تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

اٽلي جي هڪ شخص جو لکيل خط خدارا اٽلي جي غلطين مان سکو ……اظھر آزاد مغل

اسان اٽلي جي ميلان شھر جا  رھواسي آھيون، آئون ھتي اڄوڪي حالتن جي روشني ۾ ھتان جي ڪرڀ ڀري زندگي جي سببن کان اوھان کي آگاھه ڪندس ۽ اوھان جي اڳيان ان جي وضاحت ڪندس. اڄڪلھه جي ھنن مشڪل گھڙين دوارن ھتي  ميلان ۾ زندگي جو چرخو ۽ وايومنڊل ڪيئن آھي ۽ مان ڪھڙي طرح سوچيان ۽ تصور ڪيان ٿو اوھان کي انھن غلطين ۽ انھن جي نتيجن ۽ نقصانن مان سکڻ گھرجي جنھن جي ڪري اسان اڄ ھتي ڀوڳنائن ۽ پيڙائن جو شڪار آھيون.
اسان ھن وقت قرنطينه جي حالت ۾ آھيون، اسان روڊن ۽ رستن تي نه ٿا نڪرون، پوليس مسلسل چؤڪس ۽ تحرڪ ۾ آھي ۽ ھر ان ماڻھو کي گرفتار ڪري ٿي جيڪو قانون جي خلاف ورزي ڪندي پنھنجي گھر کان ٻاھر نڪري ٿو. ھر شي بند آھي!…… ڪاروبار، مالس، اسٽور، سموريون گھٽيون بند آھن.ھر شي ساڪن آھي. دنيا جي اختمام جو احساس پيو ٿئي  !!
اٽلي، متحرڪ ۽ زندهه ماڻھن جو ملڪ، زندگي مان ڀرپور مزو ۽ لطف وٺندڙ ماڻھن جو ملڪ، ھڪ گھڙي کان ٻي گھڙي ڏانھن ائين تبديل پيو ٿئي ڄڻڪه اھو جنگ جي حالت ۾ تاريڪ ۽ اونداھو ملڪ ھجي. اھا حقيقت آھي ته مون ڪڏھن به اھو نه سوچيو ھو ته مان اھڙي زندگي گھارڻ تي مجبور ٿيندس! ماڻھو هراسيل ۽ منجھيل آھن، اداس آھن، منتظر آھن، بي يارو مددگار آھن ۽ اڪثر ڪري انھن کي اھو سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته انھن تي اھا حقيقت ڪيئن مڙھي وئي ۽ ھي سڄو ڀوائتو خواب ڪڏھن پنھنجي پڄاڻي تي پھچندو.
وڏي غلطي اھا ھئي جو ڪورونا وائرس نما وبا جي پھرئين حملي جي شروعات تي ماڻھن پنھنجون زندگيون معمول موجب گذارڻ جاري رکيون ۽ ڪم ڪار، تفريح ۽ موڪلون ملھائڻ واري وقفي واري احساس جيان روڊن رستن تي گھمندا ڦرندا رھيا، ائين سنگتين جي چؤگرد گڏجاڻين ۽ ظھرانن ۾ شريڪ ٿيندا رھيا. ھر شخص غلط ھيو ۽ ائين اوھان به غلط ھئا. آءُ اوھان کي التجا ڪيان ٿو، محتاط رھو، ھي نه ئي ڪا  مذاق، کل جوڳي ڳالھه  نه ئي ڪو لطيفو آھي. پنھنجي پيارن جي، والدين جي ۽ پنھنجي والدين جي والدين جي حفاظت ۽ خيال ڪيو! ھي وبائي بيماري انھن جي لاءِ موتمار ۽ خطرناڪ آھي. لڳ ڀڳ ھتي روزانو 200 ماڻھو وائرس جي ور چڙھي زندگيون وڃائي ويھن ٿا، ان ڪري نه جو ميلان ۾ دوائن جي دستيابي چڱي نه آھي ( اھو دنيا ۾ بھترين دوائن جي مرڪزن منجھان ھڪ آھي)، پر بيشڪ ان جي ڪري جو ھر ماڻھو جي لاءِ جڳھه ميسر نه آھي.
ڊاڪٽر انھن جي چونڊ ڪن ٿا جيڪي مرندا ! ھي سڀ ڪجھه شھرين جي شروعات ۾ (جڏھن ھي وائرس ھتي پھتو) حماقت ۽ بيوقفي جي ڪري واقع پيو ٿئي، جن نئين صورتحال کي نظرانداز ڪري پنھنجون زندگيون معمول مطابق گذارڻ جو پڪو پھه ڪيو! مھرباني ڪري، غلطين مان پرايو، اسان جو ملڪ ھڪ ننڍو ملڪ آھي جيڪو ڪنھن وڏي الميي تي پنھنجو وجود وڃائي سگھي ٿو.
چڱي طرح ذھن نشين ڪيو.. ٻاھر ھجومن وارن جاين تي نه وڃو. عوامي جاين تي کائڻ پيئڻ کان پرھيز ڪيو. اھڙي صورتحال دوران گھڻو وقت گھر گذاريو. وزارت صحت جي رھنما اصولن کي ٻڌو ۽ ھيئن سان ھنڊايو. تقريبن ڪنھن شخص سان ڳالھائڻ دوران ھڪ ميٽر جو فاصلو رکو، ھڪ ٻئي جي ويجھو نه اچو، ميل ميلاپ ۽ ھٿ ملائڻ کان پري رھو. ضروري ۽ احتياطي علاج کي اپنايو ۽ ٻين جي غلطين مان سکو. اسان اوھان کي قوت مدافعت وڌائڻ جي لاءِ وٽامن سي استعمال ڪرڻ جي سفارش ڪيون ٿا. وبائي بيماري جي ڦھلاءَ جي روڪ ٿام کي يقيني بنائڻ لاء پيشورانه ماڻھن جي مدد ڪيو.
اٽلي ۾، سمورو ملڪ تنھائي ۽ اڪيلائي جو شڪار آھي، ان جو مطلب ته 60 ملين ماڻھو قرنطنيه جي حالت ۾ مبتلا آھن !!جيڪڏھن عوام آغاز ۾ ئي صحت جي ھدايتن ۽ رھنما اصولن کي ٻڌي ھا ۽ عمل ڪري ھا ته وائرس جو تيزي سان ھي ڦھلاءُ رڪجي وڃي ھا. پنھنجي، پنھنجي پيارن ۽ سڄڻن جي سار سنڀال لھو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *