تازا ترين
  • *ٺٽو: مڪلي باءِ پاس تي خوفناڪ حادثو، نينگر سميت ڪراچي واسي 3 ڄڻا فوت، 4 زخمي*
  • *سکر پوليس پاران همايون مان اغوا ڪيل نينگر شيراز چنا کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، جوابدار مشتاق شاهه گرفتار*
  • *عمرڪوٽ ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگرياڻين کي هراسان ڪرڻ ۽ سندن وڊيو ٺاهڻ جي الزام هيٺ هڪ جوابدار گرفتار، ڪيس داخل * عمرڪوٽ: شهرين جي شڪايت تي جوابدار احد پٺاڻ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي: پوليس * عمرڪوٽ: شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تنگ ڪيو ويندو آهي، ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو *
  • *مورو ڀرسان گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب 13 سالن جي نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري مارجي وئي، وارثن آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * مورو: نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري کي قتل ڪيو ويو آهي: چئوٻول *
  • *گمبٽ ۽ ٽنڊو مستي ويجهو روڊ حادثا: نينگري بيبي خيريت بلوچ ۽ زوهيب پٽ خان محمد سومرو فوت، 4 ڄڻا احسان علي بلوچ، بيبي مناحل، بيبي هادي ۽ ثمينه زخمي*
  • *لنڊن: ڪمپيوٽر ۾ ڪٽ، پيسٽ، فائينڊ ۽ ري پليس ايجاد ڪندڙ سائنسدان لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *گهوسٽ اسڪولن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي اُتان جي چونڊيل نمائندن کي ڳوليو: فاطمه ڀٽو 12 سالن کان بند پيل سر شاهنواز اسڪول جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي * سجاول جي سرڪاري بوائز اسڪول تي منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي، جيڪو 12 سالن کان بند آهي، اها آهي عملي ڪرپشن: فاطمه ڀٽو * جنهن علائقي ۾ اسڪول بند آهي، اُتان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڳوليو، اڃا ڪيترا نسلن ائين يرغمال بڻيل رهندا: سوشل ميڊيا تي اپيل *
  • *باڊهه ۾ پ پ ايم پي اي جي سرپئنچيءَ ۾ جرڳو: پسند جي پرڻي تان ٻٽي قتل جو هڪ جوابدار تي 20 لک ڏنڊ: متاثرن جو 4 جوابدارن سان ٺاهه کان انڪار * باڊهه: مقتول نوجوان فياض ۽ غازي ٻرڙو جي وارثن طرفان عدالت ۾ ڪيس تان هٿ کڻڻ بعد ڏنڊ جا 15 لک رُپيا ڏنا ويندا: جرڳي ۾ فتويٰ * باڊهه: فتويٰ موجب جوابدار سليم ڏيرو ڏنڊ جي رقم ڀريندو، ناري مريم ڏيرو ۽ فياض ٻرڙو طرفان پسند جي شاديءَ بعد ڌُرين ۾ تڪرار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: آءِ جي موٽرويز اي ڊي خواجه نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جو سيڪريٽري مقرر*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: پٽ جي شادي تي ايڏو خرچ؟ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس * ڪراچي/حيدرآباد: ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل دعوت کائڻ بعد ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي وارننگ *
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

انگلينڊ ۾ طلاق وارو ڏينهن ڪڏهن ملهايو ويندو آهي؟.

نئين سال جي آمد رڳو ڪرسمس جون خوشيون ئي ختم ناهي ڪندي پر اها طلاق جي ڏينهن جي آمد جو به اعلان ڪندي آهي. گذريل ڪجهه سالن ۾ وڪيلن جي وچ ۾ يوم طلاق (طلاق جي ڏينهن) مشهوري ماڻي ورتي آهي. اطلاعن موجب ان ڏينهن قانوني فرمز طرفان جوڙن ۾ عليحدگي ۽ طلاق جي انگ ۾ واڌ ڏٺي وئي آهي. هي ڏينهن جنوري جي پهرئين سومر تي ملهايو ويندو آهي جيڪو هلندڙ سال 6 جنوري تي ملهايو ويو، هن ڏينهن تي ڌار ٿيندڙ جوڙا نئين سال جي نئين شروعات ڪرڻ چاهيندا آهن. جنوري 2019ع ۾ ازدواجي لاڳاپن بابت ڪم ڪندڙ تنظيم ريليٽ جي رپورٽ موجب طلاق جي ڏينهن دوران ان هن جي ويب سائيٽ تي ايندڙ ماڻهن جي انگ ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي. سال جي پهرئين 3 ڪم وارن ڏينهن دوران ريليٽ جي ويب سائيٽ گذريل سال دوران 84 سيڪڙو کان وڌيڪ صارفين وزٽ ڪئي. ريليٽ طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته “جنوري جي پهرئين سومر تي وڪيلن ۽ قانوني فرمز کي جوڙن طرفان طلاق لاءِ ملندڙ نين انڪوائرين ۾ اڻ ڳڻي واڌ ٿي وئي آهي.”
جنوري 2017ع جي دوران ريليٽ کي ان جي هيلپ لائين تي ملندڙ فون ڪالز ۾ گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ 24 سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، ان کان سواءِ ڊائيورس سپورٽ سروس جيڪا 2018ع کان فعال آهي، ان مان حاصل ٿيندڙ ڊيٽا موجب لڳ ڀڳ 40 هزار پنج سئو ماڻهن جي باري ۾ اها اڳڪٿي ڪئي وئي هئي ته هو جنوريءَ ۾ آن لائين سرچ ۾ “طلاق” جو لفظ ڳوليندا. امانڊا ميڪ السٽر جيڪا مانچسٽر جي رهواسي ۽ ميڪ السٽر فيملي لا نالي قانوني فرم جي شريڪ مئنيجر پڻ آهي، ان جو چوڻ آهي ته شايد انگلينڊ جي ماڻهن کي لڳي ٿو ته طلاق وارو ڏينهن وڪيلن طرفان مفت جي مشهوري ماڻڻ جي لاءِ اٿاريل هڪ معاملو آهي پر هيءُ هڪ حقيقي معاملو آهي. امانڊه جو چوڻ آهي ته “اهي رشتا جيڪي اڳ ئي ڇڪتاڻ جو شڪار هوندا آهن، سي آخرڪار ٽٽي ويندا آهن، جڏهن هي ماڻهو هڪٻئي سان گھڻو وقت گذاريندا آهن. پر گھڻو ڪري جوڙا تهوار جي ڏينهن جي گذرڻ جو انتظار ڪندا آهن جيئن هو پنهنجي ٻارن، مٽن مائٽن يا پنهنجي جلد ئي “اڳوڻي” ٿي ويندڙ ساٿي لاءِ انهن موڪلن کي خراب نه ڪري ڇڏين.”
نومبر ۾ رپورٽ ڪيو ويو هو ته انگلينڊ ۽ ويلز ۾ رهندڙ جوڙن وچ ۾ طلاق جي شرح اڌ صديءَ دوران سڀ کان هيٺين ترين سطح تي آهي. انگلينڊ جي قومي شماريات جي اداري او اين ايس جي آفيس مان حاصل ڪيل انگن اکرن موجب 2017ع ۽ 2018ع دوران جوڙن ۾ طلاق جا هڪ لک هڪ هزار ڇهه سئو 69 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا. پر 2018ع ۽ 2019ع دوران جوڙن جي وچ ۾ طلاق جا 90 هزار 8 سئو 71 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا جيڪي 1971ع کان هن وقت تائين جي سڀ کان گھٽ ترين شرح هئي. او اين ايس موجب ڏهن مان چار شاديون طلاق تي ختم ٿينديون آهن جن مان اڌ ۾ شاديءَ جي پهرين ڏهن سالن ۾ ئي عليحدگي ٿي ويندي آهي.
سبرينا هاروي/ ارشد سولنگي

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *