تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ايوارڊ …ھمير گاد

فضلو: “سائين مبارڪون, خبر پئي ته رات اوهان کي ڊرامي ” گهوڙي جي ڄڃ ” تي موچڙن جي ايوارڊ سان نوازيو ويو, منهنجو مطلب آھي ته اوهان کي بيسٽ ڊائريڪٽر جو ايوارڊ ڏنو ويو.” ڊائريڪٽر: مهرباني! بلڪل پيارا, ظاهر آ مون کي به ايوارڊ نه ملي ها ته ٻيو ڪنهن کي ملي ها. مان تمام وڏو ڊائريڪٽر آھيان اي ڪيٽيگري جو ڊائريڪٽر آھيان ڪا مذاق ٿورئي آ.
فضلو: بلڪل سائين اوهان تمام سينيئر ڊائريڪٽر آھيو اوهان جو ته حق آھي.اوهان جا ته ڪيترائي رڪارڊ آھن جيئن اوهان واحد ڊائريڪٽر آھيو جيڪي سينيما ۾ هلندڙ فلم جي آخري شو ۾ پيدا ٿيا هئا. ڊائريڪٽر:ٻيو نه ته جيئن ئي منهنجو جنم ٿيو بابا امان کي چيو: تو واري پٽ ته اڄ سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. اسڪول ۾ به هميشه پهريون نمبر ايندو هيس.
فضلو حيران ٿي چوي ٿو: پهريون نمبر.? ڊائريڪٽر:ها پهريون نمبر,ڇاڪاڻ ته ڳوٺ وارو جيڪو اسڪول هو, ان جي گيٽ جون چاٻيون مون وٽ ئي هونديون هيون. هر سال فيل ٿيندو هيس پوءِ به بچپن کان تعليمي رڪارڊ منهنجو شاندار رهيو.مالڪ جي مهرباني سان منهنجو دل جيڪو چاهيو اهو مون کي مليو.
فضلو: سائين معاف ڪجو بچپن نه, ننڍپڻ يا ٻالڪپڻ ٻيو ته منهنجو دل… اهو منهنجو دل ڇا آھي.? منهنجي دل يا منهنجو دل, اوهان ڊائريڪٽر آھيو اوهان کي اها به خبر ناهي ته دل مذڪر آ يا مونث آھي. ڇو ٿا ٻولي کي هٿ سان خراب ڪريو. توهان ته پنهنجن ڊرامن ۾ ڌاڙيلن کي هيرو ڪري پيش ڪندا آھيو,ڇا اسان سنڌي رڳو ڌاڙيل آھيون.? دنيا ۾ انيڪ موضوع آھن جنهن تي لکي سگهجي ٿو, اسان وٽ رڳو ڪارو ڪاري يا ڌاڙيل ڪلچر تي ڊراما پيش ڪري دنيا وارن کي اوهان ڪهڙو نياپو ڏيڻ ٿا چاهيو.?
ڊائريڪٽر ( ڪاوڙ ۾ ):ڪمال ٿا ڪريو, هي اسان جي سنڌي چئنلن تي جيڪا ٻولي ڳالهائي ٿي وڃي جيڪي ڌاريا لفظ ڳالهايا ٿا وڃن ڪڏھن انهن تي اوهان غور ڪيو آھي ڪڏھن انهن جي باري ۾ اوهان آواز اٿاريو آھي, رڳو الزام مون مٿان ته منهنجي ڊرامن ۾ صرف ڌاڙيل هوندا آھن, رڳو ڏمر مون مٿان ڇو.?
فضلو: سائين ڪاوڙ نه ڪريو جيترا هو ڏوهاري آھن اوترا اوهان به, ڪالھ ئي هڪ سنڌي چئنل تي گانو ڏٺو, مون کي ڏسي حيرانگي ٿي ته ڏک واري گاني تي به مائي ڊانس پئي ڪري.نه گاني جي ٻول جي خبر نه ميوزڪ جي…ڪجهه رپيا ڪمائڻ جي ڪري پنهنجي ٻولي سان ايڏي دشمني,ايڏو ظلم…سيکراٽ ڊائريڪٽرن ٻيڙو صفا ٻوڙي ڇڏيو آھي. ڊائريڪٽر(ڳالھ کي لنوائيندي): اڇا! ٿي سگهي ٿو اهڙو ڪو گانو هجي باقي مان گانا ڪٿي ڏسندو آھيان. مان ته پنهنجا ڊراما ئي ڪونه ڏسندو آھيان.
فضلو(پنهنجي منهن چئي ٿو):نڪ جو وڏو پڪو آھين ڏٺو ته ضرور هوندئي.خبر به سڀ اٿس. ڊائريڪٽر: جي, ڇا چيئي.? فضلو: ڪجھ نه, ڪالھ اوهان جي دوست خيرو ٻڌايو ته اوهان کي هالي ووڊ جي ڊائريڪٽر جيمز ڪيمرون ٽائيٽنڪ فلم کي وڏي پردي جي لاءِ سنڌي ۾ ٺاهڻ جي آڇ ڪئي هئي, پر اوهان انڪار ڪري ڇڏيو. اهو ته ٻڌايو ايڏي وڏي ڪوڙ ۽ زٽ ھڻڻ کان پهريان ٽيوشن توهان ڪهڙي جڳاڙي اديب کان ورتي هُئي.?
ڊائريڪٽر(ڪاوڙ ۾) : ڇا مطلب ڪوڙ ھڻڻ جي ٽيوشن…اهو بلڪل سچ آھي جيمز ڪيمرون مون کي ٽائيٽنڪ سنڌي ۾ ٺاھڻ جي آڇ ڪئي هئي, سنڌي ۾ ٺھندڙ ان فلم جو نالو به مون رکي ڇڏيو هو ٽائيٽ نڪ معنيٰ مضبوط نڪ, پر افسوس ان فلم ۾ ڪا به اداڪاره ڪيٽ ونسليٽ واري رول لاءِ راضي نه ٿي.
فضلو پنهنجي پر ۾ چوي ٿو:شڪر آ جو فلم نه ٺھي جيڪڏھن ٺھي ها ته جنهن به سينيما ۾ ھلي ها ان جي پروجيڪٽ مشين ئي سڙي وڃي ها, هن وقت جيڪي سينيمائون بچيون آھن اهي به بند ٿي وڃن ها.وڏو عذاب نازل ٿئي ها. ڊائريڪٽر: جي, ڇا چيئي. فضلو: ڪجھ نه.. ڪجھ نه..
ڊائريڪٽر:خير, مان هن وقت به نمبر ون ڊائريڪٽر آھيان منهنجي لاءِ ڪو مسئلو ناهي, مون سوچيو آھي ته هاڻي پشتو فلم ٺاهبي اها به بنا گانن واري. فضلو: پشتو فلم اها به بنا گانن جي…پر اوهان کي ته پنهنجي سنڌي ٻولي به ٺيڪ طرح سان ڳالهائڻ نه ٿي اچي,اوهان پشتو فلم ڪيئن ٺاهيندئو.? ڊائريڪٽر: هڪڙي ڳالھ ته ٻڌ, اسان جي پاڙي ۾ هڪ اديب رهندو آھي ايندي ته ان کي ٺيڪ طرح سان سنڌي به ناهي, ان جو وري عربي زبان ۾ ڪتاب به ڇپيل آھي. اتي ته ڪجھ ڳالهاء ڪجھ ڪڇ..
فضلو: اهو ئي ته الميو آھي جو اڄ ڪلھ تقريبن هر ماڻھو محنت ڪرڻ بدران شارٽ ڪٽ واري رستي جي پٺيان لڳو پيو آھي يا وري ڪاپي پيسٽ جو جهان لڳو پيو آھي..خير اهو ته ٻڌايو ايوارڊ ۾ ضرور ڪنهن وڏي پارٽي سان سهڪار ڪيو هوندو. ڊائريڪٽر ڪاوڙ ۾ چئي ٿو: وڏي پارٽي وري ڌوڙ سهڪار ڪيو هو…اهي ڇورا ايڪسٽرا اداڪار جيڪي شوق خاطر پئسا خرچ ڪري اچن ٿا, انهن سان ملي ڪري پاڻ ۾ ايوارڊ فنڪشن ڪرايوسين, هو به شيلڊ ۾ خوش ٿي ويا اسان جو به بيسٽ ڊائريڪٽر جو ايوارڊ ملڻ وارو خواب پورو ٿي ويو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *