تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

برسات سبب ڪراچي ۾ ٻوڏ ۽ اوندهه: سوشل ميڊيا تي ردعمل

ڪراچي ۾ جمعي ڏينهن ٿيل برسات هڪ ڀيرو ٻيهر شهري نظام کي سخت متاثر ڪيو ۽ برسات جي ڪري انتظاميا جي ڪارڪردگي جا پول پڌرا ٿي ويا، موسميات کاتي اڃا وڌيڪ برسات پوڻ جي اڳڪٿي پڻ ڪئي وئي، جڏهن ته عام طور برسات بعد سوشل ميڊيا تي هڪ مخصوص سٺي خوشبو جو ذڪر ڪيو ويندو آهي موسم جي مناسبت جي حوالي سان کاڌن جون تصويرون شيئر ڪيون وينديون ۽ خوشي وارا پيغام شيئر ڪيا ويندا آهن پر ڪراچي ۾ برسات دوران پهريان ته شهرين خوشي جو اظهار ڪيو پر جيئن جيئن برسات وڌندي وئي تيئن تيئن شهرين جون دانهون شروع ٿي ويون ۽ سوشل ميڊيا تي ٻڏل روڊن، پاڻي ۾ ترندڙ گاڏين جون تصويرون شيئر ٿيڻ لڳيون، گهرن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ واريون وڊيوز ۽ تصويرون به شيئر ڪيون ويون، ان کانسواءِ برسات سبب جڏهن بجلي بند ٿي وئي ته شهرين لاءِ ٻٽو عذاب ٿي ويو، برسات ۽ بجلي جي صورتحال جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي وڏي انگ ۾ پوسٽون شيئر ڪيون ويون، ٽوئيٽر تي مينا نالي آءِ ڊي تان لکيو ويو ته ڪراچي جي شهري هجڻ جي هڪ نشاني اها به آهي ته برسات اچڻ بعد خوشي سان گڏ پريشاني به ٿيندي آهي، تاريخ دان ۽ مصنف نديم فاروق پراچا ماڻهن کي ياد ڏياريو ته اها ڪا نئين ڳالهه ناهي شهر جو اڌ حصو پاڻي هيٺ آهي، هن هڪ خبر جي تصوير شيئر ڪئي جيڪا 1955ع جي هئي جنهن ۾ برسات بعد ڪار پاڻي ۾ ترندي نظر اچي رهي آهي، نديم فاروق لکيو ته تاريخ پاڻ ورجائيندي رهندي آهي. ماجده نالي صارف لکيو ته سمنڊ کان هڪ ڪلو ميٽر پري منهنجو گهر آهي منهنجي گهر تي مڇين جي برسات ٿي آهي، گهر ۾ برسات جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي، هن دلچسپ تبصرو ڪندي پهرين ماڙ تي گهر آهي جتي مڇي آهي باغيچي ۾ به مڇي پيل آهي، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته اڌ شهر پاڻي ۾ ۽ اڌ شهر اوندهه ۾ آهي، نتاشا جاويد لکيو ته بارش نه ٿيڻ ۽ بجلي نه هجڻ جي ڪري ڪراچي هفتن کان شڪايت ڪندو رهيو، هڪ ڏينهن جي بارش بعد ڪراچي هاڻي انفراسٽرڪچر نه هجڻ تي روئي رهيو آهي، مشهور اداڪارا مهوش حيايت به ڪراچي ۾ برسات بعد ٿيل صورتحال بابت ٽوئيٽ ڪيو، هن سنڌ حڪومت ۽ ڊي ايچ اي ڪينٽ بورد کي مخاطب ٿيندي لکيو ته ڪراچي شهر سڀ کان وڌيڪ آمدني ڏيندڙ شهر آهي ۽ هن شهر جو مسئلو حل ڪيو وڃي. ان پوسٽ تي اڪثر صارفين تنقيد ڪندي لکيو ته پ پ جي حڪومت آهي ڪجهه نه چئو، صرف 12 سالن کان ته اقتدار ۾ رهي آهي، پي ٽي آءِ جا حامي صارفين بلاول جو برسات وارو بيان شيئر ڪندا رهيا، ايم ڪيو ايم تي به تنقيد ڪئي وئي، عائشه حليم عادل نالي صارف طنزيه انداز ۾ لکيو ته مبارڪ هجي پاڪستان، هڪ ڏهاڪي جي ڊگهي ترقي بعد پ پ ڪراچي ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو واٽر پارڪ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، پ پ جي حامين پاران چيو ويو ته پاڻي نيڪال وارو نظام شهري حڪومت وٽ آهي، وفاقي حڪومت به ان جي ذميوار آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *