تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

بيٺڪي نظام ذريعي راتاهو هڻي خوشحال ٿيندڙ يورپ … بشير جانوري

دنيا جا طاقتور ملڪ مختلف طريقن ۽ تدبيرن ذريعي ھيڻن ۽ ڪمزور ملڪن تي حملا ڪري اتان حاصل ٿيندڙ معدني وسيلن تي راتاھو ھڻي پنھنجن ملڪن کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪندا رھيا.اھو سڄو عمل مڪمل منصوبابندي تحت ٿيندو رھيو.اوائلي دور ۾ يورپي قومن سياحت ۽ سائنسي تحقيق جي بھاني مختلف ملڪن ۾ وڃي اتان جي جاگرافي معدني وسيلن دريائن ڍنڍن جي ڄاڻ حاصل ڪري واپس پھچي نقشن ۽ حاصل ڪيل معلومات جي آڌار تي مختلف ملڪن ۾ بيٺڪي نظام رائج ڪري پنھنجون ٽجوڙيون ڀرينديون رھيون. يورپي ملاح سڀ کان پھريائين 1415ع ۾ آفريڪا کنڊ کان بحري سفر طئي ڪري ھندستان پھتا.ھنن ملاحن ائٽلانٽڪ سمنڊ ڀرسان آمريڪا کي ڳولي لڌو.يورپي ملڪن ھزارين ميلن جو سفر طئي ڪري مختلف ملڪن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا.سن 1900ع تائين دنيا جي وڏي حصي تي ڇانئجي ويا.سندن مقصدن ۾ مسيحيت ( عيسائيت) کي فروغ ڏيڻ جھازراني جي صنعت کي وڌائڻ پڻ شامل ھو.پورچوگال جي بادشاھ ھينري کي تحقيق جو ابو ڄاتو وڃي ٿو جنھن سڀ کان پھريائين 1415ع ۾ آفريڪا جي اھم شھر سيوطه تي قبضو ڪري پرماريت جو آغاز ڪيو.ھينري جي قبضي کان پھريان سيوطه مسلمانن جي قبضي ھيٺ ھو جتي ھڪ ھزار کان وڌيڪ عيسائي بندي خانن ۾ قيد ھئا جن کي ھينري آزادي ڏياري ۽ وچن ڪيو ته آفريڪا کنڊ ۾ جتي جتي به مسلمانن جي اڪثريت آھي انھن علائقن کي ڪئٿولڪ پورچوگال ۾ تبديل ڪيو ويندو.شھزادي ھينري پنھنجي سموري زندگي ۾ ڪڏھن به بحري سفر ڪونه ڪيو پر پوءِ به کيس انگريزن طرفان نيويگيٽر جو خطاب مليل ھو.ھن جن علائقن کي بيٺڪي راڄ ۾ شامل ڪيو اتي قلعا ٺھرايائين ۽ شجرڪاري جو به آغاز ڪيائين.باقي يورپين به شھزادي ھينري جي ڪم کي ڏسي قبضي ھيٺ آيل علائقن ۾ قلعا جوڙائڻ ۽ شجرڪاري جو آغاز ڪيو.
شھزادي ھينري کان پوءِ پوچوگيز ملاح ڊيئش (Dias) ڪافي مشھور رھيو آھي جنھن ڪيپ آف گڊ ھيپ ڳولي لڌو.ڊيئش جي ڪيپ آف گڊ ھيپ ڳولي لھڻ بعد ٺيڪ ڏھن سالن کان پوءِ 1498ع واسڪوڊيگاما غرب الھند جي سفر تي روانو ٿيو.غرب الھند ھن وقت ويسٽ انڊيز جي نالي سان مشھور آھي.ھو مڪمل منصوبابندي تحت روانو ٿيو.ھو ٽن جھازن 320 سپاھين 20 توپن سميت 14 ھفتا خشڪي جو سفر طئي ڪري موزمبيق پھتو.ساڻس تجربيڪار ڪپتان ابن ماجد گڏ ھو.ابن ماجد ڪافي ذھين ۽ چالاڪ ھو جيڪو سموري سفر ۾ واسڪوڊيگاما جي مدد ڪندو رھيو.ھن آخرڪار کيس ڪاليڪٽ جي ميدان تي آڻي بيھاريو.واسڪوڊيگاما ڪئليڪٽ پھچي ڪافي تحفا راجا جي خدمت ۾ پيش ڪيا.ھو جڏھن پنھنجو سفر مڪمل ڪري واپس وريو ته ساڻس گڏ بيشمار سامان ھو جيڪو ھن ھندستاني ٻيڙين کي لُٽي ڦري حاصل ڪيو ھو.واسڪوڊيگاما سفر دوران ظلم ۽ بربريت جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا.ھن ننڍڙين ٻيڙين جي ملاحن کي ڦري ساڻن وڏيون عقوبتون ڪيون.ڊيگاما حڪم ڪيو ته سڀني ملاحن جا نڪ ڪن ھٿ پير وڍي ھارن جي صورت ۾ پوئي کين ڳچي ۾ پارايا وڃن ۽ ٻيڙين ۾ سٿي کين ساڙيو وڃي پوءِ واسڪوڊيگاما جي حڪم جي تعميل ڪئي وئي ۽ ملاحن سميت ٻيڙين کي ساڙيو ويو.ھُن باقي يورپي قومن لاءِ مثال قائم ڪيو ۽ پوءِ ايندڙ يورپين سندس ظلم ۽ بربريت واري نظام کي اپنايو.اٽلي جي بندر جينوئا سان تعلق رکندڙ ڪرسٽوفر ڪولمبس پڻ اسپين جي راڻي اسابيلا جي چوڻ تي نئين ملڪ جي ڳولھا لاءِ نڪتو ۽ آخر Waitlings Islands تي پھتو.ڪرسٽوفر ڪولمبس پڻ يورپي قومن لاءِ بيٺڪي نظام رائج ڪرڻ لاءِ نيون راھون ھموار ڪيون.ڪولمبس جي سفر کان پوءِ فرڊيننڊ ميگلان 1519ع ۾ اسپين کان بحري سفر جو آغاز ڪيو.ھو يوراگئي ۽ ارجنٽائين وٽان لنگھندي پيسفڪ سمنڊ پھتو ۽ اتان آبناءِ ميگلان پھتو جتي رات صرف ٽي ڪلاڪ ٿيندي آھي.ميگلان پنھنجي تحقيقي سفر ۾ ڪولمبس جي تجويز ٿيل نالي غرب الھند کي غلط قرار ڏنو.
ڊچ قوم سورھين صدي ۾ ايشيا ۾ وارد ٿي.ڊچ ڪافي ذھين ھئا .ھُنن ذھانت جي بنياد تي ڪافي علائقن تي قبضو ڪري پنھنجو راڄ قائم ڪيو.ھنن اڳتي ھلي شرق الھند تي قبضو ڪري اتان حاصل ٿيندڙ معدني وسيلن کي ھٿ ڪيو.ڊچن غلامن جي ڪاروبار کي توسيع ڏني ۽ ھندستان سان واپاري لاڳاپا قائم ڪيا.ھي وحشي ۽ لالچي ھئا.سندن اھم مقصد پيسو ڪمائڻ ۽ پنھنجو ڌاڪو ڄمائڻ ھو.فرينچ قوم ٻين قومن کي ڏسي مختلف علائقن کي ھٿ ڪرڻ لاءِ ھٿ پير ھڻڻ شروع ڪيا جيڪي ٻين قومن کان پوئتي رھجي ويا ھئا.ھنن پنھنجي بيٺڪي راڄ جي شروعات ڪئناڊا تي قبضي ڪرڻ سان ڪئي.فرينچ قوم نيو آرلينس غرب الھند ۾ ڪجهھ ٻيٽ حاصل ڪرڻ پوءِ سينيگال ۾ واپاري سرگرميون شروع ڪيون ۽ ڪافي نفعو ڪمايو.اڳتي ھلي انگريزن پنھنجي طاقت کي وسعت ڏئي فرينچ قومن طرفان ھٿ ڪيل ڪيترن ئي علائقن تي قبضو ڪري ورتو جن ۾ ھندستان ۽ ڪئناڊا اھم ھئا.انگريز ناکئي جان ڪئبٽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ذريعي متحده آمريڪا پھتو ۽ اتي انگريز آباديون قائم ڪيون. انگريزن واپار بھاني ايشيا جي اھم ملڪ ھندستان تي نظر رکي ته جيئن گڏيل ھندستان تي قبضو ڪري اتان جي مقامي پيداوار کي حاصل ڪري برطانيه کي ترقي ڏيارجي.ان سلسلي ۾ ھو مغل شھنشاھ جھانگير کان اجازت وٺي سن 1600ع ۾ ايسٽ انڊيا واپاري ڪمپني قائم ڪيائون.ھنن واپار بھاني ھندستان ۾ داخل ٿي ملڪ جي اندروني معاملن ۾ دخل اندازي ڪرڻ شروع ڪئي.آزادي واري جنگ ۾ ھندستانين جي شڪست کان پوءِ ھو سو سالن تائين اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ رھيا.ھينري, ڊيئش واسڪوڊيگاما ڪرسٽوفر ڪولمبس ۽ ٻين ملاحن يورپي ملڪن لاءِ ايتري قدر آسانيون پيدا ڪيون جو پھرين جنگ عظيم جي خاتمي کان پوءِ صرف فرانس دنيا جي ويهھ کان وڌيڪ ملڪن تي قابض ٿي چڪو ھو جڏھن ته برطانيه گڏيل ھندستان کان علاوه برما، سوڊان، جنوبي يمن، سيلون، مصر، ملايا، زميبيا، مليشيا ،ڪينيا، يوگنڊا ،تنزانيا، نائجيريه، مالديپ ۽ مالٽا کان علاوه ڪيترن ئي ملڪن تي بيٺڪي راڄ قائم ڪري ورتو.ان ڪري برطانيه لاءِ مشھور هو ته سندس سج ناھي لھندو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *