تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

اهڙو ڪم چونڊيل حڪومتون نه پر مارشل لا حڪومتون ڪنديون آهن

مريم نواز رستا بند ڪرڻ تي ردعمل ۾ ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته هٿئين خالي ڇوڪري کان ايڏا ڊڄو ٿا ؟ سينيٽر عائشه رضا فاروق جلسي جي حوالي سان پوسٽون شيئر ڪيون، ريحام خان ٽوئيٽ ڪيو ته پهلوانن جي شهر گجرانوالا ۾ سليڪٽڊ حڪومت خلاف پهريون دنگل آهي، سينيٽر سحر ڪامران لکيو ته ڪنٽينر واري سرڪار ڇا ڪنٽينر عوامي طاقت کي روڪي سگهن ٿا؟ شازيه عطا مري ٽوئيٽ ۾ جلسي کي عوامي عدالت قرار ڏنو ، شهلا رضا لکيو ته فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته پي ڊي ايم اي جلسي تي هڪ ارب ٽي ڪروڙ خرچ ڪري رهي آهي، ڪوڙ نه هڻو، اوهان ڇا ٿا سمجهو ته پي ڊي ايم اي کي پي ٽي آءِ وانگر ابراج گروپ سپورٽ ڪري رهيو آهي. حامد مير ڪنٽينرن جون تصويرن شيئر ڪندي لکيو ته گجرانوالا ۾ پي ڊي ايم جي جلسي جي ميزبان خرم دستگير خان جي رهائشگاهه ڏانهن ويندڙ روڊن کي ٽنهي پاسن کان بند ڪيو ويو آهي ته جيئن هو جلوس جي صورت ۾ جلسي گاهه نه وڃي سگهي وزيراعظم خان پاڻ ٻڌائي ته ڇا اهڙين حرڪتن سان ڪنهن حڪومت کي نيڪ نامي ملندي يا بدنامي ؟ هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ هن لکيو ته گجرات ويجهو ڪوٽلا ۾ ايم اين اي عابد رضا جي گهر ٻاهران روڊ کي پنجاب پوليس بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي ، ڊي پي او کيس فون ڪري چيو ته اوهان جلسي ۾ جلوس جي صورت ۾نه وڃو، اهڙو ڪم چونڊيل حڪومتون نه پر مارشل لا حڪومتون ڪنديون آهن. سيد طلعت حسين لکيو ته عمران حڪومت اپوزيشن کي روڪڻ لاءِ رستا بند ڪري ڇڏيا، ثنا بچه لکيو ته پي ڊي ايم جي جلسي سبب گرائونڊ ۾ ماحول پي ايس ايل وانگر لڳي رهيو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *