تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

اگهاڙن پيرن وارن ماڻهن جو ڳوٺ!

اگهاڙن پيرن وارو تصور اسان مان اڪثر ماڻهن لاءِ نئون ڪونهي. ڇاڪاڻ ته اسان کي اڪثر جاين تي جوتا لاهڻا پوندا آهن، جيئن ڪنهن عبادت گاهه يا درگاهه ۾ وڃڻ وقت اسين احترام مان جتيون لاهيندا آهيون، ڪي ماڻهو گهر ۾ ڪمري اندر داخل ٿيڻ وقت جتي لاهيندا آهن، ته جيئن مٽي يا دز وغيره ڪمري ۾ داخل نه ٿي سگهي.
پر انڊيا جي رياست تامل ناڊو جي ڳوٺ اندامن جو قصو ئي ڪجهه ٻيو آهي. هن ڳوٺ ۾ 130 ڪٽنب رهن ٿا، جن مان اڪثر هارپو ڪندا آهن. اتي مون کي 70 سالن جو هڪ پيرسن مکن آرومگام مليو، جيڪو نم جي هڪ وڏي وڻ هيٺيان عبادت ڪري رهيو هو. هن ٻڌايو ته سندس ڳوٺ جي ڪهاڻي هن وڻ جي هيٺيان شروع ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته هي اها جاءِ آهي، جتي ڳوٺ جا ماڻهو پهچڻ وقت پنهنجي جتي لاهي هٿ ۾ کڻندا آهن ۽ پوءِ ڳوٺ ۾ داخل ٿيندا آهن.
ڳوٺ ۾ پيرسن، ضعيف ۽ بيمار ماڻهن کانسواءِ ڪوبه ماڻهو جتي نه پائيندو آهي. اهو پوڙهو پاڻ به پيرين اگهاڙو هو. ڳوٺ جي رستن تي هلندي مون کي ڪيترائي ٻار اسڪول ويندي نظر آيا، ماڻهو پنهنجي ڪمن ڪارن وارين جاين ڏانهن وڃي رهيا هئا، پر سڀني کي جتيون هٿن ۾ هيون، جهڙوڪر پرس يا ٿيلها کڻي پيا وڃن.
مون 10 سالن جي سائيڪل سوار انبو ننٿي کي روڪيو، جيڪو به پيرين اگهاڙو هو، هو 5 ڪلاس ۾ پڙهي ٿو، سندس اسڪول ڳوٺ کان 5 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. مون کائنس پڇيو ته ڇا هن ڪڏهن ڳوٺ ۾ جتي نه پائڻ واري رسم کي ٽوڙيو آهي؟ ته هن جواب ڏنو ته “منهنجي ماءُ ٻڌايو آهي ته مٿياليما ديويءَ اسان جي ڳوٺ جي حفاظت ڪري ٿي، ان ڪري اسان کي احترام ۾ جتي نه پائڻ گهرجي، آئون چاهيان ته جتي پائي سگهان ٿو، پر اها ان هستيءَ جي توهين هوندي، جنهن جو هرڪو احترام ڪري ٿو”.
اهو ئي اسپرٽ آهي جيڪو هن ڳوٺ کي الڳ بڻائي ٿو، ڪنهن تي به ڪا پابندي ڪونهي، نه ئي وري ڪو هي مذهبي عقيدو آهي، پر هڪ روايت آهي، جنهن ۾ پيار ۽ احترام نظر اچي ٿو.
53 سالن جي مصور ڪروپيا پانڊي ٻڌايو ته هي اسان جو چوٿون نسل آهي جيڪو ان روايت تي هلي رهيو آهي. هن کي به پنهنجا جوتا هٿن ۾ کنيل هئا. سندس زال 40 سالن جي پيچياما جو چوڻ هو ته هو جڏهن به ٻني وغيره ۾ ڪم ڪندي آهي يا ڳوٺ کان ٻاهر هوندي آهي ته جتي پائي وٺندي آهي. هن ٻڌايو ته جڏهن ڪو نئون ماڻهو اسان جي ڳوٺ ۾ ايندو آهي ته اسين ان کي هتان جي رسم بابت ٻڌائيندا آهيون، پوءِ اهي مڃين يا نه، ڪابه زور زبردستي ناهي هوندي. هي مڪمل ذاتي قسم جي چوائس آهي، جيڪا هتان جي ماڻهن اپنائي ورتي آهي. هن ڪڏهن به پنهنجي ٻارن تي اهڙي قسم جي پابندي ناهي هنئي پوءِ به اهي سڀ ان رسم تحت هلندا آهن.
ان رسم جي پويان يقينن هڪ خوف ئي لڪيل آهي.
هڪ روايت آهي ته جيڪڏهن ڪوئي ان رسم تحت نه هلندو ته کيس بخار ٿي پوندو. هڪ ٻئي مصور ٻڌايو ته اسان کي هاڻ اهو ڊپ ناهي رهيو، هاڻ اسين اهو سڀ ڪجهه احترام مان ڪريون ٿا، هي ڳوٺ اسان کي مندر جي برابر لڳندو آهي.
62 سالن جو لڪشمن ويرابادرا هن وقت دبئي ۾ هڪ تعميراتي ڪمپني هلائي ٿو. 4 ڏهاڪن تائين هن ٻاهرين ملڪن ۾ هڪ مزدور طور پورهيو ڪيو آهي، هو هاڻ به پنهنجي ڳوٺ ايندو رهي ٿو، اڪثر ڪري مزدور وغيره ڀرتي ڪرڻ لاءِ، پر هو به ان رسم تحت ئي هلندو آهي. هو ٻڌائي ٿو ته 70 سال اڳ ۾ ڳوٺاڻن ڳوٺ ٻاهران نم جي وڻ هيٺ مٿيالاما ديويءَ جو بت لڳايو، ان وقت چون ٿا ته هڪ نوجوان ان بت وٽان جتي پائي گذريو هو، ان کانپوءِ کيس بخار ٿي پيو، جيڪو ڪيترن ئي مهينن تائين جاري رهيو.
ان وقت کانپوءِ ڳوٺ جا ماڻهو ڪنهن به قسم جي جتي نه پائيندا آهن، اها رسم هاڻي طرز زندگي جو حصو بڻجي چڪي آهي.
ڳوٺ ۾ هر پنجين، اٺين سان مارچ يا اپريل جي مهيني ۾ نم جي ان وڻ هيٺيان 3-4 ڏينهن لاءِ ديويءَ جو بت لڳايو ويندو آهي، جيڪو پوءِ ڀڃي ٽڪرا، ٽڪرا ڪيو ويندو آهي. ان دوران ڳوٺ ۾ رڳو عبادتون، ناچ، ڊراما وغيره هوندا آهن. اڳي اهو ميلو هر سال ٿيندو هو، پر جيئن ته مهانگائي وڌي وئي آهي، ان ڪري هاڻ اهو ڳوٺاڻن جي چندي تي منحصر آهي.
40 ورهين جو ڊرائيور رميش سيواگن ٻڌائي ٿو ته اڪثر ماڻهن کي هي هڪ عجيب وهم لڳندو آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ ان روايت برادري ۽ سڃاڻپ جو هڪ تصور جوڙيو آهي. ان ئي رسم اسان ڳوٺاڻن کي جوڙي رکيو آهي، اسان ۾ هڪ ئي ڪٽنب جو احساس پيدا ڪيو آهي.
حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ٻاهرين دنيا ڏانهن اچ وڃ جو به ڳوٺاڻن تي اثر نه پيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو دبئي ۾ رهندڙ ڪاريگر اڄ به ڳوٺ اچي ٿو ته جوتا لاهي داخل ٿئي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته “دنيا ۾ زندگي هميشه اهڙن سادين ۽ معمولي روايتن جي چوڦير گهمندي آهي، اسان جي رسم به ان جي هڪ ڪڙي آهي”.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *