تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ وڌيڪ 45 ڄڻا ڪورونا جو شڪار، ضلعي ۾ وائرس سٽيلن جو انگ 265 ٿي ويو
  • ڪنڊيارو: سهڙا مائينر ۾ وهنجندي ٻه ڀائر ٻڏي ويا،هڪ جو لاش هٿ
  • *ڪنري ڀرسان نوجوان مبينا طور ڦاھو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *25ورهين جي گلجي ڪولھي ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو *ڳوٺاڻن پاران پوليس کي اطلاع، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو *
  • *نئون ڪوٽ ۾ رورل هيلٿ سينٽر جي ٽن ملازمن سميت 4 ڄڻا ڪورونا جو شڪار *ڳوٺ چوڌري محمود واسي ٽي بي جو مريض به ڪورونا جو شڪار ٿي ويو *
  • *ڇاڇرو ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازم سميت 2 ڄڻا ڪورونا جو شڪار *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو*
  • *شيخ ڀرڪيو ۾ بي ايڇ يو سينٽر جا 6 ملازم ڪورونا جو شڪار، او پي ڊي بند *ٽن ليڊي هيلٿ ورڪرز سميت 6ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق بعد گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو *
  • *جهول ڀرسان 10 ورهين جي نينگري مرگهي جو دورو پوڻ سبب واهه ۾ ڪري ٻڏي فوت*
  • *احمدپور ويجهو نامعلوم شرپسند زميندار جي هڪ ايڪڙ تي بيٺل ڪيلن جو باغ وڍي فرار *ڪيلن جو باغ وڍي لکين روپين جو نقصان پهچايو ويو: راجا ارباب سنديلو *
  • *ڳڙهي خيرو ويجهو نوجوان بيماريءَ کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو *ڳوٺ مھيندرو ڪٽوھر واسي امداد علي ڪٽوهر پاڻ تي بندوق جو فائر ڪري مبينا آپگهات ڪيو *
  • *ٻيلو شھر ۾ صحت مرڪز جا 3ملازم ڪورونا جو شڪار، متاثرن جو انگ 8 ٿي ويو *صحت مرڪز جي 9 ملازمن مان ٽن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي*
  • *عمرڪوٽ: بيواهه راحيلا راجپوت کي ساهرن پاران تشدد ڪري گهران ڪڍڻ وارو ماملو، ايس ايس پي جو نوٽيس *بيواهه راحيلا راجپوت جي فرياد تي ڪيس داخل *ڪيس ۾ زيب النسا عرف بلو، اسامه منصور ۽ سندس زال شائسته جوابدار نامزد *
  • *پيرجوڳوٺ: پريالوءِ اسپتال جي 12ملازمن ۾ڪورونا جي تصديق *تعلقي ڪنگري ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 65 ٿي ويو*
  • *سنجهورو ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 11ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 31 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ صحت کاتي جا 8 ملازم به شامل*
  • *بدين ۾برسات بعد بند ٿيل بجلي 12 ڪلاڪن کان بحال نه ٿي، رهواسي تڪليفن جو شڪار *نندو،کوسڪي، شادي لارج جي سوين ڳوٺن جي بجلي بند، رهواسي سخت گرمي سبب بيحال *سخت گرمي ۾بجلي بندش سبب سخت پريشان آهيون، بجلي بحال ڪرائي وڃي: رهواسي *

بريڪ ڊائون ٿيل زندگي ۽ اداس شامون….رضاعلي سنجراڻي

سي ويو تي لھندڙ سج اڄ ھن خاموش ڪراچي کي ڏسي ڇا سوچيندو ھوندو جيڪو سج ھميشه ڪراچي جي مصروف زندگي جو مشاھدو ڪري پوءِ ننڊ سمھي پوندو ھو ھاڻي ڪراچي جي ڪُن تي شام جو ڪنھن البيلي ناري جي چھري تي پنھنجا ڇڙواڳ پاڇا ڇڏيندڙ سج جنھن جا نيڻ سنڌ جي دل ڪراچي جي مصروف زندگي جي اوچتي بريڪ تي تعجب جي دنيا ۾ گم آھن ته اوچتو ھن وسندڙ ديس کي ڪنھن جي نظر لڳي وئي ۽ جنھن جي نيڻن مان ھاڻ ننڊ اڏامي چڪي آھي بس ھاڻي ھن سج جي اشرف المخلوقات جي لڳيل ھن اوچتي بريڪ تي ريسرچ جاري آھي ته آخر ڪار مخلوقات ۾ اول درجي تي پھتل ھن مخلوق کان ڪھڙي غلطي ٿي آھي!!
سي ويو تي لھندڙ سج ڪيڏو نه خوبصورت لڳندو آھي جيڪو ڪراچي جي ڪن ۾ ٽٻيون ھڻي پوءِ سڪون سان سمھي پوندو آهي، جيڪو خوابن ۾ ھميشه سنڌ جي حسين جسم کي ڏسڻ جو ئي منتظر ھوندو آھي جيئن جوڀن جي سيرن ۾ ترندڙ نوجوان جيڪي پنھنجي پريمين کي اکين ۾ ئي سمھاريندا آھن ۽ جنھن سج جي آخري ڪرڻن تي محبت جو اظهار ڪندڙ ماڻهو اڄ ڪٿي آھن؟ جيڪي ھن سمنڊ جي ڇولين جي موسيقي ۽ ڪراچي جي کينچلين ھوائن تي بھار جي شام کي چمين جي چراغن سان لھندڙ سج جي آخري ڪرڻن جي زيرو بلب جھڙي ڌندلي روشني سان ھن بھار جي شام کي روشن ڪري ڪنھن مست جام جي شڪل ڏيندا ھئا. اڄ سي ويو تي سج ويڳاڻو آھي، بھار جي شام ڪنھن اداس عمر جي آخري ڏاڪن ۾ گرفتار ناري جي نيڻن جيان پنھنجا وڇڙي ويل لمحا ڳولي رھي آھي ۽ ڪراچي جي اونچين عمارتن جي دري مان ڪا اپسرا ڪراچي جي رستن کي ڳاڙھو ڪندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڊگھي پيرڊ کانپوءِ ھاڻي ھن وبا جي وڪڙ ۾ شھر جي اوچتي ويراني جو مشاھدو ڪري پنھنجي ڊائري تي ھن شھر جي سنساني تي ڪو تبصرو ضرور ڪري رھي ھوندي!!
تڏھن ته جون ايليا لکيو ھو ته:
ھي ڪھڙو نقصان ٿي ويو پنھنجو،
سارو شھر سنسان ٿي ويو پنھنجو!!
ھميشه ننڍي ھئڻ جي دعويٰ ڪندڙ يڪتاري جي تارن جيان ھميشه جھومي شاعري پڙھندڙ جون ايليا آخر ايترو اڳ شھرن جي سنساني کي ايتري آسان انداز سان ڪيئن بيان ڪري ويو اھو سوال ضرور ڪنھن ذھن ۾ مقناطيسي کينچل پيدا ڪري رھيو ھوندو! اھا ھوندي آ شاعر جي عڪاسي جيڪي انسان جي روزمرهه جي چرپر کي ڏسي ان جي مستقبل جي تصوير جي نمائش پنھنجي شاعري ۾ ڪري ويندا آھن پر جنھن الفاظن کي سمجھڻ لاءِ انسان کي اڃان پنھنجي ذھني صلاحيتن کي اڀارڻو پوندو. ھي ڇا ٿي رھيو آھي؟ ڪڏھن ووھان جھڙي مصروف شھر ۾ ڪرسمس جا گيت اڌورا رھجي ٿا وڃن، ڪڏھن محبتن جو عالمي ڏھاڙو به ھن اشرف المخلوقات جي اداسي سبب محبت جي ليبل جو وزن کڻي چين جي ڌرتي تي پنھنجا لڙڪ لاڙي ٿو، ڪڏھن نيويارڪ جي شام وشال رستن تي انسانن کي تڙپندي ڏسي پنھنجي زندھ ھجڻ تي سراپا احتجاج بڻجي وڃي ٿي، ڪڏھن سنڌ جي ڌرتي تي رنگن جا ڏڻ ھاڻي مرڪن بدران سرخ خون سان لبريز لاشن جا تحفا کڻي ٿا اچن، ڪڏھن اسلام آباد جي پھاڙن ۾ پروين شاڪر جي شاعري ھن انسان جون عجيب حرڪتون ڏسي خودڪشي ڪري ٿي ڇڏي، ڪڏھن پئرس جي رئي جو پلؤ وبا جي ور ۾ اچي ٿو وڃي جنھن تي فرانس جي اکين مان سفيد پاڻي وھي ٿو، ڪڏھن ايران ۽ اٽلي جي رستن تي بھار گلن جا لاشا کڻي اچي ٿي ۽ ڪڏھن سائنسي تجربيگاھ ۾ انسان پاڻ کي ئي مارڻ جون اڻ کٽ ڪوششون ڪري ٿو.
اھا بھار جيڪا سڀني موسمن جي راڻي آھي جنھن جي آمد سان ڌرتي پنھنجي جسم کي نئين ويس سان ڍڪي ٿي پکي انھي موسمي ميلي تي پنھنجي جسم کي ائين آڪاس ۽ ڌرتي جي وچم ۾ لوڏيندا آھن جئين ڪا نوجوان ناري پنھنجي ڪڇ تي دلا رکي سنھڙي چيلھه کي وڏي ناز سان لوڏيندي آھي، اھا بھار جنھن جي آمد سان محبتن جي ورکا ٿيندي آھي انھي بھار جنھن جي آمد سان باغن ۾ فطرت جي سريلي سازن سان پکين جا رقص شروع ٿي ويندا آھن جئين قلندر جي نگري تي ڌمال جي ڌن ۾ ملنگ وجد ۾ اچي پنھنجن گھنگريالن زلفن کي لوڏيندا آھن!! ھا اڄ اھا ساڳئي بھار آھي اڄ اھو وقت جي چڪر اسانکي ان ساڳئي موسم ۾ کڻي آيو آھي جنھن ۾ گيت گونجندا آھن پر اڄ اھا موسم جيڪا ظاھري بھار ته آھي پر جنھن ۾ اھا حقيقي مقناطيسيت ناھي اڄ اھا بھار جيڪا ان عورت جيان اداسي جي لباس ۾ ويڙھيل آھي جيڪا رسمن جي رسي ۾ رتورت ٿي پنھنجي زندھه ھجڻ تي احتجاج ڪندي آھي!! اڄ بھار جي چھري تي مرڪون غائب ٿي چڪيون آھن جيئن ناانصافين جي وبا ۾ انصاف جو ملڻ ھڪ وڏو چلينج ھوندو آھي بلڪل ائين اڄ ھن ويران بڻيل دنيا ۾ مرڪن کي واپس موٽائڻ به ھڪ وڏو چلينج بڻيل آھي جنھن کي حل ڪندي دنيا اڄ ھن منفرد موسم ۾ به سمورين خوشين کي قتل ڪري ڇڏيو آھي پر تنھن باوجود به ھن بھار جون ڪنوار جي ڀرت ڀريل وڳي جھڙيون حسين شامون اداس آھن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *