تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

بدين ضلعي ۾ واقع عالمن جو ڳوٺ: گهڙو … محمد عابد ترڪ

دنيا ۾ آباد هر ڳوٺ ۽ شهر جي منفرد تاريخ هوندي آهي، ۽ جڏهن به ان جي گهرائي سان تحقيق ڪبي آهي ته انيڪ حقيقتون سامهون اينديون آهن. ضلعي بدين ۾ قائم ڳوٺ گهڙو به هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو، ڇو ته هن ڳوٺ مان شاعرن جو سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ دفعو گذريو هو ۽ ٻيو ته هتي ئي مولوي حاجي احمد ملاح سنڌ جو نرالو شاعر ۽ عالم پڙهيو.
ڳوٺ گهڙي جي ديني مدرسي مان مولوي احمد ملاح پنهنجن ٽن ساٿين سوڌو مشهور عالم مولوي خير محمد مگسي وٽان علم پرايو. مولوي حاجي احمد ملاح سندس بي پناهه عالمانه لياقت سبب کيس خضري جي لقب سان ياد ڪيو آهي. مولوي احمد ملاح چوي ٿو ته:
مولوي مشهور خضري خير محمد خان وٽ،
ٽن رفيقن ساڻ رپ لڳ منجهه گهڙي گلزار گام.
مولوي حاجي احمد ملاح سان گڏ جيڪي سندس 3 ساٿي هئا، سي ٽنڊي باگي تعلقي جو رهواسي مولوي عبدالجليل کٽي، ڳوٺ رپ ضلعي بدين جو رهواسي مولوي محمد ميان عمر ٿيٻو ۽ کورواهه تعلقي جو رهواسي مولوي محمد سمون شامل هئا. مولانا عبيدالله سنڌي به ڳوٺ گهڙي جي مدرسي ۾ پڙهڻ لاء آيو هو، هن مدرسي ۾ تعليم ڏيندڙ استادن عالمن ۾ سائين علي محمد مهيري، مولوي خير محمد خان مگسي خضري ۽ مولوي احمد ملاح گهڙي واري کي به وڏي اهميت حاصل هئي.
ڳوٺ گهڙي جي ٻين اهم شخصيتن ۾ زميندار حاجي اشرف ٿيٻي جو شمار به ٿئي ٿو، جيڪو پنهنجي سخاوت جي ڪري سنڌ جي حاتم طائي طور مشهور هو. مرحوم محمد حسين ترڪ جو جنم به هن ئي ڳوٺ گهڙو ۾ ٿيو هو، جيڪو سنڌيونيورسٽي جي بانين مان هو ۽ سنڌيونيورسٽي جو پهريون ڊپٽي رجسٽرار به هو. هن اوائلي دور ۾ اقتصاديات تي 7 اهم ڪتاب لکيا، ترڪ صاحب جي خدمتن جو اپٽار ڪتاب ”محمد حسين ترڪ گهاٽي بڙ جي ڇانؤ“ ۾ ڪيل آهي.
ڳوٺ گهڙو جو نالو:
ڳوٺ گھڙو، گھڙو يونين ڪائونسل، تعلقي گولاڙچي ۽ ضلعي بدين جو هڪ قديم ڳوٺ آهي. ان ڳوٺ تي اهو نالو پوڻ بابت مختلف روايتون آهن. ناميارو ليکڪ ۽ تعليمدان محمد حسين ترڪ لکي ٿو: ”انهي ڳوٺ کي اصل ”گھڙو مڪان“ سڏيندا هئا، جنهن کي بعد ۾ ڳوٺ گھڙو سڏيو ويو. ان کي گھڙو مڪان ان ڪري سڏيندا هئا جو هتي اڳي هڪڙو وڏو بيابان هو، جنهن مان ٻه پيچرا هڪڙو اتر الهندي کان ڏکڻ اڀرندي ۽ ٻيو اتر اڀرندي کان ڏکڻ اڀرندي ويندا هئا. انهن پيچرن جي چؤواٽي تي هڪڙو درويش جھڳي اڏي پاڻيء جو گھڙو (دلو) واٽ تي رکي ايندڙ ويندڙ مسافرن کي پيارڻ لاء ويٺو هوندو هو. جڏهن اتي وڌيڪ ماڻھو آباد ٿيڻ لڳا ته ان کي ”گھڙو مڪان“ سڏڻ لڳا“. جڏهن اهو وڌي وڏو ڳوٺ ٿيو تڏهن انگريزن جي حڪومت ۾ جيڪو رستو جنگ شاهيء کان جھڏي تائين ٺاهيو ويو هو، سو هن ڳوٺ وٽان لنگھندو هو، جيڪو اڃا تائين قائم آهي. ان کانپوء ٻيو رستو ڪڍيو ويو، جيڪو جنگ شاهيء کان ٺٽي، سجاول، ميرپور بٺورو، کورواهه، ڪڙيو گنهور، سرور پير، گھڙو، پيرو لاشاري، وهڻائي، ٽنڊو باگو ۽ پنگريو مان ٿيندو جھڏي پهچندو هو.
پٽيهل درياء، ڳوٺ گهڙو ۽ شاهه ڀٽائي:
سنڌو درياء جي ڇاڙ پٽيهل ملاڪاتيار وٽان نڪري گهڙي ڳوٺ وٽان لنگهندي هئي. اتر کان اولهه ۽ ڏکڻ جي ڪنڊ ڏانهن ويندي هئي، گهڙي ۾ ٻاريجي ڍنڍ پڻ هئي، جنهن کي پٽيهل جو ڪن چوندا آهن،
پٽيهل بابت اڳڪٿي ڪندي ڀٽائي به فرمايو هو
سڪي ڍور ڍيون ٿيو، ڪنڌيء ڏنو ڪائو،
سو پاڻي پٽيھل ۾، اڳيون نه آيو،
ماڙھن ميڙائو، ڪنھين ڪنھين ڀيڻئين.
ڳوٺ گهڙي کان اولهه ۽ ڏاکڻي ڪنڊ طرف ڪجهه فاصلي تي ڪنڊيء جو اهو وڻ به آهي، جنهن کي مخاطب ٿي شاهه ڀٽائي چيو هو:
ڪر ڪي ڳالهڙيون، ڪنڊا! ڍور ڌڻين جون،
ڪئن سي راتڙيون، ڪنھن پر ڏينھن گذارئين؟
شاهه بديع جي مزار:
ڳوٺ گهڙي جي ڀرسان ملتان مان لڏي آيل بزرگ پيرشهاب الدين قريشي رحه جي آخري آرامگاهه پڻ آهي. پير شهاب الدين کي شاهه بديع به چيو وڃي ٿو، جنهن جي نالي پويان بدين شهر آباد آهي. هتي همايون بادشاهه جون ٻه نياڻيون ۽ اڪبر بادشاهه جون ڀينرون به مدفون آهن. شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي تڙ ڏاڏي شاهه عبدالڪريم رح جي والد لعل محمد عرف للائي شاهه جي آخري آرامگاهه پڻ هتي آهي. ڪنهن مراد وند فقير لکيو هو:
ونء لالائي لوء، جت ولايت ونڊ ٿئي
معرفت جي مڪان ۾ وڻ وڻ وائي چوء،
ساٿيئڙي سڀ ڪنهن، پاند پنيو ٿو پوء،
سي پير سندوء، پسي حال مان هٿ کڻي
مددي ڪتاب:
مولوي حاجي احمد، ڪليات احمد ڀاڱو پهريون
عثمان راهوڪڙو، مٽيء جا مور ماڻهو
محمد عابد ترڪ (سهيڙيندڙ) محمد حسين ترڪ گهاٽي بڙ جي ڇانء

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *