تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

بدنصيب سڪينه … سعادت حسن منٽو/ ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو

امرتسر مان ٽرين منجھيد جو ٺيڪ ٻه وڳي رواني ٿي ۽ اٺن ڪلاڪن کان پوءِ مغل پور پھتي. رستي ۾ ڪيترائي ماريا ويا. ڪيترن کي زخمي ڪيو ويو ۽ ڪيترا ھيڏي ھوڏي ڊڪندي نظر ٿي آيا. صبح ڏھين وڳي … ڪيمپ جي سائيزمين تي جڏھن سراج الدين اک کولي ۽ پنھنجي چئني پاسن کان مڙسالن، زائفن، نينگرن جي ھڪ نه ختم ٿيندڙ رش لڳل ڏٺي ته سندس سوچڻ ۽ سمجھڻ جي سگھه جواب ڏيڻ لڳي. ھو ڪافي دير تائين آسمان کي تڪيندو رھيو. ائين ته ڪيمپ ۾ ھر پاسي ھل ھنگامو لڳو پيوھو. پر ڪُراڙي سراج الدين جا ڄڻُ ته ڪنَ ئي بند ٿي ويا ھئا ھن کي ڪجهھ به ٻڌڻ ۾ نه ايندو ھو.ڪير ھن کي ڏسندو ھو ته ائين ڀائيندو ھو ڄڻ ڪنھن وڏي سوچ ۾ گم ھجي پر ائين نه ھو. ان جا ھوش ۽ حواس ختم ٿي چڪا ھئا. ھن جو سڄو وجود خلا ۾ ويڙھيل ھو.دز چڙھيل آسمان جي پاسي بنا ڪنھن گھرُ کي تڪيندي تڪيندي سراج الدين جون نظرون سج سان ٽڪرايون. تيز روشني ان جي بدن ۽نسن ۾ خون وانگي تيز لاھي کاڌي ۽ ھُو ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿيو.ھُن عجيب ۽ غريب وسوسن جي دنيا ۾ پاڻ کي غرق ٿيندي ڏٺو. ڪيئي خيال کيس وڪوڙي ويا. ڦر ، باھ……. ڊڪ ڊوڙ ….. اسٽيشن ….. گوليون ….. رات ۽ سڪينه. سراج الدين ھڪدم اُٿي بيٺو ۽ چرين وانگي پنھنجي چئني پاسن ڏي ماڻھن جي ھجوم کي ڏسڻ ۽ تڪڻ شروع ڪيائين. پورا ٽي ڪلاڪ ھو ”سڪينه، سڪينه“ سڏيندي ڪيمپ جي مٽي اڏائيندو رھيو. پر ان کي پنھنجي سڪيلڌي ڌيءَ جو ڪٿان به ڪو ڏس پتو نه پيو. چئني طرفن تي ھڪ وحشتناڪ ڌمچر متل ھو. ڪنھن پنھنجي ٻارڙي کي پئي ڳوليو،ڪنھن ماءُ،ڪنھن زال ۽ ڪنھن ڌيءَ کي. سراج الدين ٿَڪي ٽُٽِي ھڪڙي پاسي ويھي رھيو ۽ ذھن تي زور ڏئي سوچڻ لڳو ته ”سڪينه ھن کان ڪڏھن ۽ ڪٿي جدا ٿي ھئي.“ھُن سوچن جي ساگر ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيو پر سندس خيال سڪينه جي ماءُ جي لاش تي ڄمي وڃي ٿو. جنھن جا آنڊا ٻاھر نڪتل ھئا.ان کان وڌيڪ ھُو ڪجھه به سوچي نه سگھيو.
سڪينه جي ماءُ مري چڪي ھئي. اُن سراج الدين جي سامھون پنھنجو ساھه ڏنو ھو. پر سڪينه ڪٿي ھئي جنھن جي حوالي سان ان جي ماءُ مرڻ وقت چيو ھو. ”مون کي ڇڏيو۽ سڪينه کي ھتان جلدي وٺي نڪري وڃو.“ سڪينه ھِن سان ئي گڏ ھئي. ٻئي پيرين اگھاڙي ڀڄڻ لڳا ھئا. سڪينه جو رَئو ڪري پيو ھو. ان کي کڻڻ جي لاءِ ھِن بيھڻ چاھيو پر سڪينه رڙ ڪندي چيو ”بابا سائين ….. ڇڏيو.“ پر ھُن رئو کڻي ورتو ھو……….. اھو سوچيندي سوچيندي ھن پنھنجي ڀريل ڪوٽ جي پاسي واري کيسي ۾ ھٿ وجھي ھڪڙو ڪپڙو ٻاھر ڪڍيو ….. سڪينه جو اُھو ئي رَئو ھو. پر سڪينه ڪٿي ھئي؟“ سراج الدين پنھنجي ضعيف مغز تي ڏاڍو زور ڏنو. پر ھُو ڪو ٻُوٽو نه ٻاري سگھيو. ڇا ھُو سڪينه کي پاڻ سان گڏ اسٽيشن تائين وٺي آيو ھو………………..؟ ڇا ھوءَ اسان سان گاڏيءَ ۾ساڻُ ھئي……….؟ رستي ۾ جڏھن گاڏي بيٺي ھئي. تڏھن رڙيون ڪندي ڪجھه ماڻھواندر گھڙي آيا ھئا ته ڇا ھِي بي ھوش ٿي ڪري پيو ھو جنھن ڪري سڪينه کي کڻي ويا؟ سراج الدين جي دماغ ۾ سوال ئي سوال ھئا، پر انھن سوالن جو ڪو به جواب وٽس ڪونه ھو. ھن کي سھاري جي ضرورت ھئي. پر چئني پاسن تي جيترا به ماڻھو ھئا انھن سڀني کي سھاري ۽ ھمدرديءَ جي ضرورت ھئي. سراج الدين روئڻ چاھيو پر اکين ھن جي ڪابه مدد نه ڪئي. خبر ناھي ھن جا ڳوڙھا ڪٿي وڃائجي چُڪا ھئا.
ڇھن ڏينھن کان پوءِ عقل ۽ سمجھه ڪنھن حد تائين بھتر ٿيس ته سراج الدين اُنھن ماڻھن سان مليو جيڪي ھن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ھئا. اَٺَ ڄڻا ھئا. جن وٽ لاري ھئي، ھٿيار ھئا. سراج الدين انھن کي کوڙ ساريون دعائون ڏنيون ۽ اُنھن کي سڪينه جو حليو پڻ ٻڌايو.”اڇو رنگ اٿس ۽ تمام گھڻي خوبصورت آھي ….. مون تي نه ….. پنھنجي ماءُ تي وئي آھي …. عمر سترھن سالن جي لڳ ڀڳ اٿس . . . اکيون وڏيون …. وار ڪارا اڇي ڳل تي ٿلھو ڪارو ترُ …. منھنجي اڪيلي ڌيءَ آھي. ڳولي ڏيو. ان نيڪيءَ جو سلو توھان کي خدا ڏيندو.“رضاڪار جوانن وڏي جَوش سان ڪراڙي سراج الدين کي يقين ڏياريو ته جي توھان جي ڌيءَ جيئري ھوندي ته ڪجهھ ڏينھن ۾ توھان کي ملي ويندي.اٺن ئي ڄڻن ڏاڍي ڪوشش ڪئي. جان جوکي ۾ وجھي امر تسر ويا. ڪيتريون ئي زائفون، ڪيترا ئي ٻارَ ھٿ ڪري محفوظ جاءِ تي پھچايا. ڏھه ڏينھن گذري ويا پر سڪينه انھن کي ڪٿي به نه ملي. ھڪ ڏينھن وري ساڳئي ئي جذبي سان اُھي بس تي وڃي رھيا ھئا ته ھنن کي ڇهھ ھرٽين وٽ ھڪ ڇوڪري نظر آئي. لاريءَجو آواز ٻڌي ھڪدم ڊڪڻ لڳي. رضاڪارن لاري بيھاري ۽ سڀئي اُن جي پويان ڊوڙڻ لڳا. ھڪڙي ٻنيءَ ۾ اُنھن ڇوڪريءَ کي پَڪڙي ورتو. ڏسن ته ڇوڪري ڏاڍي خوبصورت آھي. ڳل تي ٿلھو ترُ ڪاروبه اٿس. ھڪ نوجوان چيو ”پريشان نه ٿي …. ڇا تنھنجو نالو سڪينه آھي؟“ڇوڪريءَ جو رنگ ويتر اڏامي ويو. ان ڪو به جواب نه ڏنو. جڏھن سڀني کيس دلاسو ڏنو ته ھن مٿان ڪجھه خوف لٿو ۽ ھن مڃي ورتو ته ھيءَ ئي سراج الدين جي ڌيءَ سڪينه آھي.اٺ ئي ڄڻن سڪينه سان دل جوئي ڪرڻ شروع ڪري ڏني. ھِن کي ماني کارائي. کير پيئاري لاري ۾ ويھاريو. ھڪڙي ڄڻي ته پنھنجو ڪوٽ لاھي ھن کي ڏنو. ڇو جو ھن کي رَئو نه ھجڻ ڪري ڏکيائي پيش پئي آئي ۽ ھن ھر ھر پنھنجي ٻانھن سان سيني کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش پئي ڪئي.
ڪيئي ڏينھن گذري ويا ….. سراج الدين کي سڪينه جي ڪابه خبر نه ملي. ھُو پورو ڏينھن ڪيمپن ۽ آفيسن سان چڪر ڪاٽيندو رھيو پر ڪٿان به سندس سڪيلڌي ڌيءُ جي خبر نه ملي. رات جو گھڻي دير تائين ھن رضاڪارنوجوانن جي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون گھريون. جن ھن کي يقين ڏياريو ھو ته جيڪڏھن سڪينه جيئري آھي ته ھُن کي ڪجھه ڏينھن ۾ ڳولھي وٺندا. ھڪ ڏينھن سراج الدين انھن اٺن ئي نوجوان رضاڪارن کي ڪيمپ ۾ ڏٺو.لاري ۾ ويٺا ھئا. سراج الدين سھڪندوسھڪندو انھن وٽ پھتو. بس ھلڻ واري ئي ھئي ته ھِن پڇيو.”پُٽَ منھنجي ڌيءَ سڪينه جي خبر پئي؟“سڀني ھڪ ئي آواز ۾ چيو.”پئجي ويندي، پئجي ويندي“ ۽ لاري ھلڻ لڳي.سراج الدين وري نوجوانن جي ڪاميابيءَ لاءِ دُعائون گھريون ۽ ھن جي دل جو ڪجهھ بار ھلڪو ٿيو.
شام جي وقت سراج الدين جِتي ويٺو ھو. اتي ٿوري سُسُ پُسُ پئي ھلي. چئن ڄڻن ڪجھه آندو آھي. ھنن معلوم ڪيو ته خبر پئي ته ھڪ نينگري ريلوي لائين وٽ بيھوش پئي ھئي. ماڻھو ان کي کڻي اچي رھيا آھن. سراج الدين به انھن جي پويان پويان ھلڻ لڳو. ماڻھو نينگريءَ کي اسپتال وارن جي حوالي ڪري پاڻ اُتان روانا ٿي ويا. ٿوري دير ھُو ائين ئي اسپتال جي ٻاھران بيٺل ڪاٺيءَ جي ڏنڊي کي ٽيڪَ ڏئي بيٺو رھيو. ھمٿ ٻَڌي ھوريان ھوريان اندر وڃڻ لڳو. ڪمري جي اندر ڪوبه ماڻھو موجود نه ھو. ھڪڙو اسٽريچر پيل ھو. جنھن تي ھڪڙو لاش ھن کي نظرآيو. سراج الدين پنھنجا قدم ھوريان ھوريان اڳتي کڻندي. ڪمري ۾ اوچتو ھلڪي روشني ٿي. سراج الدين لاش جي زرد ٿيل چھري ۽ چمڪندڙ ڪاري ترُ کي ڏٺو ۽ رڙ ڪئي.”سڪينه“ڊاڪٽر جنھن ڪمري جي روشني ڪئي ھئي تنھن سراج الدين کان پڇيو ”ڇا آھي؟“سراج الدين جي نڙيءَ مان صرف ايترو نڪري سگھيو ”جي مان ….. جي مان …… ھن جو بدنصيب پيءُ آھيان.“ڊاڪٽر اسٽريچر تي پيل لاش طرف ڏٺو. ان جي نبض کي جاچيندي سراج الدين کي چيو. دري کولي ڇڏ.“ سڪينه جي مردهه جسم ۾ حرڪت پيدا ٿي. بي جان ھٿن سان اڳٺ کوليو ۽ شلوار ھيٺ ڪيرائي ڇڏي.ڪراڙي سراج الدين خوشيءَ مان رڙ ڪئي.
”جيئري آھي …… منھنجي ڌيءَ …..“
ڊاڪٽر مٿي کان پيرن تائين پگھر ۾ ٻڏي ويو …. .

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *