تازا ترين
  • *ملير ويجهو ناردرن باءِ پاس ويجهو همدرد يونيورسٽي وٽان گوليون لڳل لاش هٿ *لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *مدئجي پوليس جي شرن جي وانڍ تي چڙهائي،گهر گهر تلاشي بعد 2 ڄڻا گرفتار *جوابدار مهراب شر جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي،ڪا به گرفتاري نه ڪئي آهي:پوليس * پوليس ٻن ڄڻن کي کنڀي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 11 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺافوتين جو انگ 6 هزار 806 ٿي ويو *24ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 807 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 3 لک 32 هزار 993 ٿي ويو*

ايئن ڀلا ڇو ؟

ڪڪڙ کڻي حڪمرانن خلاف دانهون ڪندڙ نينگر جي هڪ ٻي وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ هو مهانگائي جون دانهون ڪندي پنهنجا ڪپڙا به ڦاڙي رهيو آهي، اهڙي وڊيو فيس بوڪ تي شيئر ڪندي يوسف جوکيو لکيو ته مئل ڪڪڙ کڻي برساتي پاڻي ۾ بيهي حڪمرانن خلاف دانهيندڙ کاهي واسي نينگر احمد مري جي پهرين وڊيو تي ئي مون تبصرو ڪيو هو ته ان ٻار سڄي ميڊيا کي مامو بڻايو آهي، ان وڊيو جي ڪري ڪيترن ئي ادارن ۽ سياسي جماعتن ان ٻار جي نه صرف مالي امداد ڪئي پر راشن ۽ ڪيترائي ڪڪڙ به ڏنا آهن، پر ان ٻار جي والد پنهنجي پٽ جي ٽيلينٽ جو غلط استعمال جاري رکيو آهي، علائقي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته احمد مري جو والد غريب ناهي نه ئي ان کي ڪنهن امداد جي ضرورت آهي، نينگر جي والد رب نواز مري جو تعلق پيپلزپارٽي سان آهي جنهن پنهنجي پٽ کي تعليم ڏيڻ بدران ان جي ٽيلينٽ کي آمدني ۽ سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو هڪ الميو آهي. (فيس بوڪ وال تان ورتل)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *