تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ايڊولف هٽلر عروج کان زوال تائين … مائيڪل هارٽ / طفيل مگسي

ايڊولف هٽلر آسٽريا جي شھر برائونا ۾ 1889ع ۾ جنم ورتو ۽ نوجواني ۾ ئي هن عملي زندگي جي شروعات ڪئي پر هڪ ناڪام مصور جي حيثيت سان ڪئي بعد ۾ ھو هڪ جوش ڀريو قوميت پرست بڻجي ويو. پهرين عالمي جنگ ۾ ھو جرمن فوج ۾ ڀرتي ٿيو زخمي ٿيو ۽ انهي بهادري جي بنياد تي هن کي ميڊل ڏنو ويو پر جرمني جي شڪست تي هن جو هنياءُ ڏري پيو ۽ ھو ڏاڍو ڏکارو ٿيو1919ع ۾ جڏھن هو ٽيهن سالن جو ٿيو تڏھن هن ميونخ جي هڪ ننڍڙي ساڄي ڌر جي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي. جنهن ستت ئي پنهنجو نالو تبديل ڪري نيشنل سوشلسٽ جرمن پارٽي رکي ڇڏيو هو ترقي ڪندو ٿورڙي ئي عرصي ۾ ان جو اڳواڻ بڻجي ويو ھٽلر جي قيادت هيٺ نازي پارٽي ستت ئي طاقتور ٿي وئي. نومبر 1923ع ۾ ميانس اقتدار تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ ھڪ ڪوشش ڪئي.جنهن کي “ميونخ بير پال پوش“ جو نالو ڏنو وڃي ٿو اهو ناڪام رهيو ان تي غداري جو ڪيس هليو ۽ کيس سزا ملي هڪ سال کان به گهٽ جيل ۾ گذارڻ کانپوءِ ھن کي آزاد ڪيو ويو.1928ع ۾ به نازي پارٽي مختصر پارٽي هئي. باوجود ان جي ماڻھو جرمن سياست کان بيزار ٿيڻ لڳا.ان صورتحال ۾ نازي پارٽي پاڻ کي متبادل طور تي پيش ڪندي پنهنجا بنياد مضبوط ڪري ورتا.جنوري1933ع ۾ چاليهن سالن جي عمر ۾ ھٽلر جرمني جو چانسلر بڻجي ويو.چانسلر بنجڻ تي هن سمورين مخالف پارٽين کي زبردستي دٻائڻ شروع ڪيو ۽ آمر بڻجي ويو پران جو اهو مطلب ناهي ته اهو سڀ ڪجهه عوامي راءِ ۽ قانون جي مطابق ٿيو.بس سڀ ڪجهه تيزي سان ڪيو ويو.
نازين ڪيسن کي به اوليت نه ڏني.ڪافي مخالف پارٽين ۽ سندن اڳواڻن تي تشدد کي استعمال ڪيو ويو۽ انهن کي تنگ ڪيو ۽ ڪن کي ته مٿي به موڪليو ويو.باوجود ان جي چند سالن ۾ ھٽلر کي جرمني جي وڏي اڪثريت جي حمايت حاصل رهي.ڇوته هن بيروزگاري جو خاتمو ڪيو ۽ معاشي خوشحالي ڪيائين.پوءِ ھو ٻيا ملڪ فتح ڪرڻ لڳو.جيڪو ٻي جنگ عظيم جو سبب بڻيو. شروعاتي فتحون بنا ڪنهن ويڙھه جي حاصل ڪيائين.انگلستان ۽ فرانس پنهنجي معاشي بدحالي جي ڪري مايوس هئا ۽ امن ٿي چاهيائون.ان ڪري هنن ھٽلر جي ڪنهن به مامري ۾ مداخلت نه ڪئي.هٽلر برسيلز جو معاهدو رد ڪيو ۽ جرمن فوج کي نئين سر منظم ڪيو.هن جي دستن مارچ 1936ع ۾ رهائن لينڊ تي قبضو ڪيو.مارچ 1938ع ۾ آسٽريا کي ڏاڍ سان پاڻ سان گڏ رکيائين.هن “ سوڊ بٽنلينڊ “کي به سيٽمڀبر 1938ع ۾ الحاق تي راضي ڪري ورتو.جيڪو چيڪو سلواڪيا جو هڪ علائقو هو.جيڪو معاهدي سان هٽلر وٽ ھليو ويو.ان بينالاقوامي معاهدي کي“ميونخ پيڪٽ“ سڏين ٿا.برطانيا ۽ فرانس کي اميد هئي ته اهو سڀ ڪجهه وٺي هو پرامن ٿي ويندو.ليڪن ائين نه ٿيو.هٽلر ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ وڌيڪ حصو به قبضي ۾ ڪري ڇڏيو. هر مرحلي تي هٽلر مڪاري سان ڪم ڪيو ۽ ڌمڪيون به ڏنائين.هن چيو جيڪڏھن ڪنهن ٽپ ڏنو يا مخالفت ڪئي ته هو ساڻن سان جنگ ڪندو.هر مرحلي تي مغربي جهموريتن سندس حمايت ڪئي.
انگلستان ۽ فرانس جيتوڻيڪ پولينڊ جي دفاع جو فيصلو ڪيو.جيڪو ھٽلر جو ايندڙ نشانو هو.هٽلر پنهنجي دفاع جي لاءِ آگسٽ1939ع ۾ اسٽالن سان“عدم جارحيت“ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون.(اصل ۾ اهو هڪ جارحاڻو اتحاد هو) جنهن تي ٻن آمرن اتفاق ڪيو.هو ته اهي پولينڊ کي ڪيئن پاڻ ۾ ورهائين.) نون ڏينهن کانپوءِ جرمني پولينڊ تي حملو ڪيو.ان جي سورنهين ڏينهن کانپوءِ روس به حملي ۾ شامل ٿي ويو.انگلستان ۽ فرانس به ان جنگ ۾ ڪڏي پيا.ليڪن پولينڊ کي فاش شڪست نصيب ٿي.1940ع هٽلر جي لاءِ نهايت اهم سال هو.اپريل ۾ هن هالينڊ. بيلجم ۽ لڪسمبرگ تي تاراج ڪيو.جون ۾ فرانس شڪست کاڌي.ليڪن سال برطانيا هوائي حملن جو دليري سان مقابلو ڪيو.برطانيا جي مشھور جنگ شروع ٿي.هٽلر انگلستان تي ڪڏھن قبضو نه ٿي سگهيو.اپريل 1941ع ۾ ھٽلر جي فوجين يونان ۽ يوگوسلاويا تي قبضو ڪيو.جون 1941ع ۾ ھٽلر عدم جارحيت واري معاهدي کي معاهدي کي ٽوڙي ڇڏيو. روس تي حملو ڪيائين.هن جي فوجين وڏي روسي علائقي تي فتح حاصل ڪئي.ليڪن هو روسي فوجين کي ٿڌ کان اڳ نيست وبابود نه ڪري سگهيو.هٽلر هڪ ئي وقت روس ۽ انگلستان سان جنگ ڪري رهيو هو.باوجود ان جي هن ڊسمبر 1941ع ۾ امريڪا تي حملو ڪرڻ لڳو ۽ ڪجهه عرصو اڳ جاپان پرل هاربر ۾ امريڪي بحري ڇانوڻي تي حملو ڪري ڇڏيائين.1942ع جي وچ ۾ جرمني يورپ جي هڪ وڏي حصي تي قبضو ڪري چڪو هو.يورپ جي تاريخ ۾ ڪنهن قوم ڪڏھن ايتري ڪشادي سلطنت تي قبضو نه ڪيو هو.کانسواءِ هن اتر افريقا جي اڌ حصي کي به فتح ڪيو .1942ع جي ٻئي اڌ ۾ جنگ جو رخ بدلجي ويو.جڏھن جرمني کي مصر ۾ العلمين ۽ روس اسٽالن گراڊ جي جنگين ۾ شڪست نصيب ٿي.انهن نقصانن کانپوءِ جرمني جي فوجي برتري جو زوال شروع ٿيو.جرمني جي شڪست چٽي ٿي رهي هئي پر هٽلر جنگ کان هٽڻ جو انڪار ڪري ڇڏيو.زبردست نقصانن جي باوجود اسٽالن گراڊ جي شڪست کانپوءِ اٽڪل اها جنگ ٻح سال جاري رهي.1945ع جي بهار واري موسم ۾ سخت انجام ٿيو.30اپريل ۾ برلن ۾ ھٽلر خودڪشي ڪري ڇڏي.ستن ڏي هن کانپوء جرمنيء ھٿيار ڦٽا ڪيا.۽ اڄ ھٽلر دنيا جي تاريخ ۾ وحشي آمر.قاتل ۽ جنوني جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *