تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

اچو ته رت جي رشتن کي بچايون! …عامر جوڻيجو

زندگي ۾ اڻ پڄاڻا ۽ مضبوط رشتا ملن ٿا جن جي پنهنجي الڳ عزت ۽ تقدس هوندو آهي ۽ انهن عظيم رشتن ۾ پيءُ، ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻُ، چاچوُ، چاچي، سئوٽ، ماسات، پڦاٽ، ماروٽ ۽ ٻيا رشتا اچي وڃن ٿا، جيڪي اڻٽٽ ۽ مضبوط هوندا آهن ۽ خدا پاڪ اسان کي انهن رشتن کان سواءِ دوستي وارو عظيم رشتو پڻ سونپيو آهي، پر رت جي رشتن جو الڳ تقدس رکيو آهي، ڏک ۽ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هاڻ انهن رت جي عظيم رشتن کي ڄڻ ڪا نظر لڳي وئي آهي جو اڄ انهن عظيم ۽ اڻ ٽٽندڙ رشتن ۾ وڏا وڏا ڏار پئجي رهيا آهن جن جا مثال اسان کي روز ڏسڻ وٽان ملن ٿا، روزانو ميڊيا تي رت جي رشتن جو سرعام قتلام ڏسون ٿا، اهڙن رشتن جي ٿيندڙ قتلام سبب لڱ ڪانڊارجي ويندا آهن ۽ اکين مان لڙڪ به لڙي ايندا آهن، هر روز ڪٿي نه ڪٿي ڀاءُ هٿان ڀاءُ، ڀاء هٿان ڀيڻ، پٽ هٿان پيءُ، پٽ هٿان ماءُ، يا سئوٽ هٿان سئوٽ توڙي پڦاٽ هٿان ماروٽ قتل ٿيندا نظر اچن ٿا، يقين ڄاڻو جڏهن به اهڙا منظر ڏسڻ وٽان ايندا آهن ته ذهن ۾ ڪافي سوال ۽ وسوسا پيدا ٿي ويندا آهن ته آخر اڄ هنن اڻ پڄاڻن رشتن کي ائين ڇو ته ماريو وڃي.!، جيڪا ڳالهه منهنجي روح کي روئاڙي ڇڏيندي آهي، ڪٿي ته وري نافرمان پٽ پوڙهي ماءُ توڙي پيءُ کي بناجواز گھرن مان ئي ڪڍي ڇڏين ٿا، اهڙيون خبرون روز اخبارن ۾ ملن ٿيون پر اسان ڪجھه ڪلاڪن يا ڏينهن تائين اُهي واقعا ذهن تي رکڻ بعد ائين ڪڍي ڇڏيندا آهيون جيئن اهي واقعا ٿيا ئي نه هُجن، مختلف شهرن ۾ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي معمولي سببن جي ڪري موت جي ننڊ سمهاري ڇڏي ٿو. اهڙا واقعا به روزانو ملن ٿا ٿورين ٿورين ڳالهين تي اسان پنهنجا رت جا رشتا وڃائي ويهون ٿا
اڳي ائين ڪٿي هوندو هو ته ننڍين ننڍين ڳالهين جي ڪري رت جا رشتا وڃائجن.؟ اڳي ته رت جي رشتن تي ٿوري به ڏکي محل ايندي هئي ته هڪدم سڀ گڏ ٿي ويندا هئا ۽ ملي جھُلي ڪري انهن جا مسئلا حل ڪري پريشانين کان بچايو ويندو هو، ڪنهن کي ٿوري به تڪليف ايندي هئي ته گڏجي سموريون تڪليفون ختم ڪيون وينديون هيون. پر هاڻ اُهي محبتون ئي غائب ٿي ويون آهن هاڻ صرف هر هنڌ جتي ڪٿي صرف وحشتون ئي جنم وٺنديون پيون وڃن، ۽ اُهي رت جا رشتا هڪ ٻئي کان ڌار ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. انڪري ضروري ائين آهي ته اسان کي سموريون ڳالهيون هڪ هنڌ رکي صرف پيار ۽ محبت سان هلڻ گھرجي ۽ پنهنجي رت جي رشتن جو تقدس کي بچايون.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *