تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

اوپو دنيا جو تيز ترين چارجر متعارف ڪرائي ڇڏيو ….مھــــاوير واسو

اوپو طرفان گذريل ڪيترن سال دوران فاسٽ چارجنگ ٽيڪنالوجي تي ڪم ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ چيني ڪمپني سمارٽ فونز لاءِ سڀ کان طاقتور 125 واٽ چارجر متعارف ڪرايو آهي.چين ۾ هڪ ايوينٽ دوران ڪمپني طرفان مختلف قسمن جا چارجر متعارف ڪرايا ويا جن ۾ 125 واٽ سان گڏوگڏ 50 واٽ مني سپر وي او او سي چارجر، 110 واٽ مني فليش چارجر ۽ 65 واٽ ايئر وي او او سي وائرليس چارجر شامل هئا.ڪمپني موجب 125 واٽ فليش چارجر ٽيڪنالوجي 4000 ايم اي ايڇ بيٽري کي 5 منٽن ۾ 41 سيڪڙو جڏهن ته 20 منٽن ۾ 100 سيڪڙو چارج ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.ايتري تيز چارجنگ سان پاور سيل ۽ سمارٽ فون کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ٽيڪنالوجي ۾ 3 متوازن چارج پمپس ڏنا ويا آهن جيڪي پاور کي ورهائيندا آهن.ان کان سواءِ او پو طرفان واڌو تحفظ لاءِ 10 واڌو ٽيمپريچر سينسرز به ڏنا ويا آهن.ايئر وي او او سي وائرليس چارجر بهتر ڪالنگ لاءِ سرڪليولر ڊزائين سان گڏ ڏنو ويو آهي جڏهن ته حرارت خارج ڪرڻ لاءِ هڪ گلاس پينل به ان ۾ موجود آهي.
ڪمپني جو چوڻ هو ته ان وائرليس چارجر ۾ آٽوميٽڪ چارج پمپ ڌار ڪندڙ ٽيڪنالوجي ڏني وئي آهي جيڪا وائرليس چارجنگ کي بهتر ڪري ٿي.اهو وائرليس چارجر 4000 ايم اي ايڇ بيٽري کي 30 منٽن ۾ مڪمل چارج ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.ڪمپني ٻڌايو ته هن وقت اهو چارجر ڪانسيپٽ مرحلي ۾ آهي ڇو جو ڪنهن به اوپو سمارٽ فون ۾ ان جي سپورٽ موجود نه آهي.50 واٽ جي مني سپر وي او او سي چارجر ڪنهن پورٽ ايبل 4 جي موڊيم آهي جنهن کي کيسي يا پرس ۾ رکي ڪٿي به کڻي وڃي سگھجي ٿو.اهو وي او او سي پروٽوڪولز (4.0کان 30 واٽ) سان هڪ جهڙائي رکي ٿو، جڏهن ته 27 ۽ 50 واٽ پي پي ايس تي به ڪم ڪري سگھي ٿو.مناسب ڪرنٽ جي فراهمي لاءِ ان مني چارجر ۾ پلس چارجنگ نالي فيچر ڏنو ويو آهي.110 واٽ مني چارجر به انهي خيال کي نظر ۾ رکي تيار ڪيو ويو آهي رڳو اهو ٿورو وڏو آهي جيڪو سڀني مشهور اسٽينڊرڊز سپر وي او او سي 65 واٽ تائين، وي او او سي 30 واٽ تائين لاءِ هڪ جهڙائي رکي ٿو.سولن لفظن ۾ 125 واٽ، 110 واٽ، 50 واٽ ۽ 65 واٽ وائرليس چارجر اوپو کان سواءِ ٻين ڪمپنين جي فونز تي به ڪم ڪري سگھي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *