تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

اڪيلو ساحل … ونود ڪمار

اھو سنجها جو ٽائيم ھو,سج آھسته آھسته پنهنجو چمڪندڙ چھرو لِڪائي رھيو ھو. اوندهه روشني کي ڳڙڪائڻ ٿي وئي. آس پاس ماٺاڻ ڇائنجي چڪي ھئي ۽ لھرن جا مِٺڙا گيت ۽ پکين جو سريلو آواز من موهيندڙ ۽ سڪون ڏيندڙ ھو. مان جڏهن به مايوس ٿيندو ھئس ته ڪجهه اڪيلو وقت گذارڻ چاھيندو ھئس. مان پنهنجو اِھو اڪيلو وقت ھن تسڪين ڏيندڙ نظاري ساڻ گذارڻ وارو ھئس. مان اڄ به ھن سمنڊ جي ويران ساحل تي اچي ويٺس ۽ ھن جھومندڙ لھرن کي ۽ ڪنارن کي تڪڻ لڳس. لھرون موج ۾ ھيون ڇو ته اھي واري واري تي ڪنارن سان گفتگو ڪري رھيون ھيون پر منهنجو اڪيلو پَڻ شايد ھنن کي ڏسي سڙي رھيو ھجي, ڇو ته مون پيرسَن جي زندگي جو اڪيلائي سان گھرو رشتو ھو.زندگي جي ھِن سفر ۾ اھڙو ڪو ھمسفر دوست نه ملي سگهيو جنهن سان درد ونڍجي.منهنجي دوستي صرف ھن ويران ساحل سان ھئي ھن پکين سان ھئي جيڪي منهنجي ھر پريشاني ٻڌندا ھئا. مان اڄ به خيالن جي مھا ساگر ۾ گم ھئس ۽ پنهنجي پاڻ کي پاڻ کان الگ محسوس ڪري رھيو ھئس اھڙي ۾ ڪنهن ٻار جي روئڻ جو آواز ڪن ۾ گونجيو منهنجو رولاڪ ۽ ڀٽڪندڙ من ھڪدم ھن آواز ڏانهن موٽيو. مون پنهنجي منڊي ڦيرائي ڏٺو ته بلڪل پويان وارِي تي ويٺل ھڪ ٻار روئي رھيو آھي, سندس عمر ڏھ کن سال مس ھوندي. بدن تي ميرا ۽ پراڻا ڦاٽل ڪپڙا پاتل ھئا. چهرو اداسي ۾ جهڪيل ھو ۽ ھٿن جون سنڙھيون آڱريون بار بار ڪومل ڳل تان ڳوڙها اگهي رھيون ھيون.. منهنجي دل ۾ اچرج ۽ احساس جاڳي پيو ۽ ھڪدم ڍوڙھي اچي ھن ٻار وٺ پھتس. ھن جا سنھڙا ميرا ھٿ منهن تان ھٽائي پڇيو ته, پٽ ڪافي ٽائيم ٿي ويو آھي! ھِت ھيڪلو ڇو ويٺو آھين؟ پنهنجي گھر وڄ امڙ ۽ بابي ڏي وڄ!”مون سندس گهڻو ئي پڇيو پر منهنجي سوالن جو ھن ڪا به جواب نه ڏنو بلڪل بي آواز ٿي ويٺو رھيو ۽ ڪجهه سوچڻ لڳو.مون وري پيار وچان پڇيو “پٽ ھتي اڪيلو ڇو ويٺو آھين؟ امڙ دڙڪا ڏنا اٿس ڇا؟ ھن ھلڪڙي آواز ۾ وراڻيو “امڙ آھي ئي ڪون ھو ته مونکي اڪيلو ڇڏي ھميشه لا۽ ھلي وئي آھي. منهنجو ھن جھان ۾ ڪو به ناھي مان بلڪل اڪيلو آھيان.” مون وري چيو ته پٽ حوصلو رک مان به تو وانگر بلڪل اڪيلو ئي آھيان”
ھن جو اِھو ارداس ۽ اداس مک ڏسي مونکي روئڻ ٿي آيو آئون ڪجهه دير ھن وٺ ويھي رھيس ۽ ھن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳس ھن کي ماٺ ڪرائي ھن سان ڪچھري ۾ مگن ٿي پيس.آخر ۾ مون وري پڇيو ته پٽ پنهنجو پيارو نالو ته ٻڌا؟ ھن ٿورو مسڪائي وراڻيو ته “ساحل نالو آھي منهنجو.” ھاڻ ته ھو به دوست ٿي پيو ھو ۽ ھن سان ڪچھري روز جو ڪم ٿي پيو ھو.حالانڪ منهنجي ۽ ھن جي عمر ۾ وڏو فرق ھو پر آئون ھن سان ڪچھري ۾ ائين رلي ملي ويندو ھئس جئين ھن سان جنمن جي دوستي ھجي. ھو به ھن اڪيلائي جو شڪار ھو ۽ آئون به ائين ئي ھئس. ھن کي به دردن گهڻا سبق سيکاري ڇڏيا ھئا ۽ مونکي به , اھڙي ريت اسان جي ھي نرالي دوستي گھري ٿي وئي. مان ھر روز ھن ڪناري ويندو ھئس ۽ مونکي ساحل ملندو ھو. ھن جون مٺڙيون ۽ معصوم ڳالهيون مونکي تمام پياريون لڳنديون ھيون. منهنجي اھا ڪوشش ھوندي ھئي ته ھن سان وڌيڪ ڪچھري ڪيان ۽ ھن جي اڪيلي پڻ کي دور ڪيان’آئون ھميشه ھن جي باري ۾ سوچيندو ھئس ته آخر ھن جي اِھا اڪيلائي ڪيئن دور ٿيندي ھوندي. ھو معصوم اٻوڌ آخر پنهنجي زندگي ڪئين گذاريندو ھوندو. ٻئي ڏينهن وري ساڳئي ھنڌ اچي پھتس دل چئي پئي ته وري اچي ھن سان ڳالهايان. پر اڄ ھو آس پاس نظر نه آيو. مون سوچيو شايد ڪٿي مصروف ھوندو يا وري اڄ بيمار ٿي پيو ھجي آئون اھا سوچي واپس موٽي ويس.ھن ڏينهن آئون ٿورو اڳ اچي ويو ھئس ۽ انتظار ۾ ويھي رھيس ڪافي ڏينهن ٿيا ھئا ھن ننڍڙي دوست سان ڪچھري ڪانه ٿي ھئي دل گهڻو ئي چئي پئي ته ڪڏهن ھن جي پياري مسڪان ڏسان ھن سان ڪي لاڏڪوڏ جون ڳالهيون ڪيان پر اڄ به ھو نه آيو منهنجي دل ويتر پريشان ٿي پئي. مون وٺ نه ھن جو ڪا پتو ھو نه ئي ڪا خبر ھئي ته ھو ڦلاڻي ھنڌ رھي ٿو. مون آس پاس ھر ھنڌ پڇا ڪئي پر ڪٿي به پتو نه پيو……ڪافي مھينا گذري چڪا ھئا مگر منهنجو انتظار راس نه پئي آيو. مان ساڳي ھنڌ ويھي ھن جي باري ۾ سوچيندو پيو ھئس ته شايد ھو ھڪ ڏينهن اچي,ر ھو اڪيلو ساحل مونکي ھن ئي ويران ساحل تي ڇڏي ھميشه لا۽ الوپ ٿي ويو. مون ڪيئي سال ھن جو انتظار ڪيو پر ھو واپس موٽي نه آيو. مان اڄ به ھن ويراني ساحل تي ويٺو ھن اڪيلي ساحل جي اچڻ جو انتظار ڪندو آھيان.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *