تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

بند شھر ۽ بک تي ويٺل سنسار ….جيئند علي مهر

صادق ۽ ساران سدائين هوائي پورهئي جي آسري. سڄو ڏينهن مٿي تي مٽيءَ جي ٺاهيل رانديڪن جا ڀريل کارا کڻي هوڪا ڏيندي ڏينھن رات ھڪ ڪندي نظر ايندا. ڪجھه ڏينهن کان گرمي جو پارو وڌي وڃڻ سبب هڪ به رانديڪو نه پئي وڪاڻو، ٻيو اچانڪ ڪورونا وائرس پکڙجڻ سبب شھر لاڪ ڊائون ٿيا ته سندن روزي جو ذريعو صفا ٺپ ٿي ويو. هر پاسي بک ۽ بيوسين جا منظر”نه ڇَٻِيءَ ۾ شئي نه پيٽيءَ ۾ پئسا “ جيان ٿي بيٺا. اڄ رات به  کاڌي نه ھجڻ سبب گھر جا سڀ ڀاتي بکئي پيٽ ستا.
ساران …او ساران صادق جي سڏ تي سڄو ڏينهن بک ۾ پاھُ ٿيل ساران مڙئي اکيون کولي ھن ڏانھن تڪيو ۽ وراڻيو : جي صادق جي …“ ساران صادق جي ٻانهن جي ٽيڪ تي اٿي چوڻ لڳي …ٽن ڏينھن کان  نه پيٽُ ڀري ماني کائي سگهيا آھيون ۽ نه ئي وري مزدوريءَ تي وڃي ٿا سگھون. اسان ته کڻي بکئي پيٽ رهي به پئون پر…پر معصوم ٻچا ڪاڏي وڃن ؟ ڪو پاروٿو  لولو به ناھي، جو ٻچڙن جي پيٽ جي بک اجھامي ! “
صادق پاڻي ڀريل لوٽي ۾ پنهنجو ڌنڌلو عڪس ڏسندي اندر ئي اندر ڀُرندو رهيو. ”وڃ ڙي نصيب… هن مفلسيءَ ته زندگي زهر ڪري ڇڏي آ !!“ ساران ويتر صادق جي اکين ۾ پاڻي آڻي ڇڏيو …پنهنجون اکيون به ان ستم ظريفيءَ منجھ روئي سُڄائي ڇڏيون هئائين …ڪالھه ته مولوي صاحب پاڙي واري مسجد ۾ پاڙي ۾ رهندڙن مسڪينن غريبن لاءِ ته ڀلي تقرير پئي ڪئي ۽ هڪ هڪ ڪري پاڙي وارن جا حق پئي ٻڌايائين ته اگر پاڙي ۾ ڪوئي بک تي سمهي پوي ۽ اوهان ڍءُ ڪري کائو، ته رب اوهان کان ان عمل جي پڇا ضرور ڪندو …!پر  اڄ تائين اسان ڏي ته پاڙي مان ڪنهن به لڙي ليئو ناهي پاتو. ڪو اسان جي ڪچين جھوپڙين ڏي به کڻي نھاري ھا!!…جھوپڙين ۾ به ماڻھو رهندا هوندا…ڪجھه کائڻ پيئڻ  لاءِ  هوندن … لولو به پچايو اٿئون الائي نه …“
صادق اصل صفا دل لاهيندي درد جي ڪڙاڻ جا لاڳيتو ڍڪ ڀريندو رهيو …
”صادق پل پل جي قيمت ڀرڻي ٿي پوي، ٻيا سک ته ٺهيو پر هت ته زندگيءَ رڳي مانيءَ ڳڀي لئي ڊوڙائي ڊوڙائي ساھُ سُڪائي وڌو آ” ساران به اُلڪن مٿان اُلڪا ڳڻيندي رهي. ساران پھريان تيز هوائن ۽ برف جهڙي ٿڌ هجڻ سبب رانديڪن وڪڻڻ واري روزي ماٺي ٿي هئي ۽ ھاڻي ته بند ٿيل شھر جي ويرانين روزگار جي محدود وسيلن جا به رستا بند ڪيا آھن  “صادق ٽوڪرن  ۾ پيل رانديڪڙن کي حسرت ڀريل نگاھ سان ڏسڻ لڳو، ڄڻ ته سڀئي رانديڪا به صادق کي پنهنجي بي حسيءَ جو احساد ڏئي رهيا هئا …اڃا ڪيترو لوڙڻو پوندو خدايا! …ڪا راھ کولي ڏي مالڪ!…“ صادق سوچي سوچي ھڪ اھڙو رستو وٺڻ لاءِ تيار ٿي ويو، جنهن تي هلندي ٻچڙن جي لاءِ ماني ٽڪي پنهنجي لاءِ سگريٽن جا پئسا ساران جي ٽي بيءَ جي ڪورس جون گوريون وٺڻ جي اميد جاڳي پئي، نه ته هيءَ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ءِ بي قدرائپ ويتر ڪِنو ڪندي ٺٺوليون پئي ڪندي عمر ڀر لاءِ  …
”ساران …اوساران …ٻُڌ ته …“  صادق ڪا ڳالھه نٿي وڻي هاڻي “ساران بيزاريءَ منجهان پٽَ تي ستل ئي رهي .چري پنھنجن ٻچن جي تڪليف ھاڻي ڏٺي نه ٿي ٿئي. اٿ ته ڪن درن تي ھلي ٻاڏايون، من ڪو اسان جي حال تي رحم کائي… ائين ته ڪو ترس کائي پاڻ ھرتو ڪو تڪي ئي نٿو… جي ائين نه ڪيوسين ته جيئرا نه رهي سگهنداسين… ويچارن  ٻچڙن جو خالي پيٽ ته  ڀرينداسين…ڌنڌي جا به حال ڏسين پئي…سڀ ڪجھه بند آ هفتي کان، تو ٽي بيءَ جون گوريون به ناهن کاڌيون، مان سگريٽ پيئڻ کان سڪي مئو هان …“  ساران پهريان ته انڪار ڪيو پر مجبوري ڏسي پنهنجا لڙڪ اگهندي اڌ رات جو ئي صادق جو ساٿ ڏيندي پنھنجي ڀر وارن گھرن ڏانھن پيرين پنڌ نڪري پئي… ساران جي اکين اڳيان ممتا جو روحُ  لڇي پڇي رڙيون ڪري چوڻ لڳو ته” ٻچڙن جي سِرَ خاطر  اگر طعنا مهڻا به ملياـ تڏھـن به سهنداسين… گهٽ ۾ گهٽ پيٽ ڀري ماني ته کائينداسين…  اميرَ ته ڏينهون ڏينهن اميرَ ٿيندا ٿا وڃن پر غريب جو جيئڻ جنجال ٿيندو ٿو وڃي، هن انڌي  حڪمرانيءَ  ته  مهانگائي جو ڪارو جِنُ بوتل مان ٻاهر ڪڍي وات مان پيل گرھُ به کسي ورتو آھي …!!  صادق ڪيتريون اميدون کڻي پاڙي وارن جا در کڙڪاياـ مگر جڏھن گھر موٽيو ته ھن جي خالي جھولي صرف ڳوڙھن سان ڀريل ھئي ـ ھن جي بکي پيٽ تي ڪنھن کي رحم نه آيو ـ ھن کي لڳو ڄڻ سڄو سنسار انڌو، ٻوڙو ۽ گونگو بڻجي ويو ھجي !!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *