تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

اپوزيشن جي تحريڪ سان حڪومت ويندي-چور گڏ ٿيا آهن ڪجهه نه ٿيندو: عوام جي راءِ ورهايل…نيٺ ٿيندو ڇا ؟

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پي ڊي ايم جي گجرانوالا جلسي سان حڪومت خلاف اپوزيشن جي تحريڪ شروع ٿي وئي آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟، جنهن تي عوام جي راءِ ورهايل رهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته اپوزيشن جي تحريڪ سان پي ٽي آءِ حڪومت هلي ويندي، ڪجهه ماڻهن وري اهو چيو ته مخالف ڌر جي تحريڪ ۾ سڀ چور گڏ ٿيا آهن حڪومت تي ڪو به فرق نه پوندو، اهڙي تحريڪ سان ڪجهه نه ٿيندو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته بھتر آھي حڪومت کي سوچڻ تي مجبور ضرور ڪندا، پرويز علي لکيو ته پهريان انهن سڀن کان پڇو ته جي عمران خان جي حڪومت وڃي ٿي ته ڇا اهي هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيندا؟ نياز سومرو لکيو ته گجرانوالا جلسي حڪومت کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، امر راءِ سنگهه لکيو ته انهيءَ سان ڪو فرق نه پوندو. عوام کي ڪوبه رليف نه ملندو. سعدالله جتوئي لکيو ته اھوجيڪو به اپوزيشن پارٽين پاران ڪيو پيو وڃي ان سڀ ڊيل لاءِ آهي، فخر الزمان سومرو لکيو ته حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب اپوزيشن جي تحريڪ زور پڪڙي چڪي آهي. مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام کي اپوزيشن جي تحريڪ مان اتساهه مليو آهي، محمد حارث لکيو ته 30 سالن کان هڪٻئي کي چور چوندڙ سڀ جلسي ۾ گڏ ٿيا، اويس سنياسي لکيو ته عمران حڪومت عوام دشمن آهي، محمد الياس لکيو ته پاڪستان ترقي يافته ملڪ ٿيندو، ايم جان بي لکيو ته عوام کي ڪو به فائدو نه ٿيندو، عبدالله جروار لکيو ته جلسي سان حڪومت ڪمزور ٿيندي. لڳاتار هلايل هلچل جي نتيجي ۾ عمران خان جي حڪومت ختم به ٿي سگهي ٿي. پر عوام کي ڪهڙو رليف ملندو؟ خادم رند لکيو ته گجرانوالا جو جلسو مخالف ڌر لاءِ احتجاجي تحريڪ جا بنياد مھيا ڪندو. ڏسجي ته مخالف ڌر جا اڳواڻ نواز شريف ۽ مريم نواز وارو جارحاڻو مؤقف اختيار ڪن ٿا يا ان ۾ نرمي ٿا آڻين. علي مدد جمالي لکيو ته حڪومت لاءِ ڏکيائي ٿيندي، عادل الاهي بخش لکيو ته اپوزيشن جي تحريڪ حڪومت خلاف ريفرينڊم ثابت ٿيندي، پي ٽي آءِ حڪومت ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪئي آھي، علي محمد مري لکيو ته انشاءُ الله حڪومت ختم ٿي ويندي، هن حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي، الطاف بلوچ لکيو ته اپوزيشن جي تحريڪ حڪومت کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت هن وقت وائڙائپ جو شڪار آهي حڪومت کي صبر ڪرڻ کپي ها گرفتاريون ڪرڻ نامناسب حرڪت آهي جلسا ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي، عطا محمد چنا لکيو ته تحريڪ عوام سان ھوندي آھي، نديم بلوچ لکيو ته هرهڪ سياسي ڀوتار صرف پنهنجي مفاد لاءِ سڀ ڪجھه ڪري ٿو حڪومت تي ڪو به اثر نه پوندو، نياز ڪنڀر لکيو ته اها رواجي گالهه آهي انهي سان ڪجهه نه ٿيندو، عبدالمالڪ لاشاري لکيو ته هن اپوزيشن مان حڪومت کي ڪو به خطرو ڪونهي، وقاص ياسين لکيو ته خاص فرق ڪو به ڪو نه پوندو، صاحب خان لکيو ته عوام سجاگ ٿي چڪو آھي، حبيب الله مهر لکيو ته جيئن اپوزيشن اڄ واري جلسي ۾ متحد آھي ائين متحد رهي ته انشاالله هي حڪومت گهر وڃي سگهي ٿي، آفتاب علي بجير لکيو ته حڪومت ساڳئي رهندي عوام سورن ۾ رهندو، نياز ڪلوئي لکيو ته حڪومت پريشان آهي،سانگيڏانسنگهه راٺوڙ لکيو ته هن تحريڪ سان ڪجهه نه ٿيندو، عبدالوهاب ڪنڀر لکيو ته هاڻي نا اهل ۽ نا لائق حڪومت لاءِ وڏو امتحان آهي، شبير سهتو لکيو ته حڪومت جي خلاف جلسو ريفريڊم ثابت ٿيندو هن نااهل ۽ ناڪام حڪمرانن مان غريب عوام جي جان ڇٽي پوندي، تهذيب علي لکيو ته پي ٽي آءِ حڪومت مان نجات گهرجي، محمد قادر بلوچ لکيو ته اپوزيشن صرف پنهنجي مقصد لاءِ جاڳي ٿي، محمد جمن ساند لکيو ته هاڻ هتي جي حڪمرانن تان اعتبار کڄي ويو آهي، جنسار احمد لکيو ته اپوزيشن جي دٻاءُ ۾ اچي شايد حڪومت ڪجهه رليف ڏي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته حڪومت تي ڪو به اثر نه پوندو، مختيار جمالي لکيو ته ملڪ ۾ سياسي سرگرميون عوام جي فائدي ۾ آهن، شبير شر لکيو ته چورن جي گڏجڻ سان حڪومت تي ڪوبه فرق نه پوندو، عبدالشڪور ڇٽو لکيو ته حڪومت تي ڪو به فرق نه پوندو، مهراڻ ڪلهوڙو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، فرهاد بلوچ لکيو ته سڀ چور گڏ ٿيا آھن، عبدالحڪيم لغاري لکيو ته اپوزيشن جي تحريڪ جي نتيجي ۾ حڪومت مان جند آجي ٿيندي، رياض احمد لکيو ته گو عمران گو، عابد شر ليکو ته سڀ پنهنجي ڪرپشن جي ٿيندڙ جاچ پڙتال تي گڏ ٿيا آھن هنن چار چار ڀيرا اقتدار ماڻڻ باوجود به اڄ تائين عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. ان کانسواءِ سوشل ميڊيا تي مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ شخصيتن پڻ پي ڊي ايم اي جي جلسي جي حوالي سان پوسٽون ڪيون ۽ ٽوئيٽر تي پي ڊيم ايم جلسي جي حمايت ۽ مخالفت ۾ ٽرينڊز پڻ هلندا رهيا.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *