تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ايلزبيٿ باٿوري … نقاش علي

ايلزبيٿ باٿوري سن 1850ع ۾ هنگري جي هڪ با اثر ۽ دولتمند خاندان ۾ پيدا ٿي هئي. ايلزبيٿ باٿوري جو نالو Guinness Book of World Record۾ خطرناڪ سيريل ڪلر جي نالي سان لکيو ويو هو. جنهن اڻ ڳڻيون خوبصورت ڇوڪرين جو بي دردي سان قتل ڪيو هو. ايلزبيٿ باٿوري 12 کان 16 سالن جي ڪنواريون ۽ خوبصورت ڇوڪرين کي ئي پنهنجو نشانو بڻائيندي هئي. ايلزبيٿ باٿوري انهن خوبصورت جوان ڇوڪرين جو رت ڪڍي ان رت سان غسل ڪندي هئي. انهن ڇوڪرين جو رت ڪڍي انهن کي برف جي تمام ٿڌي پاڻي ۾ اڇلائي ڇڏيندي هئي، جن جي موت رت ڄمڻ جي ڪري ٿي ويندي هئي. ايلزبيٿ باٿوري پاڻ خوبصورت ۽ تمام پڙهي لکي عورت هئي. جنهن جو ننڍپڻ وڏي لاڏ ۽ پيار سان گذريو. ايلزبيٿ باٿوري جي تعليم اعليٰ استادن جي نگراني ۾ ٿي هئي. ايلزبيٿ باٿوري تقريبن 4 زبانو ڳالهائي ۽ پڙهي لکي ويندي هئي. ايلزبيٿ باٿوري دولتمند، خوبصورت پڙهي لکي ڇوڪري هئي. هن کان 13 جي عمر ۾ هڪ ناداني ٿي وئي هئي. ايلزبيٿ باٿوري رياست جي هڪ هاري جي پيار جي شڪنجي ۾ ڦاسي وئي هئي ۽ هن کي ان هاري مان ٻار ٿي ويو هو. ان هاري جو ته الاهي ڇا حال ٿيو اها ڪنهن کي خبر ئي نه پئي!! ۽ ٻار ڪنهن وفادار نوڪراڻي جي حوالي ڪيو ويو. ان واقعي جي 2 سال کان پوءِ 8 مئي 1575ع ۾ هن جي شادي هڪ Ferenc Nadasdy هڪ نواب شهزادي سان ڪئي وئي. جنهن هن کي شادي جي تحفي ۾ Castle Cachtice محل ڏنو هو. اها شادي ان وقت جي وڏي ۾ وڏي شادي هئي.
Ferenc Nadasdy سندن اباڻي جاگير ايلزبيٿ باٿوري جي حوالي ڪئي، جيڪا 17 ننڍن وڏن ڳوٺن تي مشتمل هئي. جنهن کان پوءِ اهي خوشي خوشي زندگي گذارڻ لڳا.سن 1578ع ۾ هنگري جي عثمانه قبلي سان جنگ جو مهاڏو اٽڪايو جنهن جو ڪمانڊر Ferenc Nadasdy هو ۽ اهو جنگ لاءِ روانو ٿيو. ايلزبيٿ باٿوري هڪ پڙهيل لکيل عورت هئي جنهن پنهنجي مڙس جي وڃڻ کانپوءِ حڪومتي واڳون سنڀالي ورتيون ۽ پنهنجي رياست هڪ حڪمران وانگر هلائڻ لڳي. سن 1602ع ۽ 1604 ۾ هڪ آواز اٿيو جنهن مان خبر پئي ته ايلزبيٿ باٿوري خوبصورت ۽ جوان عورتن کي قيدي ڪري انهن جو رت ڪڍي، ان رت سان غسل ڪري ٿي ۽ اها عورت هڪ رت پيئڻ واري ڏائڻ آهي. ايلزبيٿ باٿوري ان وقت جي اثر رسوخ رکڻ واري راڻي هئي جنهن جي خلاف ڪو خاص عمل نه ٿيو. ان عمل ۾ سندس وفادار 3 نوڪر به گڏ هئا. جيڪي آس پاس جي ڳوٺن شهرن ۾ وڃي ڇوڪرين کي تمام گهڻي مقدار ۾ پئسن جي ۽ محل ۾ نوڪري ڏيارڻ جي لالچ ڏئي وٺي ايندا هئا. ڇوڪرين جي محل پهچڻ تي انهن سان ظلم جي انتها شروع ٿي ويندي هئي. پهرين انهن ڇوڪرين جي جسم کي باهه سان ساڙيو ويندو هو. ان ڇوڪرين کي وحشياڻي انداز ۾ مار ڪٽ به ڪئي ويندي هئي. انهن بي وس ڇوڪرين جا هٿ پير به ڪپيا ويندا هئا. جنهن بعد انهن جي جسم کي خنجر سان چهڪ ڏئي رت ڪڍيو ويندو هو. رت نچوڙي ڪڍڻ کان پوي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي هئي. انهن بي وس ڇوڪرين کي ٿڌي برفاني پاڻي ۾ اڇلايو ويندو هو. رت ڄمڻ جي سبب موت ٿي ويندي هئي. ايلزبيٿ باٿوري جو موت جي سزا ڏئڻ جو هڪ ٻيو درد ناڪ طريقو اهو به هوندو هو ته، هو جوان عورتن جو سمورو رت چوسي کين ماکي سان غسل ڪرائي کلي ميدان ۾ ڇڏي ڏيندي هئي. جنهن کان پوءِ آس پاس گهمندڙ ماکي جون مکيون ۽ ڪيڙا مڪوڙا ان ڇوڪرين کي چچري ڇڏيندا هئا.
ايلزبيٿ باٿوري جي ڇوڪرين جي خون جو ڪو انگ اکر ئي تاريخ ۾ نٿو ملي. ان سڄي وحشياڻي وارتا جي داستان ايلزبيٿ باٿوري جي ڊائري ۾ لکيل هئي. سندس هڪ نوڪرياڻي Susannah نالي جنهن ڊائري تي لکيل ورق ظاهر ڪيا. جنهن ٻڌايو ته ايلزبيٿ باٿوري 3 نوڪرن سان گڏ 650 ڇوڪرين ۽ عورتن کي تشدد ڪري وحشياڻي انداز سان بي دردي سان قتل ڪيو هو. ايلزبيٿ باٿوري جا 3 نوڪر جيڪي ان سنگين گناهه ۾ شريڪ هئا، انهن ٻڌايو ته ايلزبيٿ باٿوري ڪاري علم ۾ يقين رکندي هئي. ڇوڪرين جي رت سان غسل ڪرڻ جو سبب اهو هو ته ايلزبيٿ باٿوري جي نظرئي مطابق جوان ۽ گهٽ عمر واري ڇوڪرين جي رت سان غسل ڪرڻ يا رت پيئڻ سان ان جي جواني ۽ سندرتا هميشه قائم رهندي. اها هميشه جوان ۽ خوبصورت رهڻ جي خواهشمند هوندي هئي. جنهن وقت ايلزبيٿ باٿوري کي حراست ۾ ورتو ويو، ان موقعي تي ڪافي ڇوڪرين جا تشدد ٿيل مڙه مليا جيڪي ڪافي سڙيل، هٿ پير ڪپيل ۽ طويل وحشياڻي حالت ۾ مليا. سن 1610ع ۾ ايلزبيٿ باٿوري جي وحشاڻي عمل جي جانچ ڪئي وئي. ان وقت ان جي جانچ پڙتال جي دوران ايلزبيٿ باٿوري جي خلاف 300 گواہ پش ڪيا ويا جنهن ۾ سندس نوڪر به شامل هئا. جنهن بعد ڪافي سياسي ڪوششن کان پوء گواهن ۽ ثبوتن جي پيش نظر ايلزبيٿ باٿوري کي عمر قيد جي سزا ڏني وئي ۽ سندس 3 نوڪرن کي سرعام ڦاسي ڏني وئي. ايلزبيٿ باٿوري جي موت هنگري جي ان ڪال ڪوٺڙي ۾ ئي ٿي هئي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *