تازا ترين
  • پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور*قرض جي رقم خصوصي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ گردشي قرضن لاءِ هوندا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ*
  • هڪ سال ۾ رڳو پيٽروليم شين جي مد ۾ عوام کان 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف*قومي اسيمبلي ۾ تيل جي اگهن بابت پيٽروليم وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع، اگهن ۾ 6 ڀيرا اضافو ۽ 11 ڀيرا گهٽتائي ڪرڻ جي دعويٰ*عوام کان پيٽرول تي 35 رُپيا، ڊيزل تي 45 رپيا 75 پئسا ۽ گاسليٽ تي 20 رُپيا في لٽر جي حساب سان ٽئڪس ورتو پيو وڃي: پيٽروليم وزارت*
  • تڪبندين ۽ اليڪٽورل رول ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، نيون تڪبنديون 2017ع جي آدم شماري پٽاندڙ ڪيون ويون: اليڪشن ڪميشن*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق خلاف درخواست تي ٻڌڻي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرايو*آبادي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق آهي، اُن بنياد تي ٿيل چونڊون ڌانڌلي سٽيل آهن: درخواستگذار*
  • ڪنڊيارو ڀرسان عورت ٻن معصوم ٻارن سوڌو شاخ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو ۽ سندس ڌيءُ فوت، لاش هٿ ڪيا ويا، مقامي ماڻهن پُٽ کي بچائي ورتو *
  • *الطاف ابراهيم قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي ويو*
  • *ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات، موسم خوشگوار، ٿڌ ۾ واڌ*

اي پي اي ريفرنس جي فارميٽ بابت…..ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ريسرچ ميٿاڊالاجيءَ هيٺ جديد دنيا ۾ حوالي/ريفرنس جو اي پي اي فارميٽ گهڻو ڪم آندو ويندو آهي. ويجهڙ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پراسپيڪٽس ۾ به سوشل سائنس ۾ ٿيسز جي تياريءَ لاءِ اي پي اي فارميٽ کي ترجيح ڏني وئي آهي. ان باوجود ڪافي موجوده ٿيسزز ان فارميٽ کان وانجهيل ڏٺيون ويون آهن.
هي فارميٽ امريڪن سائيڪولاجيڪل ايسوسئيشن پاران تجويز ڪيل آهي، جيڪو لکندڙن توڻي پڙهندڙن لاءِ نهايت سولو ۽ اڻ- لچڪدار آهي. يعني هن جي استعمال ڪرڻ سان مونجهارن جي سطح گهٽجي ٿي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ شايد مون پهريون ڀيرو پنهنجي ٿيسز ۾ اهو فارميٽ ڪم آندو. منهنجو سپروائيزر ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو پڻ اهو فارميٽ ڪم آڻيندو هو، ظاهر آهي ته ان فارميٽ کي سمجهڻ لاءِ ڪافي محنت ۽ سنجيدگيءَ کان ڪم وٺڻو پيو. جڏهن ٿيسز ايويليوشن لاءِ ٻه پاڪستان اندر ۽ ٻه پاڪستان کان ٻاهر ويون، ته اٿندي ئي هڪ ميڊم مهيني کان پوءِ ڪاپي واپس ڪئي ته “جيئن ته هي منهنجي ڪم تي تنقيد ڪندو رهيو آهي، ان ڪارڻ مان هن اسڪالر جي ٿيسز ڏسڻ کان سواءِ ئي واپس ڪريان ٿي”. سنڌ ۾ هڪ ٻئي سائينءَ هڪ پيرا هڻي موڪلي ته “جيئن ته هي حوالي جو فارميٽ هائير ايڊيوڪيشن ڪميشن پاران منظور ڪيل ناهي، ان سبب سڄي ٿيسز ۾ فوٽ نوٽ وارو حوالي جو طريقو اختيار ڪري، بعد ۾ ٿيسز موڪلي وڃي”.
ان ڊاڪٽر صاحب تائين پهچ ڪري، کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ان اهو ئي چئي موٽايو ته “مون پنهنجي پوري علمي حلقي مان معلوم ڪيو آهي، اهي پڻ ان فارميٽ کي غلط ٿا سمجهن”. اهڙي غير سنجيده راءِ واري ماڻهوءَ کي مطمئن ڪرڻ ڀت سان ٽڪر هڻڻ برابر هو. ان ڪارڻ آفيشل سئو صفحن تي ان فارميٽ بابت هڪ مدلل جواب جمع ڪرائڻو پيو. خدا جي قدرت ته آخري زباني امتحان ۾ به ساڳو ممتحن، جنهن پڻ اتي به ساڳيو اعتراض واريو ته “ڪمپيوٽرائزڊ دور آهي، جديد نموني سان حوالي جا فارميٽ هلن ٿا، اهي ڏسڻ گهرجن”. مون اهڙي وائڙي اعتراض جو منهن پنهنجي سپروائيزر ڏانهن ڪري ڇڏيو، جنهن ته اهڙي اعتراض کي کڻي ڏنو ۽ مدلل نموني سان جواب ڏنو. تڏهن وڃي اهو ماهر خاموش ٿيو.
ڪجهه وقت اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پراسپيڪٽس ۾ ٿيسز جي تياريءَ لاءِ ڏنل هدايتن ۾ اي پي اي جي فارميٽ بابت هدايت پڙهيم ته ڏاڍي خوشي ٿي، اهو فارميٽ هاڻي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سوشل سائنس ۾ ايندڙ سبجيڪٽن تي لازم قرار ڏنو ويو آهي. وڌيڪ خوشي تڏهن ٿيندي، جڏهن موجوده ٿيسزون به ان فارميٽ واري هدايت تي عمل ڪن. پر اسان وٽ اڃا ايئن ٿئي نه پيو. اهو ان بنياد تي ٿو چئجي ته تازو هڪ ٿيسز فائنل سيمينار جي آبزرويشن لاءِ آئي، جنهن ۾ اهو ئي وڏڙن جي دور جو فارميٽ ڪم آندل آهي. ظاهر آهي ته ان فارميٽ تي عمل نه ٿيڻ جو سبب اهو آهي ته يا ته اسڪالر ان تي توجهه نه ٿو ڏئي ۽ پراسپيڪٽس جون هدايتون نه ٿو پڙهي، يا وري سپروائيزر جي اهڙي دلچسپي ناهي، يا اڃا ڪو ٻيو سبب هجي!
آئون اڪثر پنهنجي پيپرز ۾ اهو فارميٽ ڪم آڻيندو آهيان، تقريبن 50 کان مٿي ڇپجي چڪا آهن، پوءِ ٿيندو اهو آهي ته مختلف جرنل جا ايڊيٽر يا ته ساڳيو هلائي ڇڏيندا آهن، يا وري ان کي مٽائي پنهنجي اک تي چڙهيل ڪم آڻيندا آهن.
خيال آهي ته اهو فارميٽ اسان کان اڃا هضم ٿي نه سگهيو آهي. ان لاءِ يونيورسٽين جي شعبن کي گهرجي ته “ميٿاڊالاجيءَ” جي مختلف پهلوئن مان هن فارميٽ واري پهلوءَ تي به ڪي ورڪشاپ ڪرايا وڃن ته جيئن اسان جو اسڪالر اهڙي هدايت جي پوئيواري ڪري سگهي.
هي فارميٽ لکڻ توڻي پڙهڻ واري لاءِ ڪافي آسان آهي ۽ اجائي ڊيگهه رکندڙ ناهي. جيئن: “ايضاً/حوالو ساڳيو‘، وارا لفظ هر هر پيا ڪم آندا ويندا آهن، هڻ جو کڻي ته حوالن جو حصو ئي پيپر/ ٿيسز جو چوٿون حصو!
هي فارميٽ اهڙو آهي جو ڀلي هڪ ڪتاب مان سئو حوالا کڻو، ليڪن ببليوگرافيءَ ۾ صرف هڪ ڀيرو ڪم آندو ويندو آهي. ڏسڻ لاءِ مواد ۾ اشاري موجب ليکڪ، سال ۽ صفحي کي ڏسي، ببليوگرافيءَ ۾ ان موجب صرف هڪ دفعو ڏسڻو پوندو آهي. پوءِ مواد ۾ ڏنل هر اشاري کي ئي ڏسي ڪتاب/ميگزين بابت ذهن جڙي ويندو آهي. هتي ان بابت انتهائي مختصر اشارا خيال خاطر ڏجن ٿا.
هن طريقي موجب ڪنهن حوالاجاتي ڪتاب (Reference Book) مان حوالي ڏيڻ جا 2 جز ٿيندا آهن: هڪ: مواد ۾ ڏنل اشارو، ٻيو: لاڳاپيل ڪتاب جو حوالو.
1- مواد ۾ حوالي جو اشارو ڏيڻ(Citation)
ڪتاب مان مواد جو اشارو ڏيڻ (Citation): مقالي/ پيپر ۾ مواد کي شامل ڪرڻ بعد، حوالي جي نمبر بجاءِ ڏنگيءَ ۾ ليکڪ جو مختصر نالو، ڪتاب جو سال ۽ صفحو نمبر ڏنو ويندو آهي؛ جيئن: (جتوئي، 1996: 25).
(نوٽ: پر جيڪڏهن ليکڪ جو اهو نالو اشاري طور مواد کان اڳ ئي ڪنهن ٻئي لاءِ ڪم آندو ويو آهي ته پوءِ Citation ۾ ليکڪ جي نالي ڏيڻ ۾ اختيار رهي ٿو، يعني نالو، ذات، تخلص وغيره).
جرنل/مخزن مان مواد جو اشارو ڏيڻ (Citation): مواد کي شامل ڪرڻ لاءِ ليکڪ جو نالو، ڇپائيءَ جو سال ۽ ورتل مضمون/ مقالي جا مڪمل صفحا ڏنا ويندا آهن؛ جيئن: (جوکيو، 2008: 72- 92)
(نوٽ: ٻنهي صورتن ۾، ساڳئي ليکڪ جي حوالي سان جيڪڏهن ڪتاب يا جرنل وغيره جو سال ساڳيو رهي ٿو ته ان حالت ۾ سال سان گڏ الف- ب جو ڳنڍ ڪجي ٿو.)
2- ببليوگرافيءَ ۾ ڪتاب بابت حوالي جو اشارو ڏيڻ (Reference)
ڪتاب بابت اشارو ڏيڻ (Reference): مقالي/ڪم جي آخر ۾ ببليوگرافيءَ ۾ رواج موجب، پهرين ليکڪ جو نالو، ننڍي ڏنگيءَ ۾ ڪتاب جو سال، موضوع ۽ ڇپائيندڙ اداري جو تفصيل، پر شهر پهريان ڏنو ويندو آهي؛ جيئن:
آڏواڻي، ڀيرومل، مهرچند (1956) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ- ڪراچي- حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.
نوٽ: جيڪڏهن ڪتاب جو پهريون ڇاپو اڳ ڇپيل آهي ته وڏي بريڪيٽ ۾ اهو سال ڏبو، موجوده ڇاپي جو سال بريڪيٽ کان ٻاهر ڏبو؛ جيئن:
جتوئي، علي نواز، پروفيسر [1968] 1996. علم لسان ۽ سنڌي زبان. ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.)
جرنل/ مخزن بابت اشارو ڏيڻ (Reference): ببليوگرافيءَ ۾ ليکڪ، سال، مضمون/ مقالي جو عنوان. ايڊيٽر جو نالو، جرنل/مخزن جو نالو، جلد نمبر ۽ ڏنگيءَ ۾ شمارو، پوري مضمون جا صفحا ۽ ڇپائيندڙ اداري جو تفصيل ڏنو ويندو آهي، جيئن:
جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (1990) سنڌيءَ ۾ مرڪب لفظ. ايڊيٽر: شيخ نفيس احمد. مهراڻ: ٽماهي علمي ۽ ادبي رسالو، 39 (4)، 25- 42. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
(نوٽ: ٻنهي صورتن ۾ ساڳئي ليکڪ جي حوالي سان ساڳئي سال ۾ مختلف ڪتاب يا جرنل اچي ٿو ان صورت ۾ الف- ب جو ڳنڍ ڪبو آهي.)
مترجم يا مرتب ڪتاب بابت اشارو ڏيڻ (Reference): مرتب ڪتاب جي صورت ۾ مضمون/ ليکڪ جو نالو ۽ بعد ۾ ڪتاب جي عنوان سان مرتب جو نالو رکيو ويندو آهي، جيئن:
بروهي، داد محمد، ڊاڪٽر (1991) لاڙي محاوري جو لساني جائزو. مرتب: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. لاڙ جو مطالعو. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
مترجم ڪتاب جي صورت ۾ اصل ليکڪ جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ مترجم جو نالو ڪتاب جي عنوان ڏيڻ کان بعد ۾ ڏنو ويو آهي، جيئن:
برٽن، رچرڊ [1971] 2010. سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون .مترجم: محمد حنيف صديقي. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
مقدمو يا فوٽ نوٽ بابت اشارو ڏيڻ (Reference): ڪنهن ڪتاب ۾ شامل مقدمي جي لکندڙ جو نالو ڏنو ويندو آهي، بعد ۾ ڪتاب جو عنوان ۽ اصل ليکڪ جو نالو ۽ صفحا ڄاڻايا ويندا آهن؛ جيئن:
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (1991) مقدمو: لغات سنڌي مخفّفات. مصنف: طالب المولى، محمد زمان، مخدوم.صفحو: ٿ کان و. حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.
فوٽ نوٽ ۾ راءِ لکندڙ ايڊيٽر جو نالو شامل ڪيو ويندو آهي ۽ بعد ۾ مضمون ۽ ان جي اصل ليکڪ جو نالو ۽ پورا صفحا ڄاڻايا ويندا آهن؛ جيئن:
جويو، تاج (2011) فوٽ نوٽ: ايڊيٽر راءِ. سنڌي لفظن جي لفظن ۾ آخري ۽ آخريءَ کان اڳ وينجن جي سر ۽ آخري وينجن جي ساڪن هئڻ جو تصور. ليکڪ: الطاف جوکيو. سنڌي ٻولي: تحقيقي جرنل، 4 (2)، ص: 42- 95. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
نوٽ: ببليوگرافيءَ ۾ شروعات نالن سان ۽ ترتيب آئيويٽا/الفابيٽ موجب ڪئي ويندي آهي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *