تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

بــجـــيـــٽ … صدام جوکيو

صفدر: هيلو، هيلو، ادا عرفان منهنجو آواز اچي ٿو؟ هيلو،
عرفان: جي ادا السلام و عليڪم، ڪهڙا حال اٿوَ هاڻي آواز اچي پيو،
صفدر: وعليڪم السلام، ادا خير لڳو پيو آهي، توهان ٻڌايو خوش آهيو؟
عرفان: الله سائين جو شڪر آهي، اڄ ڀلا ڪيئن صبح سان فون ڪئي اٿو؟
صفدر: ها ادا بس اهو حال احوال ٿي ڪيو ته حڪومت طرفان بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، اها ڏٺي آهي توهان؟
عرفان: ادا صفدر ڪهڙي بجيٽ؟ مڙئي پاڻ ۾ ويهي انگ اکر عوام اڳيان اڇلائي ڇڏيا اَٿَن، نه سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڪا واڌ آئي نه ئي ڪنهن بي روزگار پڙهيل لکيل نوجوان لاءِ ڪنهن نوڪري جو اعلان ٿيو.
صفدر: پر ادا هيءَ ته وڏي ناانصافي آهي، وزيراعظم نئين پاڪستان ٺاهڻ جا واعدا ڪيا هئا ۽ چيو هئائين ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ پنجاهه لک گهر ٺهرائي ڏنا ويندا ڀلا، گهر نه ٺهيو ته ڇَپَرَن ۾ ويهي به گذر ڪنداسين پر جي هن بجيٽ ۾ نوڪرين ڏيڻ جو ڪو به اعلان ناهي ٿيو ته پوءِ اسان جيڪي ايتريون محنتون ڪيون، هيڏيون ڊگريون حاصل ڪيون، غريب پيءُ ماءُ جا پئسا خرچ ڪري پڙهياسين، اُهي ته ڪنهن به ڪم جون نه ٿيون؟
عرفان: ادا صفدر ملڪ جي پوري تاريخ پڙهي ڏس، ڇا ڪڏهن ماضيءَ ۾ پهريائين نوجوانن کي هڪ ڪروڙ نوڪيون مليون آهن، جو هيئنر ملنديون؟ ماٺ ٿئي ڀلي، اسان کي اعليٰ تعليمي ادارن مان پڙهي وري به اهو ئي ڪو ننڍو وڏو دڪان هلائڻو پوندو.
صفدر: ادا ڪير هن بي حس نظام کي چيئلنج نٿو ڪري سگهي ڇا؟ ڇا هن نظام کي تبديل ڪرڻ واري ڪا به قوت ناهي؟ ڇو هر دفعي حڪمران پنهنجي مرضي هلائين ٿا؟
عرفان: ادا هن نظام کي جيڪڏهن ڪو ٽوڙي سگهي ٿو ته اُهو آهي عوام جو اتحاد، جيڪڏهن عوام هڪ سوچ هڪ زبان بڻجي وڃي، همٿ ڪري اڳتي اچي ته انقلاب به اچي سگهي ٿو، پوءِ ڏس ته ڪيئن ٿا سڀئي سِڌا ٿين پر ڳالهه اها آهي ته عوام کي اُهو شعور ئي ناهي، اڃان اُها سمجهه ئي ناهي ته پوءِ ڪيئن ڀلا انقلاب ايندا ۽ ڪيئن نظام درست ٿيندو.
صفدر: بس ادا پاڻ پاڪستاني آهيون اسان جي قسمت اها ئي آهي، مان به ڏسان سڀاڻي کان پاڙي جي ٻارن کي ٻَٽَن روپين تي ٽوشن پڙهايان، مڙئي گذر ڪيون، هاڻي نوڪريءَ جو آسرو ئي نه رهيو،،
ها ادا رب ڀلائي ڪندو هاڻي اجازت.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *