تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

بلوچي لوڪ داستان… دوستين ۽ شيرين جو عشق …ش.م ش/ طفيل مگسي

بلوچستان جي هن داستان جو تعلق ان وقت سان آھي جڏھن ترڪن جي لشڪر بلوچستان کي به پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو هو.هن بلوچي داستان مطابق بلوچن جي رند قبيلي ۾ “دوستين “نالي هڪ بهادر ۽ ارڏو خوبصورت نوجوان هوندو هو.سندس مڱڻو پنهنجي ئي قبيلي جي هڪ جوان مرد لعل خان جي نياڻي “شيرين“ سان ٿيو هو.جيڪا سڄي بلوچستان ۾ خوبصورت ليکي ويندي هئي.هن کي چنڊ جو ٽڪرو سڏيو ويندو هو.اڃا سندس شادي نه ٿي هئي ته سندن علائقي مٿان ترڪن حملو ڪري ڏنو.ڇاڪاڻ ته اهو حملو بنھه اوچتو ۽ غير متوقع طور تي هو.ان ڪري رندن جو مختصر قبيلو پوري طرح ھٿيار بند نه ٿي سگهيو هو.تنهن هوندي به هنگامي حالتن ۾ جيڪي هٿيار گڏ ٿي سگهيا ۽ ماڻھو ملي سگهيا.
انهن نهايت دليري سان جان جي بازي لڳائيندي مقابلو ڪيو.پر نيٺ کين شڪست ملي ۽ ڪيترائي رند شھيد ٿي ويا.باقي جيڪي قيدي بڻيا انهن سان به ترڪن پنهنجي عادت مطابق ڏاڍيون جٺيون ڪيون ۽ کين خوب ايذايو.ترڪن رندن جي سازوسامان جي به ڦرلٽ ڪئي.انهن قيدين ۾ “دوستين“ به شامل هو.جيڪو وطن ۽ قوم جي عزت وناموس جي ويڙھ وڙھي چڪو هو. ۽ ڪيترن ئي ترڪن جا ڪنڌ ڪٽي چڪو هو.پر پاڻ شھادت جو جام پيئڻ کان محروم رهجي ويو هو.ڇوته موت جو وقت مقرر ٿيل هوندو آھي ترڪن.دوستين کي پنهنجي ڪنهن مضبوط ڪال ڪوٺڙي ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ کيس طرحين طرحين جون تڪليفون ۽ اذيتون ڏنيون.ذھني ۽ جسماني عذاب ڏنا.ڇاڪاڻ ته ترڪ ظلم ۽ سفاڪي ۾ سڄي تاريخ ۾ بدنام آھن.دوستين سڀ تڪليفون برداشت ڪيون.هو زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندي به شيرين جي ياد ۾ سرشار هو.دوستين آزادي لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر بلند وبالا ڀتين ۽ سخت چوڪيداري جي ڪري هو ان قيد مان نڪري نه سگهيو.الله کي جيڪو منظور دوستين کي ان قيد وبند ۾ ڪيترائي سال گذري چڪا هئا.هوڏانهن شيرين جا والد دوستين جون راهون تڪيندي تڪيندي ٿڪجي پيا ۽ ھو مايوس ٿي وياکين اها پڪ ٿي وئي هئي ته دوستين مري ويو آھي.نه ته ايترا سال گذرڻ کانپوءِ ھو ڪٿي به هجي ها ته موٽي اچي ها.جڏھن رندن جو قبيلو دوستين جي زندگي کان بلڪل مايوس ٿي چڪو ته ڪيترن ماڻھن لعل خان کان سندس نياڻي شيرين جو سنڱ گهرڻ شروع ڪيو.ڇاڪاڻ ته بلوچستان جي قبائلي روايتن مطابق نوجوان ڌيءُ کي گهڻو عرصو پنهنجي گهر ۾ رهائڻ سٺو نه سمجهيو ويندو هو.ان ڪري لعل خان هڪ معزز گهراڻي جي نوجوان جي درخواست قبول ڪري ورتي.
اتفاق سان هڪ ڏينهن ان علائقي جو گورنر جبل ۾ موجود قيدين جو حال وٺڻ لاءِ جيل جي دوري تي آيو.جيل جي معائني دوران جڏھن هن دوستين کي ڏٺو ته سندس جسماني بناوٽ ۽ قد بت کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ سوچيائين ته هي شاهي گهوڙن جو“سينيٽس“بنائڻ لاءِ  نهايت موزون ٿو لڳي. گورنر جي حڪم تي دوستين کي آزاد ڪيو ويو. ۽ وڏي سينيٽس کي حڪم ڏنو ويو ته شاهي گهوڙن مان ٻه گهوڙا دوستين جي حوالي ڪري ۽ پاڻ مٿس نظر به رکي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ دوستين جي چوڻ تي رند قبيلي جي هڪ ٻئي قيدي کي آزاد ڪري دوستين جو مددگار بڻايو ويوڏينهن گذرندا ويا ۽ عيد به ويجهي اچي وئي .اتان جي رسمن رواجن موجب عيد تي شاهي درٻار لڳندي هئي.ان موقعي تي ڪرتب به ڏيکاريا ويندا هئا. عيد جو ڏينهن اچي ويو.مقابلا شروع به ٿيا.نشاني بازي تير اندازي جا مقابلا به ٿيا ۽ سڀ کان پڇاڙي ۾ گهوڙن جي ڊوڙ جو مقابلو شروع ٿيو. دوستين گورنر کي عرض ڪيو ته.کين اجازت ڏني وڃي ته هن کليل ۽ وسيع ميدان ۾ گهوڙن کي آزاد ڇڏي ڏيون ۽ ڪرتب ڏيکاريون.گورنر اجازت ڏني.هنن گهوڙا کوليا ۽ گورنر جي ڀرسان اچي وڏي واڪ چيائون ته اوهان اجازت ڏني ان ڪري اسان هاڻي وڃي رهيا آھيون.شاهي گهوڙا جيڪي صرف اشاري جا محتاج هئا.هوا سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا.گورنر ۽ ٻئي مجموعي ڏٺو ته دوستين ۽ سندس ساٿي ته نظرن کان اوجهل ٿي رهيا آھن.گورنر سخت ڪاوڙ ۾ اچي سوارن کي حڪم ڪيو ته ڀڳوڙن کي زنده يا مرده واپس ڪيو وڃي.بهترين گهوڙي سوار سندن ڪڍ لڳا پر سنڌن ڌوڙ به نه ڏسي سگهيا ۽ مايوس ٿي موٽي آيا .
دوستين ۽ سندس ساٿي منزلون طئي ڪندي نيٺ اچي پنهنجي وطن پهتا. دوستين کي شيرين سان ملڻ جي مانڌ ھئي.پر هو پڇي ته ڪنهن کان پڇي نيٺ کيس هڪ ٻڪرار جو ڇوڪرو نظر آيو.جيڪو پنهنجين ٻڪرين جي ڌڻ ۾ ڏاڍو اداس ويٺو هو. دوستين ان ڇوڪري کي سڃاڻي ورتو.هو سندس ننڍو ڀاءُ ھو.هن کيس پنهنجو ڀاءُ چئي تڙ تڪڙ ۾ شيرين جي باري ۾ ڪجهه پڇيو ۽ پوءِ شيرين طرف روانو ٿيو.پاڙي ۾ پهتو ته ڏٺائين ته شادي جو انتظار ٿي رهيو آھي.پنڊال سجايو پيئي ويو.
دوستين به پنڊال ۾ ھڪ ڪنڊ کان اچي ويٺو.اتي ويٺل ماڻھن کيس ٻڌايو ته هن پاسي ته شاعر حضرات ويهندا.ڇا تون به شاعر آھين ؟ دوستين وراڻيو ها مان به شاعر آھيان.هن شادي بابت ٻڌي اچي هتي نڪتو آھيان.اوهان مون کي ساز ڏيو.ساز جي درديلي ڌن تي دوستين بلوچي ۾ زبردست شعر چوڻ شروع ڪيا.هيڏانهن دوستين جا اندر ۾ وڍ وجهندڙ الاپ جاري هيا.پردي جي ٻئي پاسي شيرين حسن ۽ درد جو مجسمو بڻي اکين مان نير وهائي رهي هئي.سندس سهيليون کانئس ان خوشي جي موقعي تي روئڻ جو سبب پڇي رهيون هيون.ايتري ۾ شيرين جي ڪن تي دوستين جو آواز پيو.هن ٻڌڻ سان ئي دوستين جو آواز سڃاڻي ورتو.حقيقتن تان پردو کڄڻ لڳو.دوستين سڀني سان پنهنجي واقفيت ڪرائي ۽ حقيقت ٻڌائي.رندن دوستين کي ڇاتي سان لاتو.گهوٽ جيڪو شادي جي لباس ۾ ھو چيائين ته“ دوستين تنهنجي زندگي کان مايوس ٿي ڪري تنهنجي امانت جو بار مان کڻڻ لاءِ اڳتي وڌيو هئس.هاڻي خوش قسمتي سان تون زنده سلامت واپس آيو آھين ته پنهنجي امانت سنڀال .شيرين جيئن اڳ ۾ ئي تنهنجي هئي تيئن هاڻي به تنهنجي ئي آھي“ دوستين ان نوجوان جا تمام گهڻاٿورا مڃيا. شادي ۾ موجود رندن جي چڱن مڙسن جو به اهو خيال هو ته دوستين ۽ شيرين جو نڪاح پڙھايو وڃي.انهن ٻنهي جو نڪاح پڙھايو ويو ۽ ٻارنهن سالن جي ڊگهي عرصي کانپوءِ ٻئي محبت سان ٽمٽار دليون سدائين لاءِ ھڪ ٿي ويون.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *