تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

اٽلي ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا … ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو

اٽلي جو شمار يورپ جي تاريخي ۽ خوبصورت ترين ملڪن ۾ ٿئي ٿو، هن ملڪ جي گادي جو هنڌ روم آهي، روم يورپ جو پراڻو شهر آهي جنهن جو بنياد 753 بي سي ۾ پيو. هن ملڪ جي آبادي 6 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي، روم کان علاوه وينس ۽ فلورينس، ملن وغيره به مشهور شهر آهن. اهم ڳالهه ته عيسائن جي روحاني پوپ جو ملڪ ويٽيڪن سٽي به اٽلي اندر روم شهر ۾ ئي آهي. اٽلي سياحت جي حوالي سان دنيا جو پنجو نمبر ملڪ آهي.
اٽلي جا اعليٰ تعليمي ادارا
اٽلي ۾ ڪل 89 يونيورسٽيون ۽ ڪيترائي پوليٽيڪنيڪل تعليمي ادارا ۽ ٻيا انسٽيٽيوٽ آهن. هن وقت 50 هزار جي قريب پرڏيهي شاگرد اٽلي ۾ اعليٰ تعليم پرائي رهيا آهن.QSورلڊ ريڪنگ ۾ دنيا جي ٽاپ هزار يونيورسٽين ۾ اٽلي جون 34 يونيورسٽيون شامل آهن، جڏهن ته THE ۽ شهنگائي ARWU ريڪنگ مطابق مجموعي طور اٽلي جو 52 يونيورسٽي دنيا جون بهترين يونيورسٽين ۾ شامل آهن. جن مان ڪيو ايس ريڪنگ مطابق Politecnico di Milano يونيورسٽي اٽلي جي پهرين ۽ عالمي ليول تي 149 نمبر تي آهي.Sant’Anna – ScuolaUniversitariaSuperiore Pisa 167 نمبر تي آهي، هي يونيورسٽي ڇهن انسٽيٽيوٽس تي مشتمل آهي جتي خاص طور ريسرچ پراجيڪٽس تي ڪم ڪيو وڃي ٿو.
ميلن پوليٽيڪنڪ يونيورسٽي Politecnico di Milano: هي Polytechnic University Of Milanيونيوسٽي سال 1863ع ۾ قائم ڪئي ويئي، هي پوري يورپ جي بهترين ٽيڪنيڪل يونيورسٽين ۾ 6 نمبر تي شمار ٿئي ٿي. جڏهن ته عالمي ليول تي ٽيڪنيڪل يونيورسٽين جي رينڪنگ ۾ 16 نمبر تي آهي. هي يونيورسٽي انجنئرنگ ۽ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي جي حوالي سان اٽلي جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي پڻ آهن ، هن وقت 45 هزار جي قريب هن يونيورسٽي ۾ تعليم پرائي رهيا آهن جن ۾6 هزار جي قريب پرڏيهي شاگرد به شامل آهن جن جو تعلق تقريبن 100 ملڪن سان آهي. هن يونيورسٽي جا ڪيترائي ڪيمپس آهن جن مان ڪيترائي ڪيمپس ميلان شهر ۾ آهن. اهم ڳالهه ته هن يونيورسٽي اندر سمورا پوسٽ گريجوئيٽ ڪورس انگلش ۾ به آفر ڪيا وڃن ٿا، جنهنڪري هن يونيورسٽي ۾پرڏيهي شاگردن جو ڪافي تعداد داخلا وٺي ٿو. هي يونيورسٽي انجنيئر، آرڪيٽڪچر جا ماهر، ۽ انڊسٽريل ڊزائنرس وغيره تيار ڪري ٿي. هن يونيورسٽي ۾ 4 اسڪول ۽ آهن. جن ۾ اسڪول آف آرڪيٽيڪچر اربن پلاننگ ۽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ، اسڪول آف ڊزائين، اسڪول آف انڊسٽريل ۽ انفارميشن انجيئرنگ، اسڪول آف سول، انوائرنمينٽل، اينڊ لينڊ مينيجمينٽ انجنيئرنگ شامل آهن، جن ۾ لاڳاپيل ڪيترن ئي شعبن ۾ ڊگريون ڪرايو وڃن ٿيون. هي يونيورسٽي آرڪيٽيڪچر، ڊزائين ۽ انجنيئرنگ جي مختلف شعبن ۾ بيچلر توڙي ماسٽرس ۽پي ايڇ ڊي ڊگري پروگرام ڪرائي ٿي، ان کان علاوه مختلف انجنيئرنگ ڪورسس ۾ اسپيشل ٽريننگ پرواگرام پڻ آفر ڪيا وڃن ٿا. ان کان علاوه ڪجهه آنلائن ڪورسس به ڪرايا وڃن ٿا. هن يونيورسٽي طرفان مختلف اسڪالرشپس، ۽ اسپيشل فنڊ يا وري پرائز وغيره جي تحت شاگردن کي ڪافي فنائنشل سپورٽ ڏني وڃي ٿي جنهن لاءِ هن لنڪ تي معلومات ڏنل آهي. https://www.polimi.it/en/current-students/tuition-fees-scholarships-and-financial-aid/ ان کان علاوه مختلف ادارن طرفان به شاگردن جي پرفارمنس ۽ ضرورت جي بنياد تي گرانٽس ڏنيون وڃن ٿيون.
رهائش ۽ کاڌي پيتي ۽ ٽيوشن فيس جو خرچ:
ماهوار خرچ جي حساب سان مهيني ۾ هڪ ڪمري جو ڪرايو 440 يورو کان 530 يورو تائين آهي، جڏهن ته ماهوار کاڌي پيتي، ٽرانسپورٽ ۽ ٻيو خرچ 200 يورو کان 350 يورو تائين آهي. ان کان علاوهه هڪ سال لاءِ هيلٿ انشورنس جي فيس 200 يورو اهي. ماسٽرس ۾ سالياني فيس 3898 يورو تائي آهي جيڪا ٻن قسطن ۾ ادا ڪري سگھجي ٿي، جڏهن ته بيچلر ڊگري لاءِ سالياني فيس 3726 يورو آهي، جنهن کي به جمع ڪرائڻ لاءِ ٻه قسطون ڪري ڏنيون وڃن ٿيون. ڪجهه حصو انرولمينٽ سان گڏ جڏهن ته ڪجهه حصو بعد ۾ جمع ڪرائي سگھجي ٿو. جنهن لاءِ شيڊول ڏنو ويندو آهي.
اسڪالرشپ:
ڪنهن کي به شاگرد کي جيڪڏهن ريسرچ پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪرڻ جي دلچسپي هجي جنهن سان شاگرد جي نه صرف فيس وغيره معاف ٿئي ٿي پر کيس رهائش ۽ کاڌي پيتي وغيره ۽ ٽريول، انشورنش سميت جو به خرچ ڏنو وڃي ٿو، ته ان لاءِ گھربل ريسرچ آفرس هن لنڪ تي موجود هجن ٿيون تنهنڪري ڪنهن به اهڙي شاگرد يا ريسرچر کي هن لنڪ تي وڃي ضرور ڏسڻ گھرجي ته ڪٿي سندس دلچسپي مطابق ڪنهن پراجيڪٽ ۾ ريسرچ اسٽوڊنٽ لاءِ ڪا اسڪالرشپ يا گرانٽ ته موجود نه آهي. http://www.dottorato.polimi.it/en/looking-for-a-phd/call-for-positions-and-scholarships/. بحرحال پي ايڇ ڊي فيس تمام گھٽ رکيل آهي، جنهن لاءِ شاگرد کي 200 کان 300 يورو جمع ڪرائڻ جي ضرورت پوي ٿي پر جيئن ته هيلٿ انشورنس، رهائش، کاڌي پيتي ، ٽريول ۽ ٽرانسپورٽ جو خرچ هجي ٿو، مختلف واڌو ٽريننگس وغيره ڪرڻ تي خرچ اچي ٿو، لائبريري وغيره استعمال ڪرڻ جي به فيس ٿي سگھي ٿي، ان ڪري ڪوشش ڪري يونيورسٽي طرفان ملندڙ ڪنهن گرانٽ يا پيڊ پوزيشن ۾ ريسرچر يا اسسٽنٽ اسڪالر طور اپلاءِ ڪرڻ گھرجي ته جيئن باقي ايندڙ خرچن جو به ٽينشن نه رهي ۽ بهتر نموني سان يورپ جي هن مهانگي ملڪ ۾ رهائش ۽ پڙهائي ڪري سگھجي. بحرحال هن يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي پروگرام بابت مڪمل معلومات لاءِ هن ويب سائيٽ تي اسپيشل لنڪ ڏنل آهي. http://www.dottorato.polimi.it/en جتي پوري رهنمائي ملي ٿي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *