تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

انگلستان ۾ اعليٰ تعليم جا موقعا……ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو

انگلستان جنهن جنهن کي يونائيٽيڊ ڪنگڊم به چيو ويندو آهي، ان سڄي دنيا تي حڪمراني ڪئي، اڄ به سندن راڻي ڪئنيڊا کان نيوزيلينڊ تائين حڪمراني ڪري ٿي. هي ڪنگڊم 4 ملڪن تي مشتمل آهي، جن ۾ انگلينڊ، اسڪاٽ لينڊ، اتر آئرلينڊ ۽ ويلز اچي وڃن ٿا. مجموعي طور سموري دنيا جي اعليٰ تعليمي ادارن جي ڀيٽ ۾ هتان جون يونيورسٽيون وڌيڪ مقبول آهن، جديد دور جا سياستدان هجن يا سائنسدان، اهي انگلينڊ جي يونيورسٽين جي پيداوار آهن. انگلينڊ جي آڪسفورڊ يونيورسٽي جتي مختلف ملڪن تي حڪمراني ڪندڙ 100 جي لڳ ڀڳ حڪمران ڏنا آهن، اتي ڪيئي سائنسدان، جن ۾ آئزڪ نيوٽن، چارلس ڊارون، مائيڪل فراڊي، اسٽيفن هاڪنگ وغيره به اتان تيار ٿي نڪتا. انگلينڊ مجموعي طور دنيا ۾ نه صرف پنهنجي بادشاهت پر صاف سٿري ۽ سمجهدار قوم طور مشهور آهي، هن ملڪ جي شهر لنڊن کي دنيا جي سمورن شهرن کان وڌيڪ ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، جتي پوري دنيا جا ماڻهو رهن ٿا ۽ اڄ به انهن لاءِ انگلينڊ ڪشش جو سبب بڻيل آهي، اهو ئي سبب آهي جو انگلينڊ يورپين يونين کان نڪري ٿو ته يورپين يونين جي سڪي جي قيمت گھٽجي وڃي ٿي. توهان ننڍي کنڊ جي ڪنهن به شاگرد کان پڇو ته کيس دنيا ۾ ڪٿي پڙهڻ جي خواهش آهي، ته 5 مان 4 ضرور انگلينڊ چوندا ۽ ٿي سگھي ٿو باقين جي خواهش آمريڪا يا آسٽريليا هجي. انهن 3 ملڪن کانپوءِ اسان جا ماڻهو اميگريشن ۽ ورڪ پرمٽ جي اجازت هجڻ ڪري ڪئنيڊا ڏانهن وڌيڪ متوجهه ٿيا آهن، ان کانپوءِ نيوزيلينڊ ۾ به دلچسپي وڌي آهي.
انگلينڊ جون يونيورسٽيون:

دنيا جون ٽاپ 2 يونيورسٽيون آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج آهن، ٽاپ ٽين ۾ ستين نمبر تي لنڊن اسڪول آف اڪانامڪس ۽ نائين نمبر تي امپيريل ڪاليج لنڊن آهن. آڪسفورڊ انگلينڊ جي سڀ کان پراڻي يونيورسٽي آهي، جيڪا دنيا ۾ سڀ کان مقبول ۽ مختلف ملڪن جا حڪمران ڪندڙ يونيورسٽي طور به مشهور آهي. وڏي ڳالهه ته سڀ کان وڌيڪ نوبل پرائيز به آڪسفورڊ جي پروفيسرس کٽيا آهن. انهن 4 يونيورسٽين کانسواءِ انگلينڊ جون وڌيڪ71 يونيورسٽيون دنيا جي ٽاپ رينڪنگ ۾ مختلف پوزيشنن تي اچن ٿيون. مجموعي طور انگلينڊ ۾ ٽوٽل 109 يونيورسٽيون آهن، جن مان سڀ کان وڌيڪ يعني47 صرف لنڊن شهر ۾ آهن، جيڪو دنيا جي مقبول شهرن جي لسٽ ۾ سڀ کان پهرين نمبر تي آهي.
اسڪاٽ لينڊ، ويلز ۽ اتر آئرلينڊ ۾ يونيورسٽيون:

اسڪاٽ لينڊ ۾ 1600ع صدي کان موجود 4 پراڻيون ۽ ڪيتريون ئي نيون يونيورسٽيون موجود آهن. 4 پراڻين يونيورسٽين ۾ ايڊن برگ، گلاسڪو، سيٽ ايڊريو ۽ ايبڊرين يونيورسٽيون شامل آهن، جڏهن ته نين يونيورسٽين ۾ Stirling، Strathclyde،Heriot-Watt University ۽ گلاسڪو اسڪول آف آرٽس موجود آهن، جڏهن ته ويلز ۾ Cardiff University ۽Swansea University شامل آهن. اهم ڳالهه ته ويلز جي ڪافي يونيورسٽين ۾ 2 ٻولين يعني انگريزي سان گڏ ويلش ۾ به پڙهايو وڃي ٿي. اتر آئرلينڊ ۾ Ulster University ۽ Queen’s University Belfast مقبول يونيورسٽيون آهن.
داخلا لاءِ طريقيڪار:

انگلستان جي سمورين يونيورسٽين ۾ انڊر گريجوئيٽ پروگرام لاءِ ويب سائيٽUniversity and College Admissions Service (UCAS) ذريعي ئي اپلاءِ ڪري سگھجي ٿو، جڏهن ته پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام لاءِ UKPASS لنڪ ذريعي داخلا وٺي سگھجي ٿي، پر مختلف يونيوسٽين جا ڪجهه پروگرام ان ۾ شامل نه آهن، ان ڪري پوسٽ گريجوئيشن يعني ماسٽرس ۽ پي ايچ ڊي لاءِ سڌي ريت ڪنهن يونيورسٽي جي پروگرام ۾ داخلا لاءِ به اپلاءِ ڪري سگھجي ٿو. ڪنهن به شاگرد کي انگلينڊ ۾ داخلا وٺڻ ۾ دلچسپي آهي، ته ان کي مٿين ويب سائيٽس تي رجسٽر ٿيڻ کپي، اتي سندس رهنمائي به ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ ڪاغذات جمع ڪرائڻ کان ويندي داخلا پلان، اپلاءِ ڪرڻ جي طريقيڪار ۽ داخلا پراگريس ٽريڪنگ سميت هر مسئلي بابت گائيڊ ڪيو وڃي ٿو.
داخلا لاءِ گھرجون:

داخلا لاءِ گھربل ڪواليفڪيشنس جا سرٽيفڪيٽ، اسٽڊي پلان، پرسنل اسٽيٽمينٽ، 2 ريفرنس ليٽر ۽ پاسپورٽ هجڻ گھرجن. ان کانسواءِ انگلشIELTS يا TOEFL جو گهربل اسڪور هجي. جڏهن ته پوسٽ گريجوئيٽ ريسرچ يعني ماسٽرس ان ريسرچ يا پي ايچ ڊي پروگرام ۾ داخلا لاءِ ريسرچ پروپوزل جي ڪنڊيشن گهربل هوندي آهي. لاڳاپيل شعبي جو پروفيسر يا نمائندو آن لائين انٽرويو به وٺي سگھي ٿو.
ويزا ڪيئن حاصل ڪجي؟

انگلستان جي ويزا عام طور تي شاگرد جي واسطيدار ملڪ جي حساب سان ملي ٿي، جو انگلينڊ جي پاليسي مختلف ملڪن لاءِ الڳ الڳ آهي. بهرحال، اهي شاگرد جيڪي يورپين يونين يا آمريڪا ۽ آسٽريليا کان نه آهن، تن لاءِ جنرل ويزا جي ڪيٽيگري Tier 4 (general) student visa رکيل آهي. ويزا لاءِ درخواست انگلينڊ جي يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ پهچڻ جي تاريخ کان گھٽ ۾ گھٽ 3 مهينا پهرين ڏيڻ گھرجي. ان لاءِ انگلينڊ جي ڪنهن به اداري طرفان بغير ڪنهن واڌو شرط جي آفر ليٽر هجڻ ضروري آهي، جڏهن ته ان سان گڏ پاسپورٽ، تصويرون، انگريزي اچڻ جو سرٽيفڪيٽ، ميڊيڪل ۽ پوليس ڪليئرنس وغيره به قونصليٽ جي پاليسي مطابق گھري سگھجن ٿا. ان کانسواءِThe UK Border Agency (UKBA) طرفان انگلينڊ ۾ رهڻ لاءِ 1250 ڊالرن تائين ماهوار خرچ جي ذريعي جو ثبوت ڏيڻ به ضروري آهي، جڏهن ته لنڊن شهر لاءِ 1500 ڊالرن جو شرط رکيل آهي، جنهن لاءِ فنڊنگ ليٽر يا وري ڪا اسڪالرشپ يا پنهنجي والدين جي بئنڪ اڪائونٽ اسٽيٽمينٽ ڏيکارڻي پوي ٿي. جڏهن ته ويزا تي خرچ 400 ڊالر تائين اچي ٿو. جنهن ۾ ٿوري عرصي لاءِ يعني 6 مهينن لاءِ گھٽ فيس 110 ڊالر آهي، جڏهن ته 11 مهينن لاءِ وري 180 ڊالر. ان کانسواءِ ويزا سان گڏ هيلٿ انشورنش ڪرائڻ جو شرط به لڳي سگھي ٿو، جنهن جي فيس ڌار 180 ڊالر آهي.
ٽيوشن فيس:

انگلينڊ ۾ اعليٰ تعليم ڪافي مهانگي آهي، انڊر گريجوئيٽ جي ڊگري لاءِ فيس ساليانو 10هزار پائونڊ کان 35 هزار پائونڊ ٿي سگھي ٿي. اها فيس مختلف يونيورسٽين ۽ ڊگري پروگرامن جي حوالي سان مختلف آهي، سڀ کان مهانگي ميڊيسن جي تعليم آهي، پوءِ انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي، پوءِ سوشل سائنسز ۽ هيومنٽيز وغيره جا سبجيڪٽ آهن. اهڙي ريت، پوسٽ گريجوئيشن پروگرامن ۾ فيس 9 هزار پائونڊ کان 30 هزار پائونڊ تائين ٿئي. البته سالياني ايوريج فيس 15 هزار ڊالر آهي، جيڪا مختلف پروگرامن جي حساب سان ڪجهه گھٽ يا وڌيڪ به ٿي سگھي ٿي.
رهائش ۽ خرچ:

رهائش لاءِ عام طور تي شاگردن لاءِ يونيورسٽي يا ڪاليج طرفان اسٽوڊنٽ فليٽ، يا اسٽوڊنٽ هال آف ريزيڊنس يا وري اسٽوڊنٽ هائوس هوندا آهن، پر ڪجهه شاگرد يونيورسٽين کان ٻاهر گڏجي يا اڪيلي طور به رهي سگھن ٿا. عام طور اسٽوڊنٽ هال کي وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته اتي رهائش ڪجهه گھٽ خرچ ۾ ٿي وڃي ٿي. جيئن ته لنڊن سڀ کان مهانگو شهر آهي، اتي رهائش به مهانگي آهي. هن شهر ۾ ايوريج ساليانو خرچ 15هزار پائونڊ تائين ٿي سگھي ٿو. جڏهن ته باقي شهرن ۾ 12 هزار پائونڊ يا اڃان به گھٽ ٿي سگھي ٿو. جيڪڏهن ڪير انگلينڊ وڃڻ چاهي ٿو، ته کيس خرچ پکي ۽ رهائش لاءِ سال جا 9 هزار پائونڊ ڏيکارڻا پوندا، پر جي لنڊن ۾ رهائش ڪرڻي هوندي ته 11385پائونڊ ڏيکارڻا پوندا، جيڪي بينڪ اسٽيٽمنيٽ وغيره ڏيکاري ظاهر ڪرڻا پوندا آهن، يا وري ليٽر آف اسڪالرشپ ۽ فنڊنگ وغيره هجڻ گھرجي.
اسڪالرشپ جا موقعا:

https://study-uk.britishcouncil.org/

انگلينڊ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي قسمن جون اسڪالرشپس مهيا ڪيون وڃن ٿيون، جن ۾ انگلينڊ جي حڪومت توڙي آزاد تحقيقي ادارن، مختلف تنظيمن، فردن سميت بين الاقوامي ايجنسين ۽ ٻين ملڪن جي حڪومتن طرفان به انگلينڊ ۾ پڙهڻ لاءِ مدد ڏني وڃي ٿي، جن ۾ چٽاڀيٽي ۽ صحيح معلومات رکڻ سان فنڊنگ حاصل ڪرڻ جو موقعو وڌي وڃي ٿو.
Commonwealth Scholarships and fellowships

ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ ميمبر ملڪن جي شاگردن کي ڏنيون وڃن ٿيون. پاڪستان ۾ به ساليانو ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ تحت هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان درخواستون گھرايون وڃن ٿيون، جنهن تحت GRE جو ڌار امتحان ورتو وڃي ٿو، جنهن ۾ ٽاپ ايندڙ شاگردن کان درخواستون گھرايون وڃن ٿيون. ان کانسواءِ انگلش IELTS جو اسڪور، مختلف پاس ڪيل پروگرامن ۾ سٺي پرسنٽيج سان گڏ آخر ۾ هيڪ طرفان انٽرويو وغيره به ٿي سگھي ٿو. هي انگلينڊ لاءِ سڀ کان بهتر اسڪالرشپ آهي، جنهن جي فنڊنگ به ڪافي آهي ۽ شاگرد آرام سان لائيف گذاري سگھي ٿو، پر هن قسم جي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ مستقل مزاجي سان جي آر اي جي تياري ۽ آءِ ليٽس پاس ٿيل هجڻ گھرجن.
Chevening Scholarships

هي اسڪالرشپ دنيا جي بهترين شاگردن، جن ۾ رهنمائي ڪرڻ جا گڻ هجن، انهن لاءِ آفر ڪئي وڃي ٿي. اسڪالرشپس حاصل ڪرڻ لاءِ معلومات هن ويب سائيٽ تي رکيل آهي، جتي 3 هزار جي لڳ ڀڳ مختلف قسم جي اسڪالرشپس بابت معلومات ملي ٿي.
https://study-uk.britishcouncil.org/

هيلٿ ڪيئر:

ويزا سان گڏ شاگرد کان نيشنل هيلٿ سروس (NHS) جي فيس به ورتي ويندي آهي، جنهن سان انهن جي هيلٿ انشورنس ٿي وڃي ٿي. جنهن سان شاگرد کي ڊاڪٽرن سان مفت مشاورت جو موقعو ۽ دوا ملي وڃي ٿي. پر دوا مهيا ڪرڻ لاءِ هيلٿ ڊاڪٽر جي پرچي اهم هوندي آهي.
تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ ڪم ڪرڻ جا موقعا:

تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ انگلينڊ ۾ رهي ڪم ڪرڻ جا موقعا به ڏنا وڃن ٿا، جن ۾ ويزا جي حساب سان موقعا آهن، جيئن TheTier 1 Graduate (Enterprenuer Visa Scheme) آهي، جنهن تحت انگلينڊ ۾ تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪندڙ شاگردن کي ويزا هڻي ڏني وڃي ٿي. A Tier 2 (General) visa هن ويزا تحت ايندڙ شاگردن کي سندن تعليم پوري ٿيڻ کانپوءِ جيڪڏهن انگلينڊ جي ڪنهن به اداري ۾ نوڪري تي رکيو وڃي ٿو ته ورڪنگ ويزا ڏني وڃي ٿي. ان لاءِ پگهار جي سالياني حد 25 هزار پائونڊ ۽ اداري جو ڪنفرميشن ليٽر لازمي آهي. وڌيڪ معلومات لاءِ هن اداري جي ويب سائيٽ تي تفصيل ڏسي سگھجي ٿو. UK Council for InternationalStudent Affairs (UKCISA). ان کان سواءِ انٽرنيشنل اسٽوڊنٽس فورمن تي به ڪافي معلومات ملي سگھي ٿي. اهم ڳالهه ته انگلينڊ جي حڪومت ڪجهه سالن لاءِ تعليم پوري ڪري ويندڙ پرڏيهي شاگردن لاءِ پوسٽ اسٽڊي ورڪ ويزا ختم ڪري ڇڏي هئي، جنهن ڪري انگلينڊ ڏانهن اعليٰ تعليم لاءِ ايندڙ شاگردن جي تعداد ۾ گھٽتائي آئي، پر تازو سيپٽمبر 2019 ۾ اها پابندي هٽائي اٿن.
انگلينڊ ۾ شاگردن لاءِ اهم شهر:

انگلينڊ ۾ بين الاقوامي شاگردن لاءِ سڀ کان مقبول شهر لنڊن آهي، ان کانپوءِ مانچسٽر، برمنگهم، ايڊنبرگ، گلاسڪو، ڪوينٽري، آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج آهن. لنڊن جيئن ته مهانگو شهر آهي، پر انگلينڊ جو سماجي، سياسي ۽ اقتصادي سينٽر به آهي، تنهن ڪري وڏي خرچ باوجود اطمينان رهي ٿو ته هن عظيم شهر ۾ رهڻ جو سودو ڪنهن به صورت ۾ مهانگو نه آهي. لنڊن جي آبادي 90 لک آهي، جنهن ڪري ڳتيل آبادي وارو مصروف شهر به آهي. زندگي جي هر سهولت سان ڀرپور هن شهر ۾ هر قسم جا موقعا ميسر آهن. هن شهر ۾ 46 جي لڳ ڀڳ يونيورسٽيون آهن، جيڪي دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ شامل ٿين ٿيون، جن ۾ يونيورسٽي ڪاليج، امپيريل ڪاليج، ڪنگس ڪاليج ۽ لنڊن اسڪول آف اڪانامڪس ۽ پوليٽيڪل سائنس به شامل آهن. مانچسٽر شهر ۾ به مشهور يونيورسٽين جهڙوڪ يونيورسٽي آف مانچسٽر، مانچسٽر ميٽروپوليٽن يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف سيلفورڊ شامل آهن. برمنگهم انگلينڊ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، جتي يونيورسٽي آف برمنهگم، آسٽن ۽ اوپن يونيورسٽين سميت ڪجهه ٻيون يونيورسٽيون به شامل آهن. ايڊنبرگ اسڪاٽ لينڊ ريجن جو گادي جو هنڌ آهي ۽ لنڊن کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ سياحتي شهر به سڏجي ٿو، ان ۾ يونيورسٽي آف ايڊنبرگ، هيرٽ واٽ يونيورسٽي ۽ ايڊنبرگ نيپئر يونيورسٽي شامل آهن. اسڪاٽ لينڊ جو وڏي ۾ وڏو شهر گلاسڪو آهي، جتي لنڊن کانپوءِ بين الاقوامي شاگردن جو تعداد باقي تعليمي ادارن کان گھڻو آهي، هي شهر خرچ جي حوالي سان باقي انگلينڊ جي ٻين وڏن شهرن کان ڪجهه سستو به آهي، شايد ان ڪري هتي بين الاقوامي شاگردن جو تعداد گھڻو اچي ٿو. هن شهر جون 2 يونيورسٽيون ڪافي مشهور آهن، جن ۾ يونيورسٽي آف گلاسڪو ۽ يونيورسٽي آف Strathclyde شامل آهن. ان کانسواءِ ڪنويٽري شهر ۾ ڪنويٽري يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف واروڪ شامل آهن. انگلينڊ جا 3 تعليمي شهر آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج ٻئي تاريخي ۽ ثقافتي شهر آهن، جتي سڀ کان مشهور ۽ پراڻا تعليمي ادارا موجود آهن، هي ٻئي شهر خاموش، پرسڪون ۽ تعليمي شهر سڏجن ٿا. جتي دنيا جي 2 سڀ کان بهترين يونيورسٽين آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج سميت ٻيا ڪيترائي بهترين تعليمي ادارا موجود آهن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *