمد خان ۾ سهرا پئي ڳايا ته گهوٽ انور سهتي کيس ٻڌي ورتو، جنهن کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد آڻي مشهور ڍولڪ نواز ۽ شاعر مرحيات غلام حسين ڪليري جي شاگردي ۾ سندس هٿ حوالي ڪيو. وقت گذريو ته 1984 جو زمانو اچي ويو ۽ هو ريڊيو تي بطور ڪورس وائس ايپرو ٿي وئي ۽ اهڙي ريت پھريون ڀيرو استاد محمد ابراهيم جي آواز ۾ ڳايل ڪلام ڳائي فوزيا پنهنجو آواز ريڊيو تان آن ايئر ڪرايو.
فوزيا جا ڳايل ڪجھه ڪلام ريڊيو تان نشر ٿيندا ئي پئي رهيا پر فوزيا اُن ڏينهن فوزيا بڻجي وئي، جڏهن سندس استاد غلام حسين ڪليري جو ڪلام “بي قدرا قدر نه ڪيئڙئي ڪو” سڪرنڊ جي هڪ خانگي پروڊيڪشن ۾ ڳائي ڪيسٽ جي دنيا ۾ هڪ وڏو ڌماڪو ڪيو. سنڌي ماڻهن کي لڳ ڀڳ 150 کان وڌيڪ ڪيسٽون ڏئي ويندڙ فوزيا لياري جي مشهور موسيقار ظهور زيبي جي ترتيب ڏنل “الي منهنجا ماروئڙا” ڪلام ڳائي نه رڳو هوءَ سڃاڻپ جي افق تي پهتي پر بلاول اوٺي جي ڪلام “ڪارونجهر تي آئون اڪيلي آهيان” کان وٺي زمان خاصخيلي جي “جيڪي اڏاريا مون تو لاءِ پکي هئا” ڪلام تائين ۽ نياز پتافي جي ڪلام “تون به ڇڏي وئين جاني” کان وٺي راز رسول بخش جي ڪلام” ڳالهھ نٿو منهنجي ٻڌين” تائين ۽ علي محمد اُڏيرائي جي ڪلام “اچ جلد مون ڏي جانيئرا” کان وٺي سائينداد ساند جي ڪلام” ڪو ته اهڙو هجي منھنجا ڳوڙها اگھي” تائين فوزيا جي سُر جي سفر جي اهڙي ته من لڀائيندڙ ڪٿا آهي جنهن ۾ آهن ڪلا جا انوکا پنڌ.
ٽنڊي محمد خان کان ملاڪاتيار ويندڙ روڊ ڀرسان سخي برهان شاھ اولياءَ قبرستان ۾ مدفون ۽ شاھ لطيف ۽ ريڊيو ايڪسيلنٽ ايوارڊ حاصل ڪندڙ فوزيا نه رڳو ڍاٽڪي ڪلام ڳائي سنڌ مان داد حاصل ڪيو پر اردو ۽ پنجابي ڳائڻن جي مقابلي ۾ هن جو آواز آخري ڏينهن تائين به ڪيسٽن جي دنيا ۾ مهانگو ئي رهيو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *