تازا ترين
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *

بنيادي ضرورتون !! … عذير عابد

پاڻي پنهنجي تيز رفتاري ۾ وھندو رھيو، پکي وڻن ڏانھن موٽي پنهنجن آکيرن ۾ اچي ويٺا، سج اولھه ۾ آرامي ٿيڻ وارو ھو ـ ھي واھ جي ڪناري ويٺو ھو سوچيائين پئي ڇا ڇا نٿو ملي پوءِ به ڄڻ ڪجھه نٿو ملي ـ ڇا ڇا نٿا ڪيون، پوءِ به ڄڻ ڪجهھ نٿا ڪيون، ڇا ڇا نٿا پڙھون پوءِ به ڄڻ ڪجهھ نٿا پڙھون، ڪھڙن ڪھڙن ڏوھن ۾ مبتلا آھيون، پوءِ به ڄڻ بيڏوھي آھيون، يار ھي خسارو آھي ڇا جو ؟ يار ٿيندو نيٺ الائي ڇا؟
اھڙا خيال اياز جي دماغ جي ديوارن تي تيز رفتار ڊوڙڻ لڳا ھئا، ھي پنهنجو پاڻ وساري چڪو ھو، خيال ھن مٿان حاوي ھئا، ھن جي ذھن ۾ ڪا سانت نه ھئي ـ چيائين پئي پنهنجي منھن يار ماڻھو به الائي ڇا آھي ؟ پر مان ڪير آھيان ؟ جيڪڏھن مان واھه ۾ ٽپو ڏيان ته پوءِ ڇا مان سوچڻ ڇڏي ڏيندس ؟ ڇا پوءِ مان ٻي جھان ۾ ھليو ويندس ؟ ٻن سيڪنڊن جي ته ڳالھه آھي پوءِ ڪجهھ ٻيو ھوندو ؟ ڇا پوءِ منهنجي ياداشت ختم ٿي ويندي ؟ ھا پوءِ ٻي زندگي شروع ٿيندي، ھا انسان جي سموري زندگي جو چڪر ٻه سيڪنڊ ته آھي ـ ‘ ھا پر مان ان ڳالھه تي ڇو ٿو سوچيان اھو منهنجو موضوع ته ناھي، اھو منھنجو ڪم ته ناھي، ھا واقعي تڏھن ته چوندا آھن گھڻي سوچڻ سان ماڻھو چريو ٿي ويندو آھي، وڏڙا سچ چئي ويا آھن خدا جي ڳجھه ۾ ھٿ نه وجھجي، ھون به اھڙن سوالن تي سوچڻ منهنجو ڪم ته ناھي، ھا پر يار مان ته ڪميونسٽ آھيان منھنجي سوچڻ لاءِ ته ڪي ٻيا سوال آھن ـ طبقاتي نظام آخر ڪڏھن ختم ٿيندو ؟ انقلاب اچڻ جو آسرو گھٽ ۾ گھٽ ھتي اسان وٽ ته ناھي، اسان وارو يار به جنھن ‘ نوجوان ڏانھن ‘ پڙھيو ھو. پاڻ بيوروڪريٽ لڳو ويٺو آھي، اسانکي وري چوي ٿو ‘ ادب پڙھو، انقلاب پڙھو، فلسفو پڙھو ‘ ھن دنيا ۾ جيڪڏھن برابري ٿي ويندي ته پوءِ يار دنيا جو ڪاروبار ڪيئن ھلندو؟ سڀ جو ھڪجھڙا ھوندا ته پوءِ مزدوري ڪير ڪندو ‘ مولانا سھي ٿو چوي اھا ته خدا جي قدرت آھي ڪميونسٽن جو دماغ خراب آھي، دنيا ۾ برابري آڻيندا، خدا جي ڏني تي راضي ناھن، بس ادا رب رسي ته مت کسي، ايتري ۾ سندس فون جي گھنٽي وڳي ”
ھيلو !!! جي ……ابا ڪٿي ؟ امان شھر ۾ !!!اچ جلدي گھر ، “ھا اچان ٿو ” اڙي يار ست ٿي ويا آھن ،مونکي به ڪنھن شيءِ جي خبر نٿي رھي، اڻ پيتي جا نشا آھن بخاري چيو آ:
اي ڪاش جھڙ ھجان ھا
ڀٽڪيل ڪڪر ڏسان ھان
ڀاڪر کڻي وجھان ھان
ھا يار اياز به چيو آ
بادلو بادلو ڪجھه ت برسي وڃو
رات ترسي وڃو ھن بيابان ۾ ”
ڪڪرن کي ڏسندو جيڪي شاعري ياد پي آيس پڙھندو ڪڪرن کي ڀيٽا ڏيندو گھر ڏانھن روانو ٿيو ـ آسمان بادلن سان ڀريل ھو، چوڌاري گجگوڙ ھئي، رستي ۾ ھڪڙي ماڻھو چيس : سر خوش آھيو، وعليڪم سلام !!! ھي يار روان دوان……ھو ھمراھه پريشان ٿي ويو ڀائو اڄڪلھه ڪھڙي دنيا ۾ ٿو رھي . نيٺ اڄ شھر وارن کي اھو ٻڌڻ لاءِ مليو ته اياز جي دماغ جي رڳ ڦاٽي پئي. شھر وارن پاڻ ۾ ڪچھري پي ڪئي : انسان جون بنيادي ضرورتون پوريون نه ٿينديون ته پوءِ انجو انجام اھو ئي ٿيندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *