تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

اينجلينا جولي ھڪ ڪامياب ترين اداڪارا … روشن داس

ھالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪندڙ فلمي اداڪارا اينجلينا جولي 04 جون 1975ع تي آمريڪا جي شھر لاس اينجلس ۾ اداڪار جان وائيٽ جي گهر ۾ پيدا ٿي ـ ستن سالن جي عمر ۾ ئي والد سان گڌ چائلڊاسٽار جي حيثيت سان فلم “لڪ ان ٽو گيٽ آ ئوٽ ” 1982ع ۾ ڪردار ڪري پنهنجي فلمي ڪيريئرجي شروعات ڪئي ـ پنهنجي فلمي ڪيريئر جي باقاعدگي سان شروعات 1993ع تي فلم ” سائي برگ2 ” سان ڪئي جنهن ۾ ھن ھڪ روبوٽ جو ڪردار ادا ڪيو پر اھا فلم ڪاميابيَ حاصل نه ڪري سگهي 1995ع ۾ فلم “ود آئوٽ ايويڊنس” ۾ سپورٽ رول ادا ڪيو ساڳي سال فلم “ھيڪرس” ۾ مک ڪردار ۾ سامهون آئي ـ 1996ع ھن جوني لي ملر سان شادي ڪئي ۽ 1998ع تي ھن ھڪ ٽي وي فلم ” جيا ” ۾ به ڪم ڪيو ھن فلم ۾ شاندار اداڪاري ڪرڻ تي ٻيو ڀيرو گولڊن گلوب ايوارڊ حاصل ڪيوـ ايمي ايوارڊ ۾ به نامزدگي ملي ۽ پنهنجي ڪيريئر جو پھريون اسڪرين گلڊ ايوارڊ به حاصل ڪيو جوني لي ملر کان عليدگي سبب ھي فلمي دنيا کان به پاسيري ٿي وئي ـ بعد ۾ 1998ع ۾فلمي دنيا ۾ واپس اچي ” ھيلز ڪچن ” فلم ۾ ڪيو 1999ع تي ھن ھڪ ڪاميڊي فلم ” پشنگ ٽن ” ۾ به ڪردار ادا ڪيو ـ ھن ئي سال جولي مشهور اداڪار ڊيزل واشنگٽن سان گڏ فلم ” دي بون ڪليڪٽر ۾ ھڪ پوليس آفيسر جو ڪردار نڀايو ھن فلم 150 ملين ڊالرن جي ڪاروبار ڪيو وري ساڳي سال ئي ھن فلم ” گرل انٽر پڊ” ۾ ھڪ دماغي مريضا جو ڪردار نڀايو ھن فلم ۾ ادا ڪيل ڪردار کين ٽيون ڀيرو گولڊن گلوب ـ ٻيو ڀيرو اسڪرين گلڊ ۽ فلمي دنيا جو سڀ کان وڏو ايوارڊ اڪيڊمي عرف آسڪر پڻ ڏياريو ـ 2000ع نڪولس ڪيج سان گڏ فلم ” گون ان 60 سيڪنڊ ” ۾ ڪم ھي فلم تمام گهڻي ڪامياب ٿي ۽ ھن ساڳي سال ئي بل بوب سان شادي ڪئي ۽ 2003ع تي ٻنهي ۾ طلاق ٿي وئي ـ
اينجلينا جولي شھرتن جي بلندين تي تڏهن پھتي جڏهن 2001ع تي رليز ٿيل فلم ” ٽومب راييڊر ” سامهون آئي جنهن ۾ ھن سان گڏ اداڪار ڊينيئل ڪريگ به ڪم ڪيو ـ ھن فلم اينجلينا جولي، لارا ڪرافٽ جو ڪردار ادا ڪيو 2003 ع تي وري ھڪ ڀيرو ٻيھر فلم ” لارا ڪرافٽ ايند دي ڪريڊل آف لائيف ” ۾ سامهون آئي ۽ ھالي ووڊ جي سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺڻ واري اداڪارا بڻجي وئي ـ 2005ع تي اداڪار براڊ پٽ سان فلم ” مسٽر ايند مسز سمٿ ” ۾ ڪم ڪيو ھن فلم سڄي دنيا ۾ 478 ملين ڊالرن جو بزنس ڪيو ۽ ھن فلم کان پوءِ جولي ۽ براڊ ۾ تعلقات پڻ وڌيا 2007ع تي ھن فلم ” اي پلس ان ٽائيم ” جي ھدايتڪاري ڏني ـ 2008ع تي فلم ” وانٽيڊ ” ۾ جيمز ميڪاوي سان گڏ ڪم ڪيائين ـ 2010ع تي ھن جوني ديپ ۽ ٽموٿي ڊالٽن سان گڏ فلم ” ٽوريسٽ ” ۾ ڪم ڪيو ۽ 2011ع تي فلم ” ان دي لينڊ آف بلڊ اينڊ ھوني ” جي ھدايتڪاري ڏني ۽ ھن جي ڪھاڻي پڻ پاڻ لکي ۽ ھن فلم کي پرڊيوس به پاڻ ڪيو ـ2014ع تي” دفريٽ” ۽ “دي ميليفسنٽ ” ۾ ڪم ڪيو ۽ 2014ع تي براڊ پٽ سان شادي ڪئي پر بعد ۾ٻنهي ۾ طلاق ٿي وئي ـ 2017ع ۾ ” فرسٽ دي ڪل ماءِ فادر” 2019ع ۾” ميليفسنٽ مسٽريز آف ايول ” 2020ع ۾ “ڪم اووي ” ۽ ڊوز ھو وش مي ڊيٿ ” ۾ ڪم ڪيو جيڪي تمام گهڻيون ڪامياب ويون آهن ۽ اينجلينا جولي ھالي ووڊ جي ھڪ ڪامياب ترين اداڪارا ليکي وڃي ٿي ۽ سندس جي فلاحي ڪمن ۾ به تمام گهڻي دلچسپي رهي آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *