تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

اڇو پاڻي لڙ ٿيو…نصاب ۾ شامل ٿيڻ جهڙو ڪتاب …غلام حيدر برهماڻي

ناصر علي پنهور گذريل ٽن ڏهاڪن کان سماجي کيتر ۾ ڪم ڪري پيو، پر سندس خاص سڃاڻپ ماحولياتي ماهر ۽ سماج سڌارڪ طور آهي. اهو ئي سبب آهي ته،
هن کي ٻيلن، ڍنڍن، درياهن ۽ سامونڊي پٽي جي پسمانده ۽ پٺتي پيل علائقن ۽ انهن جي ماڻهن سان پيار آهي. هن کي قدرتي آفتن جي امڪاني مصيبتن، خطرن ۽ خدشن جي به خبر آهي ته وري ڏڪار جي ڏولاون ۽ ڏوجهرن جي پڻ چڱي ريت پروڙ آهي.
ناصر علي پنهور جي تازي ڇپيل ڪتاب جو عنوان آهي. ”اڇو پاڻي لُڙ ٿيو“.
ڪتاب کي ڇهن مکيه بابن ۾ ورهايو ويو آهي. 1.سنڌو درياهه انڊس ديلٽا ۽ ڊئم، 2.موسمي تبديليون، ماحول ۽ فطرتي وسيلا 3.پاڻي 4.ڍنڍون، جهنگلي جيوت ۽ ٻيلا، 5. ٻوڏون، ڏڪار۽ زلزلا، 6. پائيدار ترقي. ڪتاب ۾ انهن موضوعن تي ننڍا وڏا 79 مضمون موجود آهن، جيڪي ليکڪ مختلف وقتن تي سنڌ جي ماحول ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلن کي عام پڙهندڙن کي آگاهه ڪرڻ لاءِ پئي لکيا آهن.
مصنف لکي ٿو ته، ”صاف پاڻي جي اڻهوند ۽ ان سبب متاثر ٿيندڙ سنڌو درياهه، ٻيلا، ڊيلٽا ۽ ڍنڍون، ٿر، ڪاڇو، ڪوهستان اهي سڀ ماحولياتي بگاڙ جو شڪار آهن. سنڌ مان صاف پاڻي ناياب ٿي ويوآهي. درياهه، ڍنڍون ۽ واهه شهرن توڙي صنعتن جي گندي پاڻي جي نيڪال سبب گدلا ٿي ويا آهن. ڍنڍن تان ديسي ۽ پرديسي پکي منهن موڙي ويا آهن“. جنهن لاءِ ڀٽائي چيو آهي ته؛
”اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن
ايندي لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجڙا“
ڪتاب جو مهاڳ ، سنڌ جي اجتماعي شعور جي هڪ جيئري جاڳندي وهندڙ درياهه، عورتن جي ڳاٽ کي اوچو ڪندڙ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي لکيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته: ”سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪنارن، تاريخ جا الائي ته ڪيترا لاها چاڙها ڏٺا آهن. هماليه جي اونچين ٽڪرين مان وهي نڪرندڙ هي اربيلو پاڻي جو وهڪرو ڪڏهن نديءَ جي روپ ۾ ور وڪڙ کائي سر پٽ ميدانن جو رخ ٿو ڪري ته پنهنجي گجگوڙ ۽ اڻ ميي پاڻي سبب درياءُ شاهه بادشاه بڻجيو وڃي“.
سنڌ ۾ سائنسي تحقيق جي حوالي سان وڏو ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر پروفيسر علي مرتضيٰ ڌاريجو صاحب هن ڪتاب تي پنهنجا قيمتي ويچار ڪجهه هن ريت ونڊيا آهن ته
”سنڌ ۾آرهڙ گذارڻ هاڻ مذاق ناهي! اڄ جو انسان، جنهن کي سائنس سياڻي ماڻهو جي نالي سان سڏي ٿي، پنهنجي تاريخ ۾ قدرتي ماحول کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ جاندار ثابت ٿيو آهي. رڳو هڪ صدي جيتري مختصر عرصي ۾ سندس لوڀي ۽ ماحول دشمن سرگرمين نه رڳو پنهجي لاءِ ته هن ڌرتيءَ تي رهندڙن بيشمار جيوت لاءِ به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي“.
.
ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي پروفيسر نور احمد جنجهي مصنف جي قلمي پورهئي تي روشني وجهندي چئي ٿو ته: ”ناصر علي پنهور سنڌ جي هڪ هڪ ماحولياتي ماڳ جي ماحول ۾ پيهي، احوال هٿ ڪري، ان بابت پنهنجي تصور کي جوڙيو آهي. تنهن ڪري اهو چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته هو زميني حقيقتن ۽ فطرت جي ٻهڳڻائپ تي آڌاريندڙ اهڙو ماحولياتي پارکو آهي. جيڪو انهي قسم جي اڀياس دوران سکندو به رهي ٿو ماحوليات سان ٿيندڙ ترڪٽي، قدرتي آفتن، بابت مضمونن سان گڏوگڏ جٽادار ترقي بابت به ليک شامل آهي. اميد ته مصنف جي اورچائي رنگ لائيندي “. پيڪاڪ اداري پاران ڊاڪٽر آفتاب ابڙو تمام گهرائي سان هن ڪتاب جي اهميت، افاديت ۽ ضرورت بابت تفصيل سان روشني وڌي آهي۽ سڀني موضوعن تي جامع انداز ۾ نڀايو آهي. مجموعي طور تي ڪتاب ۾ليکڪ اسان کي خاص طور سنڌو درياهه، ڊيلٽا، پاڻي جي اهميت، موسمي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن، ٻوڏن، ڏڪارن، جهنگلي جيوت، ڍنڍن جي اهميت پائيدار ترقي وغيره جي باري ۾ اهم ڄاڻ ڏني آهي.
هن ڪتاب کي اسڪولي نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل ماحوليات جي تحفظ ۽ ان جي بچاءُ لاءِ نه رڳو آگاهي حاصل ڪري سگهي پر اڳتي هلي عملي طور ڪردار ادا ڪري سگهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *