تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

اوشو ۽ انا…سنڌيڪار: سارنگ خاصخيلي

گرو رجنيش اوشو 1931 ڌاري  ھندستان ۾ جنم ورتو. اوشو 21 سالن جي عمر ۾ ئي سماڌي (Enlightenment) حاصل ڪري ورتي ھئي، تنھن وقت ھو سواگر يونيورسٽي مان فلسفي ۾ گريجوئيشن ڪري رھيو ھو، پنھنجي تعليم پوري ڪرڻ بعد ھن جبلپور يونيورسٽي ۾ فلسفو پڙھائڻ شروع ڪيو، جيڪو هو 9 سالن تائين پڙھائيندو رھيو. اھو ئي وقت ھو جڏھن ماڻھو وڏي انگ ۾ سندس فلاسافي مان متاثر ٿيا ۽ نتيجن ھن جا مريد ٿيڻ لڳا،  ھن 1966 ۾ پڙهائڻ ڇڏي پنھنجو پورو ڌيان فرض کي ھڪ روحاني استاد (گرو) طور ڏيڻ شروع ڪيو. اوشو جي ايڏي وڏي پئماني تي پزيرائي حاصل ڪرڻ جو سبب ھن جو بھترين مصالعو هو پر جڏھن اوشو جي درسن کي غور و فڪر ذريعي ان جي ڇنڊڇاڻ ڪبي ته اسان کي اھا خبر پوندي ته ان جي فلاسافي مائڪل فوڪو يا ول ڊؤرانٽ وانگر صرف فلاسافي جي اصولن جي پيروڪار نه ھئي، بلڪه اوشو جو فلسفو مذھب ۽ فلسفي جو نچوڙ ھو. اوشو پنھنجن درسن ۾ لڳ ڀڳ ھر موضوع تي ڳالھايو آھي؛ موت، زندگي، انا، ڪاوڙ، شاگرد، گرو، عورت، جنسي عمل ۽ اھڙا انيڪ موضوع. اوشو پنھنجن درسن ۾ اھڙي ته بھترين طريقي سان سمجهايو آھي جيئن انھن موضوعن جا ھر راز سندس دماغ جي دري تي رڪس ڪندا ھجن. ھن جي ان ڪلاڪاري جو بھترين نمونو ھن جي درسن تي مشتمل ڪتاب “نيرن گلن جي برسات” آھي. جنھن ۾ اوشو پنج اھم موضوعن تي ڳالھائي ٿو. پر جڏھن ان ڪتاب جو مطالعو ڪبو ته توھان کي اوشو “انا” تي وڌيڪ ڳالھائيندي ملندو. ھن جي موضوع جو محور گھڻي قدر “انا” ۽ ان سان سلهاڙيل نقصانن سان گڏوگڏ ان کان نجات جو طريقا ھجن ٿا. 
 اوشو جي نظر ۾ انا ڇا آھي؟
اوشو جي نظر ۾ انا دنيا جي ڪمزو ترين شئي آھي، انا صرف سنڍپڻي جو احساس آھي، انا ھڪ اھڙي شئي آھي جيڪا ھميشه اڃا وڌيڪ جي طلبگار ھوندي آھي. انا ڪڏھن به طاقتور نه ھوندي آھي، اھا صرف طاقتور ھجڻ جو خواب ۽ احساس ھوندي آھي. بلڪل اھا حقيقت آھي. اوشو ھڪ اھڙي حقيقت بيان ڪري رھيو آھي جيڪا انسان تسليم ڪرڻ نه ٿو چاھي ۽ نه وري ان کي قبول ڪرڻ جي ھمت رکي ٿو. ھا اوشو ان وقت سچ چوي ٿو جڏھن ھو ان جي اڻ کٽ طلب جو ذڪر ڪري ٿو. واقعي ھڪ شئي ڪيئن طاقتور ٿي سگھي جھنجي پورائي جي ڪا حد ئي نه آھي؟ آخر اھڙي شئي جي طاقتور ھجڻ جو ڪھڙو جواز آھي جيڪا سنڍ پڻي ته مشتمل آھي؟ انا صرف انسان پنھنجي ڪمزوري لڪائڻ تحت پاليندو آھي ۽ اھو ئي سبب آھي جو انسان ان انا جھڙي ڪمزور شيءَ کي ترڪ ڪرڻ نٿو چاھي. اوشو پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو، ھا انا سان گڏ توھان سنڍپڻي جو شڪار ٿي ويندا آھيو. اھو ئي سبب آھي جو انا چوندي آھي ته “پنھنجي بادشاھت کي اڃان وسيع ڪيو ته جيئن محسوس ڪيو ته توھان طاقتور آھيو. ھي گھر ته ننڍو آھي. ضرورت آھي اڃان ان کان وڏي گھر جي…….نه….نه….ايتري قدر شھرت ڪجهھ نه آھي، اڃان ٿوري وڌيڪ…..انا ھميشه ڪجھه وڌيڪ جي گھرجائو ھوندي آھي….ڇو؟! ان جي اھا اڃان وڌيڪ بيتابي ٻڌائي ٿي ته انا سنڍپڻ جو شڪار ھوندي آھي.” انا جو نعرو اھو ھوندو آھي ته: “اھو سڀ ڪافي ناھي….” انا لاءِ ڪجھه به ڪافي نه آھي. اھا شئي اھو ثابت ڪري ٿي ته توھان سنڍ آھيو. ڪمزور آھيو، بي قوت آھيو. جيتري توھان وڌيڪ طاقت حاصل ڪندا آھيو اوترو ئي پاڻ کي بي طاقت محسوس ڪندا آھيو، جيترو وڌيڪ امير ھوندا آھيو اوترو وڌيڪ غربت محسوس ڪندا آھيو. جيترو گھڻا صحتمند اوترو ئي وڌيڪ موت کا ڊنل ھوندا آھيو ڇاڪاڻ ته انا صرف ڪمزوري، بي قوتي ۽ سنڍپڻي جو ٻيو نالو آھي.
انا ڪئين ختم ڪري سگھجي ٿي؟
انا جو احسان انسان کي ايترو ته جڪڙي ڇڏيو آھي جو انسان نه انکان ڇوٽڪارو ۽ نه وري انجو خاتمو چاھي ٿو پر ان جو مطلب ھرگز اھو نه آھي ته ان کان ڇوٽڪارو ۽ ان جو خاتمو ناممڪن آھي. اھو قدرت جو اصول آھي ته ھر فطري شئ جي منزل ختم ٿيڻ آھي، ھر فظري شئي تبديلي جي غلام ٿئي ٿي. انا به ھڪ احساس، ھڪ فطرتي تخليق آھي جنھن جو خاتمو ممڪن آھي. نئين دؤر ۾ ڪنھن به احساس کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ   Emotional Intelligence جو ھجڻ لازم قرار ڏنو پيو وڃي، پر سوال اھو آھي ته نيٺ ان کي ڪيئن حاصل ڪجي؟ انجي حاصلات لاءِ ڪھڙا عمل لازمي آھن؟ انھن سڀني سوالن جا جواب به گرو رجنيش اوشو تمام سھڻي نموني پنھنجي درسن ۾ بيان ڪري ٿو. اوشو انا تي فتح حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي چاھيندڙن کي چوي ڇو ته حقيقت ۾ دنيا جي بدصورت ۽ سنڍ شئي انا آھي.پر سچ ان جي ابتڙ آھي. جڏھن توھان ھن کي ڳوليو ٿا ، اھو توھان وٽ ئي آهي. جڏھن توهان کي خواھش ناھي ھوندي ته ھو اچي ويندو آھي.ھا سچ ته ھر حل توھان سان گڏ آھي……توھان ڪڏھن انکي محسوس ناھي ڪيو، ھو ته انسان جي اندر ۾ موجود آھي ۽ توھان ان کي ڳولڻ در در فقير. جيئان رلندا وتو.. اھو سڀ کان اعليٰ قوت، اھو الوھي سچ، اھا حقيقي هستي توھان جي اندر ۾ آھي، بس انا کان ڇوٽڪاري جي دير آھي. بس خالي ٿيو توھان … توھان حقيقت کي ڄاڻي ويندؤ، ان کان سواءِ ان کي ڄاڻڻ جو ٻيو ڪو رستو نه آھي. عام ماڻھو ٿيڻ جي ڪوشش ڪيو. ھڪ لاشخص جنھن جو نه نالو آھي نه ڪا سڃاڻپ….نه ڪا دعويٰ ۽ نه ڪا طاقت… نه ڪنھن ملڪيت جي خواھش آھي، نه ڪنھن شھرت جي. بس ھڪ لا ذات بڻجي پئو.. انا کي ختم ڪيو. پوءِ ڏسو توھان ڪيڏا طاقتور آھيو. توھان ھر شئي سان مالامال ٿي وڃو ٿا. توھان درياھه بڻجي پئو ٿا.”
اوشو جي نظر ۾ انا جو خاتمو حقيقي سچ جي چاھت ۽ سادگي جي پيروي ڪرڻ سان ئي ممڪن آھي. جيڪڏهن سولو ڪري چئجي ته جيڪي حالتون ۽ جنھن حال ۾ آھيو ان ۾ خوش رھڻ سکو. جيڪڏهن توھان وڌيڪ نوازيل آھيو ته شڪر ڪريو. انکان علاوه سچ جيڪو حقيقت ۾ ھڪ طاقتور شئي آھي ان جي پيروي ڪيو، ھميشه سچ جي چاھت رکو. ڇاڪاڻ ته اھو واحد رستو آھي انا کي پنھنجي اندر مان ھجرت ڪرائڻ جو ۽ پاڻ کي خالي ڪرڻ جو… طاقتور ٿيڻ جو ۽ سنڍپڻي کان آجو ٿيڻ جو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *