تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

اهو شخص جنهن ٻئي عالمي جنگ دوران سوين ٻارڙن جون زندگيون بچايون

نڪولاس جارج ونٽن 1909ع ۾ لنڊن ۾ پيدا ٿيو، هن جا والدين جرمن يهودي هئا، جيڪي لڏپلاڻ ڪري لنڊن ۾ اچي آباد ٿيا هئا. برطانوي سماج ۾ آسانيءَ سان گڏجي وڃڻ لاءِ هنن پنهنجو آخري نالو ورٿيم مان تبديل ڪري ونٽن رکيو ۽ عيسائيت مذهب اختيار ڪيو.
نڪولاس ونٽن تعليم ختم ڪرڻ کانپوءِ مختلف بئنڪن ۾ ڪم ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن جو والد به بئنڪ مئنيجر هو. ان دوران نازي پارٽي جرمنيءَ ۾ مقبوليت ماڻي رهي هئي، کيس ان ڳالهه جو وڏو اونو هو.
1939ع ۾ هو موڪلون ملهائڻ لاءِ سوئيٽرزلينڊ وڃڻو هو پر سندس هڪ دوست مارٽن بليڪ کيس قائل ڪيو ته هو پراگ اچي ساڻس ملي، ڇاڪاڻ ته کيس هٽلر جي فوجين کان تنگ ٿي پناهه لاءِ سرگردان ماڻهن جي مدد ڪرڻي هئي.
ونٽن ترت راضي ٿي ويو ۽ اتي هن ماڻهن جي جيڪا حالت ڏٺي، ان کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو. ڪيترائي ماڻهو جرمنيءَ جي قبضي هيٺ آيل علائقن کي ڇڏي دربدري واري زندگيءَ گذاري رهيا هئا. ونٽن پوءِ هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته “ڪم ڳرو هو، پر آئون ڪجهه ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿي سگهيس”.
ڪنڊرٽرانسپورٽ نالي، تحريڪ پراگ نه پر ڪنهن ٻئي هنڌ شروع ٿي وئي هئي، جنهن جو مقصد پناهه گير ٻارڙن کي اولهه جي ملڪن ۾ آڻڻ هو.
ونٽن پنهنجي امدادي سرگرمين لاءِ هوٽل م هڪ آفيس قائم ڪئي، ان وقت برطانيه 17 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي پناهه ڏيڻ تي راضي ٿيو هو، ان لاءِ شرط اهو هو ته انهن وٽ رهڻ لاءِ جاءِ هجي، يعني انهن کي ڪير رهائي ۽ 50 پائونڊ جي گارنٽي ادا ڪري.
ڊچ سرڪار يهودي پناهگيرن لاءِ پنهنجون سرحدون بند ڪري ڇڏيون هيون، ان ۾ برطانيا لاءِ ڏکيايون پيدا ٿيون، ڇاڪاڻ ته برطانيا ڏانهن رستو نيڌرلينڊ مان گذري پوءِ ٿئي ويو. ونٽن هر ٻار جو ذمو کنيو ۽ کين نيڌر لينڊ مان پار ڪرايو.
1939ع جي مارچ ۽ آگسٽ تائين ونٽن وڏي جفاڪشيءَ سان ٻارن کي برطانيا پهچائيندو رهيو، ساڳئي وقت هو ڏينهن جو ايجنٽ/دلال طور نوڪري به ڪندو رهيو. هن برطانوي اخبارن ۾ ٻارن جي منتقلي لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ اشتهار ڏنا ۽ انهن کي آڻڻ جو بندوبست به ڪيائين.
1939ع ۾ جڏهن جنگ ڇڙي ته ان وقت هو 669 ٻارن کي بچائي چڪو هو، انهن مان ڪيترن ئي ٻارن جا والدين پولينڊ جي نازي ڪئمپ ۾ مري ويا هئا. ونٽن جي ماءُ انهن ٻارن کي گهر ڳولي ڏيڻ واري ڪم ۾ لڳي وئي.
بدقسمتي سان اڍائي سئو ٻارن جو آخري جٿو، جيڪو پهرين سيپٽمبر 1939 تي پراگ مان روانو ٿيڻو هو، اهو جنگ لڳي وڃڻ جي ڪري نڪري نه سگهيو. انهن اڍائي سئو ٻارن مان فقط 2 ٻار بچي سگهيا.
جنگ دوران ونٽن رائل ايئرفورس ۾ آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون، ان کانپوءِ هو پناهه گيرن لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ عالمي تنظيم سان سلهاڙجي ويو، پوءِ انٽرنيشنل بئنڪ ۾ به ڪم ڪيائين. ان دوران هن شادي به ڪئي ۽ کيس 3 ٻار به ٿيا.
جنگ سٽيل ٻارن جي تحفظ لاءِ هن جون خدمتون وقت سان گڏ ماضيءَ جو حصو بڻجي سڀني کان وسري ويون. 1988ع ۾ سندس گهرواريءَ کي هڪ نوٽ بڪ هٿ آيو، جنهن ۾ انهن ٻارن جا نالا ۽ تفصيل درج هئا. هن اهو نوٽ بڪ هولوڪاسٽ تي تحقيق ڪندڙ ايلسبٿ ميڪسويل کي ڏنو.
ان ئي سال ونٽن کي بي بي سيءَ جي مشهور پروگرام “اها ئي زندگي آهي” ۾ گهرايو ويو، تي هن کي ڳالهائڻ جو به موقعو مليو ته سندس نوٽ بڪ به ماڻهن کي ڏيکاريو ويو.
ان دوران ٽي ويءَ جي هوسٽ سوال ڪيو ته ڇا هتي ڪو اهڙو ماڻهو آهي، جنهن جي زندگي نڪولاس ونٽن جي ڪري بچي هجي؟ ان دوران ونٽن سان گڏ ۽ ڀرپاسي ۾ ويٺل لڳ ڀڳ 2 درجن ماڻهو اٿي بيٺا، انهن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا.
انهن مان هڪ ويرا گسنگ نالي همراهه چيو ته “جيڪڏهن نڪولاس ونٽن ان ڏينهن پراگ نه وڃي ها ته اسين جيئرا نه هجون هئا، هن وقت اسين هزارين ماڻهو اهڙا آهيون، جيڪي فقط هن جي ڪري ئي جيئرا آهيون”.
2003ع ۾ برطانيه جي راڻي کيس انسانيت لاءِ خدمت، يهودي ٻارن کي نازين جي ظلمن کان بچائڻ وارين ڪوششن تي سر نڪولاس جو خطاب ڏنو. 2014ع ۾ کيس چيڪ ريپبلڪ طرفان سڀ کان وڏو اعزاز “دي آرڊر آف دي وائيٽ لائن” ڏنو ويو.
هو 2015ع ۾ 106 سالن جي ڄمار ۾ گذري ويو. سندس يادگار مجسمو پراگ جي سڀ کان وڏي ريلوي اسٽين تي لڳايو ويو آهي، جڏهن ته برطانيا جي لورپول اسٽريٽ اسٽيشن ۽ ميڊن هيڊ اسٽيشنن تي سندس 4 يادگار لڳل آهن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.