تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

بيماري جو ڀئو … علي خادم وگهيو

سج لالائڻ مائل روشني سان ڏينهن کي الوداع ڪرڻ لڳو هو. ڌنار مال جا ولر هڪليندا وٿاڻن ڏانهن موٽي رهيا هئا. گسن ۽ پيچرن تي مٽي جي دز اڏامڻ لڳي هئي. نيٺ سج ٽٻي هنئي ته سانجھيء جا پاڇا ڪارو ويس ڍڪڻ لڳا ، پکي پکڻ موٽي اچي پنهنجن آکيرن ڀيڙا ٿيا هئا. آئون به اچي گهر ڀيڙو ٿيان ٿو. ڪمري ۾ گهڙندي گهٽ ٻوسٽ محسوس ٿيڻ لڳي، پنکو هلائڻ چاهيم پر هن ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ اسان کي ڏاج ۾ ملي آهي، سو اهو آسرو لاهي گهر جي ڇت تي پيل کٽ تي اچي ليٽي پوان ٿو. آسمان ڏانهن نهاريان ٿو، ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ تارو ٽمڪي رهيو هو، اکيون ٻوٽيان ٿو ته سوچون ورائي وڃن ٿيون. آئون رولاڪ ڇڙوڇانڊ نه پتني نه پاڙيواري. بس جيڏي مهل به صوفين درويشن جي سڪ ستائيندي اٿم ته نڪريو پوان. ڪڏھن لال شهباز، ڪڏھن نيگ شريف، ڪڏهن جبلن جي اوٽ ۾ گودڙي فقير جي آستاني تي، ڪڏھن سچل سرمست، لطيف سرڪار، سمن سرڪار، ته ڪڏهن شهيد صوفي شاهه عنايت تي پيو سفر ڪڇيندو آهيان. ان ڏينهن به آئون شاھ عقيق جي زيارت ڪري موٽيو هئس ته حيدرآباد شهر ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو هو، شهر ۾ پوليس، رينجرس جو فليگ مارچ، موبائيلن جي سائرن جا آواز ڄڻن ۾ گونجڻ لڳا. روشنين جو شهر اونداهي ۾ ٻڏل ڏٺم. دڪان، شاپنگ هال، شادي هال، هوٽلون، عبادتگاهون، مسجدون، مندر، گرجا گهر سڀ ڪجھ بند سڄو شهر بليڪ آئوٽ لڳو پيو هو. آئون به ٻين راهگيرن وانگر رستن تي پنڌ هلڻ لڳس، دل ۾ هرخر، وسوسا. هي شهر ۾ ايڏي افراتفري ڇو آهي؟ ﷲ خير ڪري ڪٿي ڪنهن پاڙيسري ملڪ سان جنگ ته نه ڇڙي وئي آهي.؟ اهڙا وھم گمان دل ۾ سوچيندو شهر جي اونداهين رستن، چئوواٽن، گلين مان ٿيندو، پنهنجي آستاني تي پهچان ٿو چينج ڪري هٿ منهن ڌوئي دروازي تي بيهي هڪڙي پاڙيسري کي سڏ ڪري پڇان ٿو، ڀائي هي ڇا ماجرا آهي، شهر ۾ ايڏي افراتفري ڇو آهي؟
پاڙيسري ٻڌايو ته شهر ۾ لاڪ ڊائون لڳو آهي.
چيم، اهو لاڪ ڊائون ڇا آهي؟
چيائين، شٽربند هڙتال.
چيم، اھا وري ڪھڙي پارٽي يا ڌر جي هڙتال آهي؟
چيائين، ڪنهن پارٽي يا ڌر جي ناهي، حڪومت طرفان شٽربند هڙتال آهي.
چيم، پر ڇو؟
چيائين، ڪرونا وائرس جي ڪري.
چيم، اهو ڪرونا وائرس وري ڇاهي؟
مونکي ٻڌايائين ته، اها هڪ بيماري آهي جيڪا سموري دنيا ۾ پکڙجي وئي آهي، ڪئين هزارين ماڻهو مري ويا آهن ۽ هزارين ماڻهو ان بيماري جي ڪري اسپتالن ۾ زير علاج آهن، جنهن کي لڳي ٿي ڪجھ ڏينھن ۾ ماريو ڇڏي. ان ڪري حڪومت شهر ۾ لاڪ ڊائون لڳايو آهي.
عجب لڳم…! ڊينگي وائرس آيو ڪجھ نه ٿيو، بخار زڪام وائرس آيو ڪجھ نه ٿيو، برڊ فلو وائرس آيو ڪجھ نه ٿيو، ٻين الائي ڪيترن موضي مرضن ۾ ماڻهو مرن پيا….. ڪجھ ناھي. هي ڪهڙو وائرس آهي جو سڄو ملڪ لاڪ ڊائون ٿي ويو آهي. هوائي جهاز، ريلون، بسون، ويگنون، درسگاهون، آفيسون سڀ بند، سوشل ميڊيا، پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي واويلا مچي وئي آهي. مذهبي، سياسي اجتماعن تي پابندي، شاديون، خوشيون، ميلا ملاکڙا، ڏک، غم سڀ بند. وائرس جي مريضن لاءِ شهر ۾ الڳ اسپتالون جوڙيون ويون آهن. ماڻهو کان ماڻهو دور رهڻ جون ھدايتون ڏنيون پيون وڃن. انهيءَ وائرس کان بچڻ لاءِ منهن تي ڪپڙا (ماسڪ) ٻڌا ٿا وڃن. هٿن تي گلاف چاڙهيا ٿا وڃن، بار بار هٿ ڌوئڻ جون مشڪون ٿي رهيون آهن. سياستدان جيڪي ووٽ وٺڻ لاءِ ووٽرن کي چاچو، مامو، ابو امان ڪوٺيندا هئا، اهي پنهنجي ووٽرن کان ائين وڃي لڪا آهن، جيئن ڪوئا ٻرڙن ۾ وڃي لڪندا آهن. سڀ ماڻھو پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ واڙيل آهن. پکي پکڻ، جيت جانور آزادي سان گهمي رهيا آهن. جيڪي مرد زالن کي ٽائيم نه ڏيندا هئا، اهي زالن سان گھر جو ڪم ڪرائي رهيا آهن. هل ڙي ڪرونا واھ جو مڙسن سان پلاند ڪيو اٿئي، هن ترقي يافته دور جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون اٿئي. اڄ اسين پراڻي پٿر جي دور ۾ پهچي چڪا آهيون، جيڪي هڪٻئي کان ڌار لڪي جبلن ۾ گذاريندا هئا. شهر بند هئڻ سبب آئون به لڏي لمي اچي ڳوٺ پهچان ٿو، ميڊيا جي هڪ سنگتي کان احوال وٺان ٿو ته، يار هي ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟چئي ٿو، ڳالھ نه پڇ. سڄو ڪارونهوار، ڪاروبار، روزگار بند ٿي ويو آهي، انهيءَ بيماري جي ڊپ کان حڪومت ماڻهن کي گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. چيم، ته پوءِ روز ڪمائڻ روز کائڻ وارن مزدورن جو ڇا ٿيندو، اهي ته بيماري کان اڳي بک وگهي مري ويندا يا خودڪشي ڪندا. اسان جي ملڪ جو گھڻو حصو انهن مزدورن تي ٻڌل آهي.سنگتي کان پڇيم ته، هن بيماري ۾ مرڻ جو ايڏو ڊپ ڇو پيو ڏنو وڃي؟ چيائين، ادا هن بيماري ۾ جيڪو مري ٿو ان جو لاش به مائٽن کي نٿو ڏنو وڃي. چيم، مرڻ کان پوءِ لاش کي ڇا ڪبو. هن دنيا ۾ جيسين انسان جيئرو آهي، تيسين هي دنيا هن جي ۽ ٻين جي ڪم جي آهي. مرڻ کان پوءِ ته خدا ۽ مردي جو پاڻ ۾ حساب ٿيندو. پوءِ لاش کي ڇاهي. ڀلا ٻڌ، هي سونامي سمندري طوفان، زلزلا، ٻوڏون، جهازن جا حادثا، بم بلاسٽ جا حملا يا جنگين دوران هزارين لکين ماڻهو بمن ۽ بارود سان سڙي، ڳري، لڙهي ويل لاش….. ڇا اهي لاش مائٽن تائين پهچن ٿا؟
اهڙن ئي سوچن ۾ گم هئس جو هوا جو ٿڌو جهوٽو جسم کي ڇهندو اڳتي نڪري ويو. اکيون کولي آسمان ڏي نهاري ته چنڊ پيلاڻ مائل روشني سان آسمان تي چڙهي رهيو هو. آسمان تارن جي جهرمٽ سان ڀرجي ويو هو. تارا پاڻ ۾ سرگوشيون ڪري مون تي کلي رهيا هئا ته تون هن ترقي يافته ڪمپيوٽرائيز دور جي پيدائش آهين. ٻڌائي ته ايترن مهينن کان پوءِ به هن بيماري جو علاج ڇو نه دريافت ٿي سگهيو؟ آئون شرم کان پنهنجون اکيون هيٺ جهڪائي ڇڏيان ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *