تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

اڪيلائي جي وباءَ … امين خاصخيلي

“الله ان بلا کي ٽاري. بنهه لوھه ٿي ويا آھيون. اھا ٽري ته اوھان وٽان به ور ڏيئي وڃان. اڪيلائي ماري وڌو آھي.اھي ست ڏينھن ايئن آھن ڄڻ وريھه گذري ويا آھن. خير مولا سڻائي ڪندو، سڀ خير ٿي ويندو.”رڪن الدين اھي لفظ چئي ننڍي ڀاءُ امام بخش کان موڪلايو. فون تي ڳالھائيندي سندس ڳلو ڀرجي آيو ھو. ھن ڳيت ڏيئي. خشڪ ٿي ويل نڙي آلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. کيس نڙي ۾ ڄڻ ڪنڊا چڀندي محسوس ٿي رھيا ھئا. ھن کي جيتري خوشي فون اچڻ تي ٿي ھئي، اوترو ئي ڏک اھي لفظ چئي موڪلائڻ وقت ٿي رھيو ھو. لاڪ ڊائون جو ستون ڏينھن ھو. ڪورونا وبا ملڪ تي اھڙو ڪڙو چاڙھيو ھڪ ئي شھر ۾ رھندڙ مٽ مائٽ، سنگتي ساٿي ھڪ ٻئي کان ايئن ڏور ٿي ويا ھئا ڄڻ ٻئي ملڪ جا رھواسي هجن. ايستائين جو هڪ ئي گھر جا ڀاتي به ھڪ ٻئي کان فاصلو رکڻ تي مجبور ھئا.
رڪن الدين پنھنجي گھر ۾ اڪيلو لاڪ ڊائون ختم ٿيئڻ جو انتظار ڪرڻ تي مجبور هو.کيس جڏھن ڀاءُ جو فون آيو ته ٻھڪي پيو هر ماڻھو جيان لاڪ ڊائون سندس ڀاءُ کي به پريشان ڪري وڌو ھو. جيتوڻيڪ ھن کي وڏي ڀاءُ وانگر اڪيلائي جو مسئلو نه ھو جو سندس زال.اڪيلو پٽ ۽ ان جا ٻار گڏ رھندا ھئا پر ڪورونا جي ڊپ لاڳيتو گھر اندر رھڻ جي پابندي ھن کي چيڙائي وڌو ھو. ڀاءُ کي فون ڪيائين ته نه چاھيندي به ڳالھه ڪورونا جي نڪتي. رڪن الدين چوڻ لڳو “ لڳي ٿو ايئن پيو جھڙو دنيا ختم ٿي ويندي. اھو مرض سڀني کي نيئي نه چٽ ڪري. ٽي وي کڻي کول ته ڪورونا،ڪورونا لڳي پئي آهي. ڪنھن سان جي کڻي ڳالھاءِ ته سندس وات تي به اھائي وائي آھي. تون ڏي خبر ! اوھان ڏانھن ڪيئن آھي؟ ماڻھو گھرن تائين محدود آھن يا ….؟” “ادا! اسين ڊپ مان پوريا پيا آھيون. پر پاڙي جا ٻار نوجوان ڪٿي ٿا مڙن. مائٽ وس ڪري بيھي رھيا آھن پر پوليس موبائل ويندي ئي وڃيو گھٽيءَ ۾ جمع ٿين. بس الله پيو رحم ڪري . ” امام بخش ڀاءُ کي جواب ڏنو. “ ها اھي ويچارا به ڪن ته ڇا ڪن. گھر ۾ ويھي، ويھي اچيو ٿڪن،پوءِ ٻاهر نه نڪرن ته ڇا ڪن. نيٺ ڪيترو گھر ۾ ويٺا ھوندا.” رڪن الدين ڄڻ پنهنجي پريشانيءَ کي زبان ڏني. ڳالهھ جاري رکندي چيائين. “اسان وٽ ته سخت پهرو آھي. ڪنھن ضروري ڪم بنا مجال آهي ڪو ٻاھر نڪري. پر اھا سختي گذريل ٽن ڏينھن کان آھي.” “ڪو؟ڇا ٿيو؟” ٻئي پاسي کان امام بخش سوال ڪيو. “ٿيو ايئن ته اسان واري ڪالونيءَ ڀرسان ھڪڙي ھمراھ کي تيز تپ کان پوءِ سڪي کنگھه ۽ دم ٿي پيو. سو جوڻس کي اچي ڳڻتي ورايو. مائيءَ حڪومت جي ڏنل نمبر تي فون ڪيو. ڪجھه دير ۾ ھڪ ايمبولينس ۽ پوليس موبائل اچي ٺڪاءُ ڪيو.” “پو؟ ” ٻئي پاسي کان امام بخش جو حيرت ۽ ڊپ گاڏڙ آواز آيو. “هائو” رڪن الدين ڳالھه جاري رکندي چيو. “ نه رڳو مريض کي پاڻ سان وٺي ويا پر مائيءَ سميت سمورن گھر ڀاتين کي وٺي وڃي قرنطينه ۾ وڌائون.ٻڌو آھي ھمراھ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آھي. ان کانپوءِ اسان وٽ سختي وڌي وئي آھي. ماڻھو پاڻ به ڊپ کان گھر مان نٿا نڪرن.”
“ڊپ جھڙي ڳالهھ ته آھي.” امام بخش چيو.“اوھين به احتياط ڪريو. گھر اندر رھڻ ۾ ئي بھتري آھي. اسان وٽ ته ماڻھو اڃان نٿا مڙن. الله پيو خير ڪري. جي ڪو ھڪڙو به ان مرض ۾ وڪوڙيو ته پاڻ سان گڏ الاھي ڪيترن کي بيمار ڪندو. خير ادا ڇڏيو ڪورونا کي. مون کي اوھان سان ھڪڙي صلاح ڪرڻي آھي.“ امام بخش ڀاءُ کي چيو.“ھاھا! چئو. امام بخش ٿورو پريشان ٿيندي چيو. امام بخش ڪجهھ سوچي چپ ٿي ويو ۽ پوءِ چيائين،“نه ادا! ڪا اھڙي پريشانيءَ جھڙي ڳالهھ به ڪونھي. اوھين ڳڻتي نه ڪريو. روبرو ملندا سين ته پوءِ ڳالھائينداسين. ” “چڱو ٺيڪ آھي. الله ان بلا کي ٽاري. بنھه لوھ ٿي ويا آھيون. اھا بلا ٽرندي ته اوھان ڏانھن ور ڪندس، مولا سڻائي ڪندو. سڀ خير ٿي ويندو.” رڪن الدين ننڍي ڀاءُ کي آٿت ڏني.رڪن الدين فون ته رکي ڇڏي پر سوچ ۾ پئجي ويو ته ڀاءُ سان الاھي ڇا جي صلاح ڪرڻي آھي.الله خير ڪري. ڪا ڳالهه سمجهھ ۾ نه آيس ته ذهن تان اھو خيال ھٽائي ڪمري کان ٻاھر نڪتو. سڄي گھر تي اڪيلائي ڇانئيل ھئي. گھر جي اڪيلائيءَ کيس ڊيڄاري وڌو. گھر جاڪمرا کيس ڪنھن جيل جي کولين جيان لڳا. جن جي اونداھ قيدين کي ڳڙڪائي وئي ھجي. سندس ذھن ۾ مختلف خيال ۽ وسوسا واچوڙن جيان ايندا ۽ ويندا رھيا. ڪورونا وگھي موت جي خيال سان ئي سندس لڱ ڪانڊارجي ويا. ھن ٻڌو ھو ته ان ڪني بيماري ۾ مرندڙ کي ته نه غسل وارو ٿي مليو ۽ نه ئي جنازي پڙھائڻ وارو. ھو سوچڻ لڳو ته جيڪڏھن کيس اھا بيماري لڳي ۽ لاڪ ڊائون دوران ئي ان جي ور چڙھي ويو ته ڪنھن کي سندس خبر ئي نه پوندي.کيس ننڍي ڀاءُ ۽ ٻين دوستن جي ٻئي شادي جي صلاح ھاڻي درست لڳي ھاڻي درست لڳڻ لڳي ھئي. جيڪا ھن ھميشه رد ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ ته نسيم سندس زال ئي نه دوست ۽ محبوبه به ھئي. نسيم جيڪا ھڪ سرڪاري اسپتال ۾ نرس ھئي. ڪيترائي نوجوان مٿس فدا ھوندا ھئا. پر ھوءَ ڪنھن کي کنگهندي به ڪونه ھئي. پر رڪن سان ھن جو اھڙو نينھن اڙيو جي مٽن مائٽن جي مخالفتن جو مقابلو ڪري سڀني کي ڇڏي ھميشه لاءِ ھن جي ٿي وئي. سندس پيار ۽ خوشگوار زندگي جا مثال ڏنا ويندا ھئا. پر ٽن ٻارن کان پوءِ ھن کي ڪارو ڪامڻ اچي ورايو. کيس اھو مرض اھڙو چھٽيو جو سندس زندگيءَ جو خاتمو ڪري ڇڏيائين.
رڪن الدين کي مجبوبه زال جي وڇوڙي جھوري وڌو پر ھن جلد ئي پاڻ سنڀاليو ۽ پاڻ کي مڪمل طور ٻارڙن لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. کيس جڏھن به ٻئي شادي لاءِ چيو ويندو ھو ته ٽاري ڇڏيندو ھو. جيڪڏھن ڪو دوست وڌيڪ زور ڀريندو ھو ته ھو ڪاوڙجي پوندو ھو. نيٺ دوستن به چوڻ ڇڏي ڏنو. پر ڀاءُ ته نيٺ ڀاءُ ھو. رھي نٿي سگھيو. سو اڃا به نٿي مڙيو. وبا جي ڏينھن ۾ اڪيلائي ڄڻ ته ڪا ڏائڻ بڻجي سندس دل چٻاڙڻ ٿي آئي. ھو اڪيلائيءَ کان گھٻرائي گيٽ کولي ٻاھر نڪتو. گھٽي صفا خالي ھئي. ڄڻ سڄي ڪالونيءَ تي راڪاس ڦري ويو ھو. ھن کي ايئن لڳو ڄڻ سڄي دنيا سندس گھٽيءَ جيان خالي ٿي وئي آھي. ھو واپس پنھنجي گھر ۾ گھڙ آيو ۽ گيٽ بند ڪري ان کي اندران ڪڙو ڏيئي ڇڏيائين.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *