تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

بلاول کي ڌمڪيون: سوشل ميڊيا تي بحث

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ٽي پي پي اڳواڻ پاران ڌمڪيون ڏيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو آهي ۽ ڌمڪين جي مذمت پڻ ڪئي پئي وڃي، اهو معاملو ڪجهه ان طرح رپورٽ ٿيو آهي ته سيڪيورٽي ادارن جي قيد مان فرار ٿيل ٽي ٽي پي جو اڳوڻو ترجمان احسان الله احسان هڪ ڀيرو وري سرگرم ٿي ويو آهي، ٽي ٽي پي جي اڳوڻي ترجمان احسان الله احسان جو ٽوئيٽر اڪائونٽ به ايڪٽو آهي ۽ هن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڌمڪيون پڻ ڏنيون آهن. احسان الله احسان جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان بلاول ڀٽو زرداري جي ان تقرير جو جواب ڏنو ويو آهي جنهن ۾ هن اساما بن لادن کي شهيد قرار ڏيڻ تي وزيراعظم عمران خان جي بيان جي مذمت ڪئي هئي. پنهنجي جوابي ٽوئيٽ ۾ احسان الله احسان بلاول ڀٽو زرداري کي مخاطب ٿيندي چيو تنهنجو انجام به تنهنجي ماءُ جهڙو ٿيندو. ان اڪائونٽ تان آخري ٽوئيٽ 13 جولاءِ 2020ع جي ڪيل آهي. ٻئي طرف پيپلزپارٽي احسان الله احسن جي ڌمڪي مذمت ڪندي قانوني ڪارروائي لاءِ ڪاميٽي جوڙي آهي. اهڙي معاملي تي مختلف ماڻهن سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪيون ويون، فاروق سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته احسان الله احسان جي ڌمڪي بلاول کي مسنگ پرسنز بابت ۽ سنڌ حڪومت جي پرواهه نه ڪرڻ جو جواب آهي، هاڻي ته سمجهو جهيڙو اقتدار جو ناهي، اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي الطاف خاصخيلي لکيو ته بلاول سميت ڪنهن به سياسي اڳواڻ کي ڌمڪيون ملن ان جي مذمت ڪجي ٿي، شوڪت علي سريوال لکيو ته مسنگ پرسنز جي ڪيمپ تي پوليس جي چڙهائي به روز بلاو جي سنڌ حڪومت ۾ ئي ٿئي ٿي، خالد گل نظاماڻي لکيو ته احسان الله احسان فرار ٿي ويو هو اها ڳالهه لڪائي وئي؟ بلاول کي اصولي موقف اختيار ڪرڻ تي رستي تان هٽائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، نثار لغاري لکيو ته جهيڙو اقتدار جو به آهي باقي بلاول جا ڪهڙا اصول آهن اهو ثابت ٿي ويو آهي، ڌمڪي جي مذمت ڪجي ٿي.امداد سومرو لکيو ته هن وقت بلاول جو عملي طور سنڌ حڪومت تي ڪنٽرول آهي ڪو هڪ ئي سيڪٽر ٻڌايو جنهن ۾ بهتري آئي هجي. ان کانسواءِ علي ڪامران سهتو، ستار چنا، حفيظ ڪنڀر، ستار مهر، ظفر علي، امر هڪڙو، ولي ناريجو، نديم بوزدار، محسن رند ۽ ٻين پڻ ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *