تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

اچو ته! لائبريرين کي مشعل راهه بڻايون!…حبيب مرکنڊ

جڏهن هڪ انسان کي مصروف زندگيءَ ۾ گھڻا بار پئجي ويندا آهن ته زماني جا غم ان جي مٿان حاوي ٿي ويندا آهن. جيڪو ماڻهو زماني جي جنون ۾ وڪڙجي ويندو آهي اهو زندگي جي تڪليفن کان بچڻ لاءِ مختلف پناهه گاهون ڳوليندو آهي. انھن وزنن، پريشانين ۽ تڪليفن مان نڪرڻ لاءِ پاڻ کي مصروف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڪجهه ماڻهو راند روند ۾ مصروف ٿي ويندا آهن ته ڪجهه وري فلمون، گانا ۽ ڊراما ڏسي سڪون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته ڪي وري عبادت ۾ مشغول ٿي ويندا آهن ته ڪجهه وري ناسمجهه ماڻهو نشو واپرائيندا. پر انهن مان وري ٻئي قسم جا ماڻهو هوندا آهن جيڪي هميشه فائدي ۾ رهندا آهن هڪ طرف انهن جي پريشانيون ۽ تڪليفون ختم ٿي وينديون آهي ته ٻئي پاسي انهن جا احساس، فڪر ۽ سمجھه ۾ ڪافي اضافو ٿيندو آهي حقيقت ۾ هي ماڻهو ڪتب خانن کي ذهني سڪون ۽ ڪتابن کي پنهنجو دوست ڪندا آهن. انسان ڪتابن جي مطالعي ۾ نه صرف پنهنجي پريشانين، تڪليفن ۽ غمن کي وساري ڇڏيندو آهي پر ان جي سوچ ۾ ڪشادگي، شوق ۾ اضافو ۽ احساس ۾ واڌارو پيدا ٿيندو آهي، ان جو دامن علم سان گڏوگڏ فضيلت جي موتين سان ڀرجي ويندو آهي.
ڪتاب بهترين دوست هوندو آهي، انسان انسان کي ڌوڪو ڏئي سگهي ٿو، پر ڪتاب ڪڏهن به دوکو نه ٿو ڏئي سگهي. ڪتاب سچو ساٿي، بهترين صلاحڪار ۽ معتبر رهنما هوندو آهي ڪتاب علم جو نور ۽ قلم جي عظمت جو خوبصورت اظهار هوندو آهي. تاريخدانن جي لکڻين مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتابن سان اسان مسلمانن جو ڪنهن دور ۾ هڪ خاص اهم تعلق رهيو آهي. اسان جي پياري پيغمبر حضرت محمد صه تي جيڪا پهرين وحي نازل ٿي هئي ان جو به حڪم هو: پڙهه. ڪتب خانو ڪنهن به قوم جو عملي عظمت ۽ فڪري بصيرت جو آئينو هوندو آهي. ان سلسلي ۾ اسان هڪ شاندار تاريخ جا مالڪ ٿي گذريا آهيون پر هاڻي اها ڳالهه ماضي جا قصا ڪهاڻيون بنجي چڪي آهي ۽ افسوس ڪروڻ کان سواءِ ڪجهه ناهي رهيو.
جنهن قوم جا فرد علم جي دولت سان مالامال هوندا آهن اهي سڀ کان پهرين پنهنجي ابن ڏاڏن جي تصنيفات کي ڪتب خانن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيندا آهن، جن کي زماني جي گردش جو خطرو هوندو آهي. اھڙي طرح تاريخ به انهن جو احترام ڪندي آهي جيڪي علمي سرمائي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻيندا آهن. جنھن ملڪ ۾ راندين جا ميدان آباد هجن، ان ملڪ جون اسپتالون ويران هونديون آهن ۽ جنھن ملڪ جا ڪتب خانه آباد هوندا آهن اتان جا قيدخانه ويران هوندا آهن. پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ اسپتالون، روڊ، رستا، تعليمي ادارا ۽ ٻيا سرڪاري ادارا ويران آهن ته ڪتب خانه به ختم ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. اسان جي حڪومت جو اسان جي تعليمي ادارن طرف گهٽ توجه آهي جنهن ڪري اسان جو تعليمي نظام ناڪاره بڻيل آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي ته ڪنڊيارو باءِ پاس تي ڪجهه هاڪر اخبارن جي سيٽنگ ڪري رهيا هئا ته انهن سان منهنجي ڪچهري ٿي. مون انهن کان پڇيو ته ڇا ڪنڊياري شهر ۾ مڪمل اخبارون نه اينديون آهن؟ انهن مان هڪڙي چيو ته اخبارون ته مڪمل اينديون آهن، مون چيو ته مون رڳو ڪجهه اخبارون ڏٺيون آهن، جڏهن اخبارن جي موڪل جو ڏينهن هوندو آهي ته رڳو هڪڙي اخبار نظر ايندي آهي. هن چيو ته سائين شهر ۾ ڪافي ساريون اخبارون اينديون آهن جيڪي اسان مختلف هنڌن تي ڏئي ڪري آخر ۾ ڪنڊيارو جي يونين ڪائونسل جي طرفان قائم ڪيل لائبريري ۾ ڏيندا آهيون جيڪي توهان کي لائبريري تي ملي سگهن ٿيون پڙهڻ جي لاءِ، ٻئي ڏينهن تي آئون جڏهن ان لائبريري تي ويس ته ٻٽي ڇوڪرا ويٺا هئا جيڪي اخبارن جو مطالعو ڪري رهيا هئا، مون جڏهن ان لائبريري جي انچارج کان معلومات ورتي ته ان ٻڌايو ته سائين هتي اخبارون ڪافي ساريون اينديون آهن جن جو خرچ يونين ڪائونسل ڀريندي آهي. مون ان کان پڇيو ته ڀلا ڪتاب صفا گهٽ آهن هتي، هن چيو ته اداري کي ڪافي دفعا خط لکيا آهن پر انهن تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. ان لائبريري تي اخبارون ته ڪافي ساريون هيون پر ڪتاب تمام ٿورا نظر آيا جيڪي ڪجھه اسلامي هئا ته ڪجهه وري سياسي، ادبي ۽ ڪجهه درسي ڪتاب هئا.
هن دور ۾ شهر جي وچ ۾”قاضي عبدالغفار” جي نالي سان لائبريري قائم ڪئي وئي آهي، جنهن کي ٻن ورهين کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي اخبارون اينديون آهن ته انهن سان گڏوگڏ لائبريري ڪتابن سان ڀري پئي هوندي آهي، جٿي ڪافي سارا ڪتاب مختلف فنن تي موجود آهن جن ۾ تاريخي ڪتاب، حديث و فقه تي لکيل ڪتاب، مختلف سياسي سماجي، ليکڪن، بزرگن، صالحن جي زندگين تي لکيل ڪتاب، بيمارين ۽ صحت تي لکيل ڪتاب ۽ ٻين ڪيترن ئي فنن تي ڪتاب شامل آهن جن جي مطالعي سان معلومات جو ذخيرو جمع ٿيندو آهي. اهڙي طرح جامعه عربيه غفاريه درگاهه الله آباد شريف ڪنڊيارو ۾ “بخشيه لائبريري” قائم آهي جنهن ۾ ڪافي سارا قرآن ڪريم جا تفسير، جن ۾ تفسير مظهري، تفسير بيان القرآن، سنڌي زبان ۾ شاهڪار تفسير،  “تفسير احسن البيان في تفسير القرآن”  نو جلد (مولانا محمد ادريس ڏاهري) ۽  ٻيا ڪيترا ئي حديثن جا معتبر ڪتاب، اصول فقه، تاريخي ڪتاب، ادب جي حوالي سان مختلف ڪتاب، درسي نظامي جا مڪمل ڪتاب، مختلف شهرن  مان شايع ٿيندڙ رسالا، مختلف معتبر ڪتابن جون شرحون، معتبر مصنفن جا ڪتاب ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب موجود آهن. الغرض! ته ڪتب خانه قوم جي ضرورت ھوندا آھن اسان جا حڪمران اليڪشن جي ڏينهن ۾ واعدا ڪندي نظر ايندا آهن ته اسان هر ضلع هر تعلقي کي هر قسم جون سهولتون ۽ سامان ۽ ٻيون شيون مهيا ڪنداسين،  پر اڄ تائين ڪنهن به چيو آهي ته اسان ضلعي يا تعلقي جي لاءِ هڪ لائبريري جو قيام عمل ۾ آڻينداسين جنهن ۾ هر سهولت سان گڏ معياري ڪتاب هوندا.
اچو ته! پنهنجي ايندڙ نسل کي ڪاپي ڪلچر کان بچايون ۽ هر ضلعي، تعلقي، هر يوسي ۽ هر ڳوٺ ۾ لائبريري قائم ڪيون ۽ هر لائبريري ۾ هر فن تي ۽ هر موضوع جي مناسبت سان ڪتاب رکون ۽ پنهنجي ايندڙ نسل کي تعليم جي دولت سان نوازيون . اهو وقت پري ناهي جو اسان جي تاريخ جو هڪ باب روشن ٿي ويندو ۽ اسان پنهنجي پراڻي روايت، وراثت ۽ ڪتاب دوستي کي زنده ڪري سگهو ٿا پر ان جي لاءِ هڪ شرط آهي ته حڪومت ان طرف خصوصي توجهه ڏئي ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جديد قسم لائبريريون قائم ڪيون وڃن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *