تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

بريڪنگ نيوز … ڊاڪٽر امداد علي شيخ

هن ڳـڻتي جوڳي صورتحال چڱن ڀلن کي پريشاني سان گڏوگڏ ھوشيار به ڪري ڇڏيو آھي، ھاڻي ته ڳوٺ ھجي يا شھر ننڍو ھجي يا وڏو ھر ھڪ کي ڪجھه ته خبر ھجي ٿي، ڪورونا ڇا آھي، سندس علامتون بچاءُ لاءِ اپاءُ ڪيئن وٺجن وغيره، وغيره مريض کي سڌو ليبر روم ٻاھران اسٽريچر تي سمھاري، گڏ آيل ٻن عورتن مان ھڪ عورت پنھنجو رئو مٿي تي ٺاھيندي چولي جو اڳ پٺ ھيٺ ڪندي، منھن کي مھٽيندي سامھون ڊاڪٽر جي ڊيوٽي روم ۾ ويندي ٻڌايو ته ڊاڪٽر صاحب اسين نئين ديري کان آيا آھيون، اسانجي مائي کي ھي ستون ٻار آھي، اتان جي ڊاڪٽرن سيزر جو چئي موڪليو آھي، ڊيوٽي تي آيل چار ڊاڪٽر ڪورونا وائرس جي تشخيص جون علامتون ۽ ٻيون نشانيون پاڻ ۾ شيئر ڪري رھيون ھيون، چئن مان ٻه ڊاڪٽر عورت سان گڏ مريض ڏانھن آيون، مريض کي چڪاسيندي خبر پئي ته سندس بخار کنگھه ۽ زڪام سان گڏ جسم ۾ تمام گھڻو سور به اٿس ڊاڪٽرن ھاڻي جنھن ڪيس جي باري ۾ پڙھي بحث ڪيو مريض کي ڏسي ھنن جو شڪ ذھني پريشاني ۽ خوف ۾ وجھي ڇڏيو ٻن مان ھڪ چيو شايد ھي ته ڪيس ڪورونا وائرس جو آھي، ھن جو چوڻ ھوڏانھن گڏ آيل عورتن جو اسٽريچر ڇڏي پري ٿيڻ، سندس مڙس نماڻي التجا ڪندي چيو، ادي ڀيڻ، منھنجي گھرواري کي ڏاڍي تڪليف آھي مھرباني ڪري ڪجھه ڪيو. ادا ڪجهھ ڪيون ٿا اسان ڪنھن سينئر سان ڳالھائيون اھو چئي ڊاڪٽر پنھنجي ايڇ او ڊي کي ڪال ڪئي، جيستائين ڪا اسٽريجٽي فائنالائيزد ٿئي، ايتري ۾ خبرن جي چئلنس تي بريڪنگ نيوز ھلڻ شروع ٿي ( شيخ زيڍ اسپتال ۾ ڪورونا جي شڪي حاملا مريض داخل، ڊاڪٽرن پنھنجي مسيحائي پيشي جو به خيال نه ڪندي، بي يار مدد گار غريب عورت کي آپريشن نه ڪرڻ جو چئي ڇڏي ھليا ويا)
بريڪنگ نيوز ڏيڻ وارن کي شايد خبر ھجي ته لاڙڪاڻي جا ڊاڪٽر خاص ڪري عورتن جي بيماري ۽ ويم دوران ڪنھن به تڪليف کي منھن ڏيڻ لاءِ ان وقت کان سروس ڏيندا ٿا اچن جنھن وقت ورلي ڪا سھوليت ملندي ھين, ھي دؤر آھي ٽانگا سواري ۽ ٽيڪسي ۾ صرف جيپ جي سواري جو ، ان وقت لاڙڪاڻي ۾ عورتن جي سرڪاري اسپتال جنھن کي سرلا عورتن جي اسپتال ڪري به چيو ويندو ھو، ڊاڪٽر سرلا گائنا ڪولاجسٽ اسپتال ۾ سينيئر انچارج ھوندي ھئي.ھتي لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي کان آيل مريض چڪاسيا ويندا ھئا، وقت سان گڏ ترقي ٿيندي آئي، لاڙڪاڻي ۾ ھڪ خوبصورت ھر آسائش مريضن لاءِ موجود عربي ڪلچر سان ملندڙ شيخ زيد بن سلطان النحيان زناني اسپتال جو پيڙھ جو پٿر، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو عوامي ليڊر جي ذاتي ڪوشش سان لڳايو . ڏنل وقت ۾ بلڊنگ تيار ٿي، ھن خوبصورت سينٽرل ايئرڪنڍيشنڍ اسپتال جي خوبصورتي ڏسڻ لاءِ پري پري کان ماڻھون ايندا ھئا ياشيڪا ڪئيمرا آڻي صحن تي گلن جي مختلف رنگ برنگي سجائل ننڍن ننڍن باغيچن ۾ اچي مريضن جي ملاقات وقت ڦوٽو ڪڍرائيندا ھئا.پروفيسر بلقيس ملڪ اسپتال جو چارج ورتو، سندس محنت اڄ به ياد ڪئي ويندي آھي، ھن اسپتال ۾ سنڌ کان علاوه بلوچستان ۽ ملڪ جي ٻين حصن کان مريض علاج لاءِ ايندا آھن،مريض خوش ٿي موڪل وقت ڊاڪٽرن جا ٿورا مڃيندي دعائون ڏيندا آھن، ڪجھه ماڻھن جو ولر (ڇڙ وڇڙ ماڻھن جو جٿو جيڪو ڪنھن خاص گھراڻي ،زات، ياشھر مان نه ھجي ) ھميشه ڪڏھن ڊاڪٽرن کي گھٽ وڌ ڳالھا يو ته ڪڏھن انتظاميا کي ڇنڊ ڪڍي .
اچون ٿا اصل قصي تي بريڪنگ نيوز ھلڻ سان قرنطتينا ۾ ويٺلن کي ڄڻ ھڪ شگل ملي ويو گھر ۾ به پنھنجي عادت پوري ڪندي ڊاڪٽرن کي گھٽ وڌ ڳالھائڻ شروع ڪيو انھن بي خبرن کي ڪھڙي خبر ته مريض جا پنھنجا ئي پري ٿي ويا ھئا، ڪورونا جو خوف ايترو ته اسپتال ۾ ڦھلجي ويو جو ماڻھن رئيس ڪينال جي ٽاپ وٺڻ شروع ڪيو، پاڻ کي ايترو خوف جو شيخ زيڊ اسپتال جي گيٽ جي پاسي کان لنگھڻ به ڇڏي ڏنو پر زبان تي ورد جاري ۽ ساري ڊاڪٽر ڪيترا نه ظالم آھن اڙي قاصائي ٿئي قاصائي ، ڪورونا جو بھانو ڪري مريض جو آپريشن نه ٿا ڪن،
ھيڏانھن پورو پينل ڊاڪٽرن سان گڏ ٽيڪنيشنز ۽ او ٽي جو ٻيو عملو ، نشي ڏيڻ وارو ڊاڪٽر ضروري ڪورونا جي بچاءُ لاءِ پي پي اي جيڪو ڪجھه موجود ھو ان وقت ايم ايس انتظاميا مھيا ڪيو، ضروري دوائن سان گڏ، جس ھجي انھن ڊاڪٽرز ۽ پوري فيڪلٽي کي جنھن انتظاميا سان ملي ھڪ ڪارائتو فيصلو وٺندي وقت تي آپريشن ڪري مريض کي وڏي تڪليف کان بچايو، ڪنھن سوچيو به ھوندو ته انھن ڊاڪٽرن ۽ سندن ٽيم جو وقت ڪيئن آئيسوليشن ۾ گذريو ھوندو ھي ته الله جو ڪرم ٿيو جو ڪيس نيگيٽو نڪتو، منھنجا ڀاءُ ڪنھن خبر ڏيڻ کان اڳ ان جو ٻيو رخ به ڏسندا ڪيو جنھن جا پنھنجا پري ٿي ويا اتي وري به ڊاڪٽر ڪم آيا،ڪڏھن ته بريڪنگ نيوز ۾ اھو اچي. اڄ ھڪڙي تڪليف ۾ تڙپندڙ مريض کي ڊاڪٽرن جي محنت ۽ قابليت ڪم آئي آپريشن سان مريض کي نئين زندگي ملي ، مان وري به انھن ڊاڪٽرن ۽ سندن سموري ٽيم کي سلام ٿو پيش ڪيان جنھن ڪورونا جو شڪ ھوندي محدود وسيلن پي پي اي جي ھڪ سٺو قدم کنيو، الله پاڪ ھميشه اسان جو حامي مددگار.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *