تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

اين ڊي ايم اي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام وئي آهي سپريم ڪورٽ درست چيو ته بند ڪرڻ گهرجي: عوام…نيٺ ٿيندو ڇا ؟

بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته “قدرتي آفتون: اين ڊي ايم اي جو ڪردار ۽ سپريم ڪورٽ جو سوال” اوهان ڪيئن ٿا ڏسو جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اين ڊي ايم اي جي ڪارڪردگي سواليه نشان آهي، اهو ادارو ناڪام ٿي ويو آهي سپريم ڪورٽ درست چيو آهي ته ان کي بند ڪرڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ڪورونا ۽ ماڪڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ اين ڊي ايم اي کي اربين رپيا ڏنا ويا، اهي ڪيئن خرچ ٿيا؟ چيئرمين اين ڊي ايم اي تفصيل ناهن ڏنا لڳي ٿو ته اداري کي بند ڪرڻو پوندو، سپريم ڪورٽ اهو به چيو ته ڪنهن کي هڪ رپيو به کائڻ نه ڏينداسين. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي اصغر حسين لکيو ته جڏھن ڪو ادارو ڪارڪردگي ڏيکارڻ بدران ملڪي معيشت تي بار ۽ ڪرپشن جي ور چڙھيل ھجي تي اھڙي اداري کي بند ڪرڻ بھتر رھندو، عبدالودود لنڊ لکيو ته اين ڊي ايم اي کان وٺي ھر ادارو پنھـجـي ڪم ۾ ناڪام ويو آهي سپريم ڪورٽ صحيح چيو آھي. مسرور شر لکيو ته رڳو ڪاغذن ۾ ڪم ٿي رهيا آهن، خاموش خليل شر لکيو ته سڀني ادارن جي وائکي ٿيل آهي، عبدالودود سنڌي پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، غلام مصطفيٰ لکيو ته اين ڊي ايم اي جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي، ڪارڪردگي رڳو ڪاغذن تائين محدود آهي، محمد جمن ساند لکيو ته هر اداري ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي عوام جا مسئلا ڪير حل نٿو ڪري، عاقب نظاماڻي لکيو ته سٺو ٿيو جو سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو آهي، اين ڊي ايم اي جي ڪارڪردگي سواليه نشان آهي، ديدار بلوچ لکيو ته اين ڊي ايم اي ادارو رليف ڏيڻ بدران رڳو بجيٽ پاس وٺڻ ۾ مصروف آهي،مڪيش ڪمار لکيو ته اين ڊي ايم اي ادارو جلدي ڪا به مدد نٿو ڪري، آصف منگي لکيو ته اين ڊي ايم اي ادارو ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري سگهيو، خادم گهراڻو لکيو ته اين ڊي ايم اي جو ڪردار اهڙو رهيو جو ماڪڙ هڻي فصل برباد ڪري ڇڏيا،گلشير سومرو لکيو ته سپريم ڪورٽ درست چيو آهي ته اهو ادارو بند ڪرڻ گهرجي، عوام کي رليف ناهي مليو، ربنواز کوسو لکيو ته اين ڊي ايم اي ڪجهه ناهي ڪيو، مهاوير واسو لکيو ته هر ادارو ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، ڪرپشن هلي رهي آهي سپريم ڪورٽ صحيح چيو آهي، عاشق دايو لکيو ته اين ڊي ايم اي ادارو فعال ادارو نه آھي بروقت اطلاع نٿو ڏئي، آفتن ۾ عوام جي مدد به نٿو ڪري اداري کي ختم ڪري ھيٺين ليول تي فعال ادرو قائم ڪيو وڃي، جاويد مغيري لکيو ته جڏھن ڪو ادارو ڪارڪردگي ڏيکارڻ بدران ملڪي معيشت تي بار ۽ ڪرپشن جي ور چڙھيل ھجي تي اھڙي اداري کي بند ڪرڻ بھتر رھندو، عرض محمد پيرزادو لکيو ته ڪورونا وائرس ادارن جي ڪوتاهي جي ڪري پاڪستان ۾ پکڙيو آهي، اين ڊي ايم اي ادارو مڪمل طور ناڪام وئي، علي حسن چنڍڙ لکيو ته ماضي تي نظر ڦيرائجي يا توڙي جو حال ۾ هن ڪورونا وبا بابت اين ڊي ايم اي وارن ڪڏهن به ان جا تفصيل نه ڏنا آهن جڏهن ته ماڪڙ فصل تباهه پئي ڪري پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي تفصيل نه ڏنا ويا آهن، غلام رضا چنا لکيو ته سپريم ڪورٽ درست چيو آهي ته ان اداري کي بند ڪرڻو پوندو ڪارڪردگي سواليه نشان آهي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته اين ڊي ايم اي کان وٺي نيب تائين پاڪستان ۾ ھر ادارو پنهنجي ڪم ۽ فرضن ۾ ناڪام ثابت ٿيو ۽ سواليه نشان بڻيو آھي پر ادارن جي سربراهن جي ڪارڪردگي تي پڻ سوال اٿندا رهيا آهن، عبدالحئي ساوند لکيو ته جڏھن به قدرتي آفتون ۽ ايمرجنسي آئي تڏھن اين ڊي ايم اي وارن ان جو بهانو بڻائي پئسا ورتا آهن سپريم ڪورٽ بهتر چيو آھي اين ڊي ايم اي کي بند ڪرڻ گهرجي،اختيار علي ٻٻر لکيو ته اسان وٽ قدرتي آفتن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪا به سرڪار پاران حڪمت عملي ناھي جوڙي وئي جنھن جي ڪري تمام وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿي سگھي ٿو، سپريم ڪورٽ ان معاملي جو نوٽيس ورتو آهي ڪجهه بهتري جي اميد آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *