تازا ترين
  • *ٽنڊوباگو ويجهو زمين جي تڪرار تان جهيڙو،8ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *ڳوٺ علي ترڪ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا *
  • وارهه ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، پيرسن فوت ٿي ويو *ماستر لاڙو وٽ حادثي ۾ پيرسن غلام مصطفيٰ گوگاڻي چانڊيو زخمي ٿي پيو *زخمي پيرسن لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

اهي عورتون جن فرانسيسي انقلاب جي راهه هموار ڪئي

لڳ ڀڳ هڪ مهيني کان اٽو نه ملڻ سبب ماڻهو بک تي هئا، جيڪڏهن اٽو مليو به ٿئي ته مهانگو، ان ڪري اڪثريت فاقا ڪاٽي رهي هئي. پوءِ هڪ عجيب واقعو ٿيو. اهو آڪٽوبر 1789ع جو صبح هو، هڪ نوجوان عورت هٿ ۾ خالي گيهه وارو دٻو کڻي ڏنڊيءَ سان وڄائيندي اعلان ڪيو ته“مائرو ۽ ڀينرو، ٻاهر نڪرو، خوراڪ جي لاءِ، انتقام جي لاءِ”.
ان عورت جي آواز جادو جاڳائي ڇڏيو، گهرن مان عورتون هڪ، هڪ ٿي نڪرنديون ويون، انهن ۾ امير گهراڻن ۾ ڪم ڪرڻ وارين عورتن کان وٺي انهن گهراڻن جون عورتون به شامل هيون. اهي هلنديون رهيون ۽ اڳتي وڌنديون ويون. پئرس ٽائون هال جا دروازا ۽ سيڪيورٽي انهن جي سامهون بيوس هئي.ڪجهه ئي منٽن ۾ هال تي قبضو ٿي ويو، انتظاميا ڏڪي وئي، ڇو ته اتي اسلحي ۽ بارود جو سيڪشن به هو ۽ عورتن وٽ ماچس به هئا. ان کانپوءِ ڇا ٿيو، ان کان پهرين اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته ايئن ڇو ٿيو؟
هي واقعو ان ملڪه جو سر قلم ڪرڻ واري واقعي کان ڪجهه سال اڳ پيش آيو، جنهن چيو هو ته “جيڪڏهن ماڻهن وٽ ماني ناهي ته ڪيڪ ڇو نٿا کائين!؟”
فرانسيسي انقلاب جي شروعات:
فرانس هڪ خوشحال ۽ مهذب ملڪ هو، 1788ع ۾ ان جي اقتصادي صورتحال ڪجهه خراب ٿي، انهن ئي ڏينهن ۾ ان آمريڪا جي مدد شروع ڪري ڏني، جيڪو ان وقت آزاديءَ جي جنگ ۾ مصروف هو. ان ۾ فرانس جا لڳ ڀڳ هڪ ارب ڊالر خرچ ٿي ويا، ان ئي سال ڪڻڪ جي پيداوار متاثر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڏڪار پيدا ٿي ويو. بحران جو حل ڪڍڻ لاءِ عوام تي نوان ٽيڪس هنيا ويا، جنهن تي اختلاف ڪرڻ تان بادشاهه لوئي عوام دوست سمجهيو ويندڙ ناڻي وزير جيڪ نيڪر کي برطرف ڪري ڇڏيو، ان عوام کي وڌيڪ مڇرائي وڌو ۽ احتجاج شروع ٿي ويا.
احتجاج ڪندڙ ڪيترائي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا، ٻئي ڏينهن تي ماڻهو گهرن مان نڪتا، انهن اسلحي جي ڊيپو تي حملو ڪيو، دروازا ٽوڙي بندوقون کنيون ۽ سڌو جيل وڃي گرفتار ڪيل ماڻهن کي ڇڏائي ورتائون.
ان احتجاج کانپوءِ بادشاهه وزير کي ٻيهر ڪابينا ۾ شامل ڪري ورتو پر ان سان باهه ٿڌي نه ٿي، ڪجهه ئي مهينن ۾ صورتحال ان سطح تي پهتي جو اٽو ملڻ مشڪل ٿي ويو.
ٿامس ڪارلائل نالي تاريخدان لکيو آهي ته “عوام بک جو شڪار هو، انهن تي وڌيڪ ٽيڪس هنيا پئي ويا، بادشاهه جي درٻار جي ڳجهي ۽ ظاهري شاهه خرچ، جاگيرداراڻي نظام ۽ ڪيٿولڪ چرچ جي غيرلڪچداراڻي رويي سبب مايوسي پکڙجندي وئي ۽ پوءِ جولاءِ کان آڪٽوبر تائين ماڻهن کي ناشتي لاءِ ڊبل روٽي ملڻ به مشڪل هئي”.
عورتن جو ٻيو قدم:
انتظاميا جا خدشا غلط ثابت ٿيا، عورتن ٽائون هال جي سامان جي ڀڃ ڊاهه ضرور ڪئي، عملي تي تشدد ڪيو جيڪو جان بچائي وٺي ڀڳو پر بارود جي زخيري کي باهه نه ڏني وئي. هاڻي انهن عورتن جو رخ اسيمبلي هال ڏانهن هو.
بادشاهه جي حڪم تي انتظاميا الرٽ ٿي چڪي هئي پر عورتن کي روڪڻ ممڪن نه هو، ڇاڪاڻ ته انگ تمام گهڻو وڌي چڪو هو. عورتون پهچڻ وقت اسيمبلي هال جا در بند ڪيا ويا پر انهن جي لاڳيتي احتجاج کانپوءِ آخرڪار در کلي ويا.
ڇڪتاڻ وڌندي ڏسي بادشاهه جي اجازت سان انتظاميا انهن سان ڳالهيون ڪيون ۽ 15 عورتن کي ڪجهه اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهين جي اجازت ڏني وئي. انتظاميا جو خيال هو ته انهن کي ڳالهين ۾ آڻي ڪجهه وقت حاصل ڪجي پر عورتون ان سموري چال کان واقف هيون، انهن ڪجهه ئي منٽن ۾ صاف موقف اختيار ڪندي پنهنجا مطالبا پيش ڪيا.
اٽو ۽ بادشاهه:
عورتن مطالبو ڪيو ته اسان کي اٽو ۽ بادشاهه سان ملاقات جو وقت گهرجي، جنهن تي سندن 50 سيڪڙو مطالبو، يعني اٽو فراهم ڪرڻ جي حامي ڀري وئي پر انهن نه مڃيو، جڏهن بادشاهه سان ملاقات وارو مطالبو پورو نه ٿيو ته اهي ورسيلز يعني شاهي محل ڏانهن وڌڻ لڳيون.
بادشاهه سان ملاقات:
بادشاهه سموري صورتحال کان واقف هو، جڏهن ڪا راهه نه بچي ته بادشاهه ملاقات لاءِ راضي ٿي ويو. فقط 4 عورتن کي بادشاهه سان ملڻ جي اجازت ملي پر اها هڪ مختصر ملاقات ثابت ٿي. جلد ئي شاهي فرمان جاري ٿيو ته اٽي جي فراهمي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي جاري ڪئي وڃي.
عورتون ان حڪم نامي تي متفق نه ٿيون، انهن مطالبو ڪيو ته بادشاهه پاڻ اناج کڻي عوام تائين پهچي، ڇاڪاڻ ته اناج تي ڪنٽرول ڪندڙ عملي تي عوام کي اعتماد ناهي. بادشاهه جي انڪار تي انهن عورتن چيو ته جيستائين مطالبو پورو نه ٿيندو تيستائين اهي اتي ويٺيون رهنديون.
ايندڙ 2 ڏينهن عجيب هئا. ورسيلز شاهي محل جي ڏاڪڻين کان باغيچن تائين هر جاءِ تي عورتون ئي عورتون هيون، ساڳئي وقت محل کان ٻاهر به عورتن جو هڪ وڏو انگ پهچي چڪو هو. ان وقت بادشاهه کي خيال آيو ته طاقت جو استعمال ڪجي، پر کيس ڪجهه وقت اڳ جيل تي قبضي وارو واقعو ياد ڏياريندي اهڙو قدم نه کڻڻ جي تجويز ڏني وئي.
بادشاهه هار مڃي ورتي:
آخرڪار بادشاهه گوڏا کوڙي ورتا، اناج جي سپلاءِ جي ڪاغذن تي صحيحون ٿيون ۽ وڏن وڏن ڇڪڙن ۾ هزارين ٻوريون سٿيون ويون، بادشاهه جي بگي به انهن سان گڏوگڏ هلي رهي هئي، عورتن جا جٿا پويان پويان هلي رهيا هئا، انهي نعرا هڻي رهيون هيون.
ورسيلز مارچ ۽ انقلاب
ماهرن جو چوڻ آهي ته ان مارچ جو فرانسيسي انقلاب ۾ تمام اهم ڪردار رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان مارچ مان عوام کي پنهنجي طاقت جو اندازو ٿي ويو هو ٻئي پاسي بادشاهه لوئي جي بدقسمتي چئجي يا ڪوتاهه نظري جو عوام جي ڪاوڙ ۽ غصي کي ايترو ويجهي کان ڏسڻ باوجود هو حالتن جو اندازو لڳائي نه سگهيو، ان مارچ جي فقط 3 سالن کان پوءِ اهو وقت آيو جڏهن مظاهرين کيس گهيليندي مقتل گاهه تائين وٺي ويا.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *