تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

بينام عشق ۽ سکي جي اڻوسرندڙ سار…!! ڪيلاش ميگهواڙ

اُن نوجوان ڇوڪري کي بينام عشق ٿي ويو جيڪو پيار جي لڳاتار لذت بڻجندڙ خوشبوءُ سان ٽڪرائڻ لڳو،نيڻن جي اونهي ساگر ۾ سارن جي هڙ کي سنڀالي، سکي پيا جي ماڻڪين تي امبر جيان آڙنگ سجائڻ لڳو هو. پر حقيقي عشق ڪيو ناهي ويندو بلڪل ٿي ويندو آھي اهو ڪنهن سان به سطع ساڃاھه تي ٿي سگهي ٿو,پيار جيڪو ٿي ويندو آھي. ڳالھ اها هئي ته پيار ۽ عشق ٻه حقيقتون آھن پيار ڪيترن سان ئي ٿي سگهي ٿو پر عشق صرف ڪنهن هڪ سان ڪلائميڪس ٺاهيندو آھي.اُن ڇوڪري کي به سکي سان عشق لڳي ويو بلڪل بينام عشق جا حقيقي ۽ غير حقيقي جي وچ تي ليٽيل هو. سکي جيڪا محبت جي سٻنڌ سان سونهن شناس هئي،خوبصورت اهڙي جو رات راڻي بڻجي اڀرندي هئي جيڪا بنا حوسي هٻڇ جي هار کان پري اڻ فروش منڪر جيان لذيذ ڏيندڙ هئي،انهي ڪري لالچي اکيون هميشه هڏي کي ڪُتي جيان تاڙينديون رهنديون هيون هرڪوئي سندس اکين جي ڇپر منجهھ ڏسڻ لاءُ آتا هئا،ترڪيل سپنن جي سوچ جهڙو هڳاءُ سکي جي بدن تي زرد چانڊوڪي جيان وکريل هو. ان نوجوان ڇوڪري کي جڏهن سکي جي نظرن آجياڻو ارپيو تڏهن هن پنهنجو پاڻ کي فطرت جو انوکو نظارو ڀاسڻ لڳو هو. ته صدمن جي سورن ۾ به سرڳ جا ڏيک نظر ڏيندا هيا جڏهن سکي سان پهرين ملاقات جي اوقات قريب بڻجي وئي،پيار جي خوشبوءُ آنچل تي اُڏامندي هئي.ائين بينام عشق جو اولڙو اڀرندو رهيو پر سچي پيار جي پڄاڻي هميشه اڳپڇ ٿيندي آھي ائين نوجوان ڇوڪري جي سکي سان اڻوسرندڙ پڄاڻو ساھه کڻڻ لڳو.
سکي جي پيُ سکي جي شادي ڪرائي ڇڏي ائين محبت جا ڇيڙا تک تار بڻجي نه سگهيا.اها خبر جڏهن نوجوان ڇوڪري کي پئي تڏهن پاڻ کي مئل جانور جيان سمجهڻ لڳو جنهن کي هاڻ ڳجهون کوٽي کائي رهيون آھن. سکي سان نوجوان ڇوڪري جي هميشه گنگا جي پويتر ڪناري تي پلٽيل پاڻي جهڙي پريت هئي ته سنڌو ڪناري وڃايل تهذيبي رنگت جي فنا جهڙي لاپتانه جنگ هئي،ساڻس رومانٽڪ ڪچهري ڪندي روح کي وڏي راحت ملندي آھي. سکي جي شادي ٿي وئي،پوءُ وقت گذرندو ويو،هرڪوئي پنهنجي واٽ ٿي ويو پر نوجوان ڇوڪري کي خبر به نه پئي ته هي هاڻي ڪٿي وڃي.اُن سکي جي شھر کان جلاوطن ٿيندي صرف هن سان گڏ سکي جي سار هئي جيڪا آخري ملاقات مهل چپن مان ڇڻي هئي ۽ هاڻ جنهن کي هوائون اُڏاري ڀٽڪائي رهيون هيون.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *