تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

اهم شخصيتن جا ٽوئيٽر اڪائونٽس هيڪ

دنيا جي امير ترين شخص ۽ مائڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس، اڳوڻي آمريڪ صدر باراڪ اوباما، آمريڪي صدارتي اميدوار جوبائيڊن، اميزون جي باني ۽ امير شخص جيف بزوس، ايلن مسڪ سميت اهم شخصيتن جا ٽوئيٽر اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، آمريڪا جي اهم ترين ڪاورباري ۽ سياسي شخصيتن جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان اهڙا ٽوئيٽ ڪيا ويا جن ۾ ان ڳالهه جو واعدو ڪيو ويو ته جيڪو به شخص 30 منٽن دوران ڪرپٽو ڪرنسي بٽ ڪوائن ذريعي رقم موڪليندو ته ان کي رقم ٻيڻي ٿي ملندي. جن جا اڪائونٽ هيڪ ڪيا ويا.ان کانسواءِ اوبر ۽ ايپل ٽوئيٽر اڪائونٽس تان به ان قسم جا ٽوئيٽ ڪيا ويا، ٽوئيٽر انتظاميا جو چوڻ آهي ته ان معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي پر ان هيڪنگ ڪمپني جي شيئرز کي 2.3 سيڪڙو ڪيرائي ڇڏيو آهي. 15 جولاءِ تي دنيا جي اهم شخصيتن جا اڪائونٽس هيڪ ڪرڻ جو واقعو ٿيو، بعد ۾ رقم گهرڻ وارا ٽوئيٽ ڊليٽ ڪيا ويا، جمني ڪرپٽو ڪرنسي ايڪسچينج جي باني ڪيمرون ونيڪليوس ان باري ۾ چيو ته اهو هڪ قسم جو فراڊ آهي ان ۾ حصو نه ورتو وڃي، ڪرپٽو اڪائونٽ تي ڪنٽرول لاءِ اهو سڀ کان وڏو حملو ڪيو ويو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *