تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

اها موٽروي (ن) ليگ ٺاهي هئي، جتي سانحو ٿيو !

شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ موٽروي سانحي بابت تقرير ڪندي موٽروي جي تعمير جو ڪريڊٽ کڻڻ نه وساريو، موٽروي سانحي جي انڪوائري جو مطالبو ڪندي چيو ته سيالڪوٽ موٽروي جنهن تي اهو دردناڪ واقعو پيش آيو، اهو موٽروي نواز شريف جي سربراهي ۾ مسلم ليگ (ن) تعمير ڪئي، ان دوران اپوزيشن ميمبرن ڊيسڪون وڄائي کيس داد ڏنو جڏهن ته سوشل ميڊيا تي شهباز شريف کي اهڙي بيان تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، ٽوئيٽر تي هڪ صارف لکيو ته اهو چوڻ غير مناسب نه هوندو ته جنهن سيالڪوٽ موٽروي تي اهو دردناڪ واقعو ٿيو اهو الحمدالله ميان نواز شريف جي سربراهي ۾ مسلم ليگ نون ٺاهي آهي، هڪ ٻئي صارف لکيو ته شهباز شريف پبلسٽي جو بادشاهه آهي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جو ڪو به موقعو ضايع نه ڪندو آهي، چاهي ڪيترو به حساس معاملو ڇو نه هجي. هڪ صارف اهو لکيو ته ضروري اعلان، ان واقعي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو پر ياد رکجو وسارجو نه، اها موٽروي نون ليگ ٺاهي هئي، شڪريه…جڏهن ته وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گل ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته هاڻي ڏسون ٿا ته ڪير شهباز شريف کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ٿو، سي سي پي او جي بيان کي غلط بيان تي خراب سمجهڻ درست آهي پر اپوزيشن ليڊر جي ان قدر اخلاق کان ڪريل ڳالهه تي ان کان استعيفيٰ وٺڻ گهرجي ۽ 30 ڏينهن ان ئي موٽروي تي کيس گشت ڪرائڻ گهرجي، ٻٽو معيار نه هلندو. ان کان اڳ سي سي پي او لاهور ۽ ڪجهه وفاقي وزيرن کي به موٽروي زيادتي ڪيس ۾ غيرذميواراڻا بيان ڏيڻ تي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو .

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *