تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

اچو ته ڪو نئون جهان جوڙيون … ڊاڪٽر پيار علي جتوئي

لکين ڪروڙين سال اڳ هي ڌرتي جيڪا ڪڏهن ڪيڏي نه سهڻي، ساوڪ سان ڀريل هئي، وڻ ٽڻ ٻوٽا، هزارين لکين قسمن جي ٻوٽن سان جهنجهيل هئي، ڪروڙين قسمن جا جانور، پکي، جيت جڻا، نانگ بلائون رهنديون هيون، قسمين قسمين پوپٽ، ڀنڀوريون، ڀنور ۽ پروانا آسمان ۾ اڏرندا نظر ايندا هئا، هي ڌرتي ماتا سڄي جيوت کي پنهنجي گود ۾ امن و امان سان رهائيندي هئي، هر جيوت پنهنجي موج مستي سان ڪڏندي نظر ايندي هئي. هتي حياتي نون رنگن ۽ روپن سان ٽڙندي ۽ ڦٽندي نظر ايندي هئي. روز نئين حياتي نئين انداز سان نئين زندگي کي جنم ڏيندي هئي. آخر هن پرامن ڌرتي کي ڪنهن اڀاڳي جي نظر لڳي وئي، هن پر امن ڌرتي تي سمورين پيار محبت وارين مخلوقن منجهان پرتشدد ۽ جهيڙاڪ مخلوق ”انسان“ پيدا ٿي پئي، جنهن جو ڪم ئي صرف جنگ ڪرڻ هو. هن مخلوق نه صرف ڌرتي تي رهندڙ ٻين سڀني مخلوقن جو جيئڻ جنجال ڪيو پر هي مخلوق پاڻ ۾ به صلح، امن و امان سان رهڻ بدران هڪ ٻئي جي خون جي پياسي ٿي پئي. نه صرف ايترو پر هن پاڳل مخلوق ٻين جيوت جي رهڻ واري پناهه گاهه ٻيلا، جهنگ، وڻ ٽڻ ٻوٽا وڍي پاڻئون پٽي ڇڏيا هن ڌرتي تان ڪيترن وڻن، گلن ٻوٽن جو نسل به ختم ٿي چڪو آهي. خشڪي ته ٺهيو پر هي مخلوق پاڻي ۾ رهندڙ مخلوق کان به نه مڙي، سمنڊن دريائن، ڍنڍن توڙي واهن ۾ رهندڙ جيوت جو شڪار ڪري وڪڻي کائي کپائي وئي. ان مخلوق سمنڊن دريائن توڙي ڍنڍن ۾ گدلو پاڻي ڇڏي اهڙو ته زهريلو بڻائي ڇڏيو جو پاڻي ۾ رهندڙ جيوت به سسڪي سسڪي، سڏڪي سڏڪي مري وئي. هن ناشڪري مخلوق اڃا اتي به ماٺ نه ڪئي، خشڪي، بحر لتاڙي، ان جو خانو خراب ڪري هاڻي خلا جي ڪڍ پئي آهي. پنهنجي ٺاهيل گاڏين موٽرن، مشينن جو زهر اوڳاڇيندڙ دونهون فزا ۾ خارج ڪري فزا کي به آلودو ڪري رهيا آهن. هن مخلوق نه رڳو ڌرتي جي خشڪي کي ٽڪرن ۽ حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، پر هن ته سمنڊن جون به حدون مقرر ڪري ڇڏيون آهن. ڌرتي تي لڪيرون ڪڍي اهو چيو ويو ته هي ملڪ منهنجو آهي ته هو وطن تنهنجو آهي. تون هن ڌرتي لاءِ پرديسي آهين ته مان هن جي ڌرتي لاءِ اوپرو آهيان. نه هن جي ڌرتي مونکي سونا سنگ اپائي ڏيندي ۽ نه ئي منهنجي ڌرتي مرڻ کان پوءِ به هن کي پنهنجي گود ۾ سمهاريندي. اهي ورهاڱا ورهاستون ايتريون ته وڌي ويون جو هنن نه صرف زمين ٽڪرن لئه پنهنجا مٽ مائٽ ڀائر پيئر ڪٺا پر پنهنجا ٻچا، پرين پيارا به ڪهندا رهيا.
هنن پنهنجي وچ ۾ الائي ڪهڙا عقيدا، وهم وسوسا، سوچون، قائدا قانون، ريتون رسمون ۽ رواج تخليق ڪيا ۽ انهن کي ايترو مڃيندا رهيا جو انهن تي عمل پيرا ٿيڻ لاءِ هڪ ٻئي کي ڪهڻ کان به ڪين ڪيٻايو. تاريخ گواهه آهي ته هن ڌرتي تي آيل آسماني آفتن، قدرتي سيلابن، آتشڪدن، زلزلن، باهين وحشي جانورن ايترو انسان کي نه ماريو هوندو، جيترو انهن انسانن هڪ ٻئي کي عقيدن، وهمن وسوسن جي ڪري ڪٺو هوندو. ڌرتي تي شايد ئي ڪا سڀاڳي جڳهه بچي هجي جتي ڪنهن بيگناهه انسان جي رت نه وهي هجي. تاريخ ڀري پئي آهي انساني ڪنن ڪرتوتن سان، انساني وحشي صفتن سان ۽ ان جي بي قياص بي رحمانا عملن سان. هي ڌرتي گواهه آهي ته هن پنهنجي سيني تي ڪروڙين اربين بيگناهه انسانن جي رت ٽمندي محسوس ڪئي هوندي. هن ڌرتي وحشي درندن هٿان پنهنجي ٻچڙين، معصوم نياڻين جي عصمت نيلام ٿيندي ڏٺي هوندي، هن ڌرتي پنهنجي سيني تي ٿيندڙ ڪيئي ظلمن جا داستان ڏٺا هوندا، هي ڌرتي اهڙن سمورن ڪيسن، ڪلورن، ظلمن، ستمن جي اکين ڏٺي گواهه هوندي.
هينئر هي ڌرتي گندگي جو ڍير بڻجي چڪي آهي. هن ڌرتي تي ماڻهن ئي ماڻهن کي مارڻ لاءِ بارود جا ڍڳ لڳائي ڇڏيا آهن. هي ڌرتي تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي.هي ڌرتي اهي ظلم، ستم، وهشتون پنهنجي سيني تي سهي ٿڪجي پئي آهي. هاڻي هن ۾ وڌيڪ ظلم، ڏک ڏاکڙا سهڻ جي همت ناهي رهي. هي ڌرتي دانهون ڪوڪون ڪري رهي آهي، روز رڙيون ۽ واڪا ڪندي رهندي آهي، مون سندس سڏڪا ٻڌا آهن. مان خلائن ۾ ڌرتي جون دانهن ڪنايون آهن، ڌرتي جا سڏڪا ٻين گرهن تائين آرام سان ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. هن جي من ۾ انسان خلاف ڏاڍو ڪروڌ ڀڙڪي رهيو آهي، هن جي سيني ۾ انسان ذات لاءِ ڏاڍ ڏمر، ڪاوڙ ۽ غصو پلجي رهيو آهي. هي ڌرتي ماڻهو ذات مان بيزار ٿي پئي آهي. مونکي ڪيترائي ڀيرا پنهنجي ماء ڌرتي جا سڏڪا ٻڌڻ ۾ آيا آهن، مونکي ڌرتي ماتا جا سڏڪا سمهڻ نه ٿا ڏين. مان ڪيترائي ڀيرا ڌرتي جون دانهن ٻڌي اڻٻڌيون ڪري ڇڏيون آهن پر پوءِ به هن جون درد ڀريون دانهون منهنجو چين ڦٽائي رهيون آهن.مان پڻ ڌرتي ماءُ جون دانهون ٻڌي ڏاڍو اداس ٿي پيو آهيان، هنن گندن، گدلن، مطلبي، تعصبي، جهيڙاڪ، ويڙهاڪ، ساڙ سڙين ماڻهن مونکي دلشڪسته ڪري وڌو آهي. مان ڏاڍو ڪاوڙ ۾ آهيان. هي ماڻهو مونکي نه ٿا وڻن، منهنجي اندر ۾ جوالا مکي ڀڙڪي رهيو آهي، مان جلال ۾ اچي سوچيان ٿو ته ڇونه هن سڄي ڌرتي کي ڀاڪر ۾ ڀري اهڙو ته زور ڏجي جو اها ڌرتي ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پئي. يا وري سوچيان ٿو ته هن ڌرتي کي هٿن ۾ کڻي ايڏو ته زور سان هيٺ پٽ تي اڇلايان جو هي دنيا ريزا ريزا ٿي پئي. مان هن مطلبي ڌوڪيباز ۽ مفاد پرست دنيا کي ٽڪرا تڪرا ڪرڻ ٿو چاهيان ٿو. هي اها دنيا ناهي، جيڪا منهنجي سوچن جي دنيا آهي، جيڪا منهنجي تخيل جي دنيا آهي، جيڪا منهنجي خوابن جي دنيا آهي. تنهنڪري مان هن فصول دنيا کي ڊاهي هڪ نئين دنيا اڏڻ چاهيان ٿو. مان ان ڀڳل ۽ ٽٽل دنيا جي ڇيتين کي پنهنجي چپٽين سان ميڙي ڪٺو ڪري وري هڪ نئين دنيا جي تعمير ڪرڻ گهران ٿو. مان پنهنجي خوابن ۽ خيالن جي دنيا تخليق ڪرڻ چاهيان ٿو. هڪ نئين نڪور دنيا کي وجود ۾ آڻي، سڀ کان پري ڪنهن ڏوراڻي ڪهڪشان جي گرهه مان چيڪي مٽي ڳولي وري ان کان اربين نوري سال پرتي ڪنهن ٻي دنيا ۾ اڇو اجرو پاڻي آڻي، ان مٽي سان ملائي، فرشتن کي حڪم ڪيان ته وضو ڪري ان مٽي کي ڳوهيو، اهڙو ڳوهيو جو اها مٽي لسي ۽ ڪونئري ٿي پئي. پوءِ ان مٽي مان مان ڪو نئون انسان تخليق ڪيان. اهڙو انسان جنهن ۾ ڪوئي شيطان شامل نه هجي، اهڙي نرم مٽي مان سندس ايتري ته نازڪ دل ٺاهيان جو اهو انسان ڪڏهن به پنهنجي دل ۾ نفرتون پالي نه سگهي. اهڙو انسان جيڪو محبت پيار پريم جو پيڪر هجي، جنهن جي دل ۾ ڪينو ڪدورت، ڪاوڙ غصي جو ٻج ڇٽيل نه هجي. اهڙو انسان هجي، جنهن ۾ جنگي جنون، ڪاوڙ ڪروڌ جو عنصر شامل نه هجي.ها مونکي هڪ اهڙو جهان جوڙڻ ڏيو، جنهن ۾ ڪوئي انسان ڪنهن ٻئي انسان ته ڇا پر ڪنهن جيت جانور جو به برو نه چاهيندو هجي، منهنجي خوابن جي ان دنيا ۾ جنگ تي پابندي لڳل هوندي، منهنجي دنيا ۾ ڪوئي بارود، بم گولن جو ڪوئي ڪارخانو هوندو ۽ نه ئي ڪوئي هٿيارن گولين جو واپار ڪندو هوندو. ها منهنجي ان پنهنجي دنيا ۾ ڪوئي انسان بک وگهي نه مرندو، ڪوئي تن اگهاڙي توڙي کليل آسمان هيٺ رات نه گذاريندو. ها منهنجي ان پنهنجي دنيا ۾ ڪنهن نياڻي جي عصمت نه لٽي ويندي، منهنجي ان دنيا ۾ روشن دنيا ۾ اونداهي جو وجود ئي نه هوندو، هر طرف روشني، رونق ۽ دلفريب منظر هوندا. منهنجي ان خيالن جي دنيا ۾ ڪوئي ڪنهن جو غلام نه هوندو، آزادي هر انسان جو بنيادي حق هوندو. منهنجي ان دنيا جي باغ و بهار گل و گلزار ۾ خزان جو گذر نه هوندو پر سڄوسال بهار هوندو.ها مان ان ڏينهن ”انسان زنده باد“ جو نعرو هڻندس جنهن ڏينهن منهنجي ان جوڙيل پوري جهان ۾ ڪنهن هڪ انسان جو به قتل نه ڪيو ويندو. مونکي اهڙي جهان جوڙڻ ۾ اچو منهنجو ساٿ ڏيو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *