تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

اوهان کي پنهنجا خواب پورا ڪرڻا آهن ته پنهنجي دماغ کي ٿورو آرام ڏيو؟ … عامر بلوچ

ڇا اوهان کي خبر آهي اڄ دنيا ۾ ماڻهو اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ ننڊ ڪن ٿا 20 سيڪڙو ننڊ گهٽجي وئي آهي اسان سڀني جي زندگي ۾ ننڊ سڀ کان قيمتي شي آهي پر اڄ اسان سڀني وٽ ان جي کوٽ آهي سڄي دنيا ۾ اڄ گهڻو ڪري ماڻهو گهٽ ننڊ اچڻ سبب پريشان آهن جنهن جا نتيجا تمام خطرناڪ ٿين ٿا دراصل اڄ اسان جي زندگي گيجيٽس (gadgets) جي ڄار ۾ ڦاسي پئي آهي ڪمپيوٽر اسان جي زندگي ۾ هڪ تمام وڏي تبديلي آندي آهي انٽرنيٽ به دنيا ۾ انقلاب آڻن جو ڪم ڪيو آهي جنهن سان اسان جي زندگي ۾ ڪيتريون ئي نيون شيون اچي ويون آهن انهي جي اچڻ سان معيشت به بدلي آهي ۽ هاڻ سڄي دنيا ۾ 24 ڪلاڪ ڪم هلندو رهندو آهي؟
ننڊ جو دشمن:
اهان جي آفيس اوهان کي سڄي رات جاڳائيندي آهي ڪيترائي ڀيرا ڪم ايترو گهڻو هوندو آهي جو ان کي پورو ڪرڻ لاءِ ماڻهو سڄي رات جاڳندا رهندا آهن پنهنجو پاڻ کي جاڳايل رکڻ لا۽ اوهان ڪافي ۽ چانهه جو سهارو وٺندا آهيو ڪجهه ماڻهو سگريٽ جي مدد وٺندا آهن پر اسان اهو وساري ويهندا آهيون ته اهو وقتي سهارو ڊگهي عرصي تائين اسان جي ننڊ خراب ڪري رهيو آهي انٽرنيٽ اصل ۾ اسان جو سک ۽ سڪون اسان کان کسي ورتو آهي اسان جي ننڊ جو ٻيو وڏو دشمن آهي اسان جي موبائل فون جيڪڏهن ڪمپيوٽر تي ڪم نٿا ڪيون تڏهن به اسان فون تي مصروف رهندا آهيون ڇو ته فون به هاڻ مني ڪمپيوٽر ئي بڻجي ويئي آهي حالت ته اها ٿي وئي آهي جو سمهندي سمهندي به اسان فون چيڪ ڪندا رهندا آهيون ته ڪٿي ڪو ميسيج ته ناهي آيو ڪا اي ميل ته ناهي آئي نه ته سمهڻ کان پهريان هڪ ڀيرو فيس بوڪ ئي ڏٺو وڃي ڳالهه صرف فيس بوڪ چيڪ ڪرڻ تائين نه ٿي رهي ڳالهين جو سلسلو به هلي نڪري ٿو آڱريون موبائل تي مصروف ٿي وڃن ٿيون ۽ اوهان جون خماريل اکيون اوهان جي موبائل رکي سمهڻ جو انتظار ڪنديون رهنديون آهن ڪيترائي ڀيرا اکين جو اهو انتظار ڏينهن نڪرڻ تائين ڊگهو ٿي ويندو آهي اسان جون اهي عادتون اسان جي ننڊ ۾ خلل وجهن ٿيون اسان جي رهڻي ڪهڻي به اسان جي ننڊ خراب ڪرڻ لا۽ ڪيتري ئي حد تائين ذميوار آهي مثال طور اڄ هو آفيس کي ضرورت مطابق گرم ۽ ٿڌو ڪرڻ لا۽ ايئرڪنڊيشنر ۽ هيٽنگ سسٽم لڳل آهن گهرن جو به اهوئي حال آهي جسم سمهڻ چاهي ٿو ته اسان ان کي نٿا ڏيون جڏهن اسان سمهڻ چاهيون ٿا ته جسم ان لا۽ تيار ناهي هوندو ننڊ اچڻ لا۽ اسان طرح طرح جا اپاءُ وٺندا آهيون نئون نئون بستر خريد ڪندا آهيون ۽ گهر ۾ اهڙو ماحول تيار ڪندا آهيون جنهن ۾ اسان کي ترت ننڊ اچي وڃي پر افسوز ائين ٿي نٿو سگهي.
روشني لا۽ گهر ۾ لڳايل لائيٽون به ان لا۽ ڪنهن حد تائين ذميوار هونديون آهن ان کان سوا۽ نيري رنگ ايل اي ڊي اسڪرين به اسان جي ننڊ تي بريڪ لڳائيندي آهي ميلاٽونن( melatonin)نالي هارمون اسان جي جسم کي ننڊ جو سگنل ڏيندو آهي پر اها نيري روشني ان کي پنهنجو ڪم ڪرڻ کان روڪيندي آهي؟ لڳ ڀڳ ڏهه هزار تحقيقي مقالا اهو ثابت ڪري چڪا آهن ته جيڪي ماڻهو گهٽ ننڊ ڪن ٿا اهي پنهنجي صحت سان کيڏن ٿا، پروفيسرن مطابق ڪينسر ، شگر جي بيماري ۽ هر وقت دٻاءُ ۾ رهڻ گهٽ ننڊ ڪرڻ جو به ڪارڻ بڻجندو آهي ايستائين جو ڪيترائي ڀيرا ننڊ جي کوٽ آپگهات جهڙي ڀيانڪ خيال کي به ذهن ۾ جا۽ ڏيندي آهي ان کان پهريان جو اوهان جي ذهن ۾ به اهڙو ڪو خيال اچي پنهنجون عادتون تبديل ڪيو صحيح وقت تي کاڌو کائو ۽ وقت تي ننڊ ڪيو ياد رکو ته ننڊ هڪ تمام وڏي نعمت آهي ان جي قيمت اهوئي ٻڌائي سگهي ٿو جيڪو ان نعمت کان محروم آهي

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *