تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

بلوچستان ۾ هڪ رقاصه جي نالي سان منسوب سرنگهه…..

بلوچستان ۾ هڪ صدي اڳ ٺاهيون ويندڙ ريلوي سرنگهون اڄ به پنهنجي صحيح حالت ۾موجود آهن، جن جي طرز تعمير نرالي هجڻ سان گڏوگڏ ٺاهيندڙن جي ڪمال مهارت جي عڪاسي ڪري ٿي. برطانوي حڪومتي دور ۾ بلوچستان جي خشڪ ۽ سنگلاخ جبلن ۾ دفاعي نقطه نگاهه کي سامهون رکي جبلن جو سينو چيري ريلوي لائين ۽ سرنگهون ٺاهيون ويون هيون، جن جي باقاعدي منظوري 1876ع ۾ وائسراءِ هنڊلارڊلٽن ڏني هئي ۽ ان جي تعمير جو ڪم 1879ع ۾ شروع ٿيو.
انگريز هن سنگلاخ ۽ ڏکئي جابلو علائقي ۾ ريلوي جو ڄار وڇائڻ ۾ ڇو دلچسپي رکندا هئا؟ ان جو سبب گريٽ گيم آهي. انگريزن کي خطرو هو ته روس اوڀر طرف وڌندي وڌندي ڪٿي هندستان نه اچي پهچي، ان لاءِ انهن ان علائقي کي ريلوي وسيلي باقي هندستان سان ڳنڍڻ پئي چاهيو، جيئن امڪاني روسي حملي جو فوري جواب ڏيڻ لاءِ فوجون ۽ رسد جي ترسيل کي يقيني بڻائي سگھجي. بلوچستان ۾ ريلوي جون اڪثر سرنگهون ڪنهن خاص علائقي يا نالي سان منسوب ڪيو ويون آهن. چيو وڃي ٿو ته خوجڪ يا شيلا سرنگهه جو نالو ان وقت جي مشهور رقاصه شيلا جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. سڄو ڏينهن جبل کوٽڻ جي چيلهه چٻي ڪرڻ جھڙي محنت کان پوءِ شام واري وقت عملو ۽ مزدور ان رقاصه جو ناچ ڏسي محظوظ ٿيندا هئا.
بلوچستان جي سينيئر تجزئي نگار، ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر عرفان بيگ جو چوڻ آهي ته خوجڪ سرنگهه جي تعمير دوران انجنيئر کي گمان ٿيو ته شايد سرنگهه جي تعمير جي کوٽائيءَ جو اندازو غلط ٿيو آهي. اهو صدمو ان کان برداشت نه ٿيو ۽ هن آپگھات ڪري ڇڏيو. پر پوءِ خبر پئي ته سرنگهه بلڪل ٺيڪ کوٽي وئي هئي ۽ ان جا کوٽيل ٻئي مُنهن پاڻ ۾ ٺيڪ طرح ملي ويا. ان سرنگهه جي تعمير جو ڪم 1888ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1891ع ۾ ختم ٿيو. کوٽائيءَ دوران اونداهي سرنگهه کي روشن ڪرڻ وڏو مسئلو هو. ان جو حل اهو ڪڍيو ويو ته سرنگهه جي منهن ويجھو تمام وڏا آئينا رکيا ويا جن مان سج جي روشني منعڪس ڪري سرنگهه جي اونداهيءَ کي دور ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي هئي. ڊاڪٽر عرفان بيگ جو چوڻ آهي ته خوجڪ سرنگهه جي تعمير جي فورن پوءِ آسٽريليا ۾ جڏهن ان طرز جي هڪ سرنگهه تعمير ڪئي پئي وئي ته خوجڪ سرنگهه جو عملو ئي اتي پهتو ۽ ان سرنگهه جو ڪم مڪمل ڪيو. دوزان ريلوي اسٽيشن سان لڳ واقع سرنگهه کي “ونڊي ڪارنر” چوندا آهن ان سرنگهه جو نالو اتي گھلندڙ هوائن جي ڪري رکيو ويو هو.
ڪولپور ۽ دوزان وچ ۾ واقع سرنگهه “ميري جين” نالي سان مشهور آهي. سرنگهه جي تعمير دوران انجنيئر جي گھرواري فوت ٿيڻ کان پوءِ ان جي قبر ان سرنگهه جي مٿان ٺاهي وئي، جنهن جي ڪري ان سرنگهه جو نالو “ميري جين” رکيو ويو. ان دور ۾ ٺاهيل ريلوي لائين ۽ سرنگهن جي تعمير ۾ خوبصورتي جو عنصر واضح نظر ٿو اچي، جيڪو اڄ به پنهنجي نوعيت ۽ مهارت جو چٽو ثبوت آهي. ريلوي جو رٽائرڊ انجنيئر محمد علي اڄ به انگريز دور جي ٺاهيل سرنگهن جي فن تعمير جو مداح آهي ۽ چوي ٿو ته انگريز پنهنجي ڪم سان سچا هئا ۽ محنت لڳن سان ڪو ڪم ڪندا هئا جنهن جو ثبوت ڏيڍ صدي اڳ تعمير ڪيل هي سرنگهون آهن. بلوچستان ۾ هن وقت ننڍيون وڏيون 30 جي لڳ ڀڳ ريلوي سرنگهون آهن جن ۾ شيلاباغ سرنگجج جي ڊگھائي 12 هزار 860 فوٽ آهي ۽ ان جو ڳاڻيٽو دنيا جي ڊگھي ترين سرنگهن ۾ ڪيو ويندو آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *