تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

برساتن ۾ انتظاميا تي ڪاوڙ نه پر سهڪار ڪريو

دنيا جي اسريل ملڪن ۾ جڏھن طوفاني برساتون يا آفتون اينديون آھن ته اتان جون سڌريل حڪومتون به وائڙيون ۽ بيوس ٿي وينديون آھن. فوري طور صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ وٽن ھمت ۽ حڪمت عملي نه ھوندي آھي پر ڏينھن ٻن ۾ ماحول جوڙي وٺندا آھن. ڍاڪا ۾ ھر سال تقريبن 5 ھزار ملي ميٽر برسات پوندي آھي. چين ۾ تمام گھڻي برسات پوي ٿي. امريڪا ۾ برسات پوي ٿي ته 2 کان چار ڏينھن ضرور عام زندگي متاثر به ٿيندي ھوندي، پوء ڇا اتي به حڪمرانن کي گاريون ملنديون ھونديون؟ پر پاڪستان ۾ جڏھن اھڙي صورتحال ٿئي ٿي ته ھتي ھاڪاري تنقيد بدران اھڙي زبان استعمال ڪئي وڃي ٿي جيئن ڪي ٻن ڌرين ۾ ذاتي جھيڙو ھجي. اخلاق جي دائري کان ٻاھر نڪري زبان جو استعمال به ٿئي ٿو. ھن پنھنجي سماج ۾ کوڙ اھڙيون ڌريون تنظيمون ۽ ادارا موجود آھن جيڪي اڪثر مفادن خاطر ئي حڪمران ڌر کي ڪنھن نه ڪنھن بھاني تنقيد جو نشانو بڻائي پنهنجي کائڻ جو ذريعو بڻائي وٺندا آھن، جن ۾ ميڊيا، مخالف سياسي ڌريون ۽ ٻيا شامل آھن. سنڌ ۾ موجودا برساتون تمام گھڻيون خطرناڪ آھن خميس ڏھاڙي شروع ٿيل برسات چڱا ڀلا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، جنھن ۾ ڊي ايچ اي سميت ڪراچي جا اڪثر علائقا ٻڏي ويا، ڪٿي گوڏي ته ڪٿي چيلھه جيترو پاڻي ھو. سنڌ حڪومت جي ئي ڪوششن بعد ڪجھه ھنڌ ڇڏي باقي برساتي پاڻي نيڪال ٿي چڪو آھي. وڏو وزير مراد علي شاھ ۽ سندس ساٿي رڳو ڪالھه نه پر پھرئين ڏينھن کان برسات ھجي يا ڪورونا وبا توڙي ھر مصيبت ۾ شھر جي جائزي لاءِ سرگرم نظر ايندا رھيا آھن ھن معاشري ۾ کوڙ پڙھيا لکيا ۽ سلجھيل سمجھيل ماڻھو ڪھڙي ذھنيت رکن ٿا افسوس جو ڪيتري نه بداخلاقي سان ۽ ڪھڙي زبان استعمال ڪن ٿا جو سوشل ميڊيا جي آئيني ذريعي نروار ٿي بيھن ٿا. فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي وڏي وزير مراد علي شاھ جون وائرل ٿيل تصويرون ڏسي اڪثر ماڻھن فوٽو سيشن قرار ڏئي اندر جو اوٻر ڪڍيو آھي پر آئون وڏي وزير جي جدوجھد کي سلام پيش ڪريان ٿو قدرتي آفتن دوران سمورين سياسي جماعتن قومپرستن شھرين ميڊيا ۽ ملڪي ادارن کي وس آھر حڪومت جو ساٿ ڏيڻ ۽ تعاون ڪرڻ گھرجي. (مسرور کھڙو جي وال تان)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *