تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

انگريز سامراج کي ڌوڏيندڙ اُڌيسنگهه سوڍو … امر رائيسنگهه راجپوت

پهاڙن سان پيار ڪندڙ سوڍا هن ڌرتيءَ جا اُهي سَپوٽ پٽ آهن، جن جي تاريخ سندن رت جي مس سان وقت جي نبض تي لکيل آهي. اهڙي تابناڪ تاريخ جنهن جو ورق ورق ڌرتيءَ جي پيار سان سرشار آهي. پراڻ ڏيئي پنهنجو پرڻ پاريندڙ اهڙن ڀوميءَ جي ڀلماڻِسين جا ڪردار هن ڌرتيءَ جي ماٿي تي سِندور جيان سجايل آهن.هو به انهن سورهيه وير سوڍن مان هڪ هو جيڪي ننگر جو ننگ هئا، جن پنهنجي ڀوميءَ جي ڀلي لاءِ حياتين جا ٻليدان ڏنا هُئا. جن پنهنجي سر زمين سنڌ جي مٽيءَ جي سنڀال ڪندي دجلا جي لهرن وانگي رت وهايو هو. هُو ويرا واھ جي وڏ ڌڻي حاڪم لڌو سنگهه سوڍي جو اهو موڀي پٽ هو جنهن پنهنجي پراڪرمي پيءَ جي ” ست “ جي لڄ رکندي، ڌرتيءَ تان ٻلهيار ٿي پنهنجي راجپوتاڻي ماتا جي ٿاور ٿڃ ملهائي هُئي.اُڌيسنگهه عرف اُڌمل سنگهه سوڍو هڪڙي ڏينهن ڪنهن ڪم سانگي پنهنجي من پسند سُرخي گهوڙيءَ تي چڙهي پنهنجو ڳوٺ ڇڏي ڀر واري ڪنهن ڳوٺ ويو هو. 1859ع وارو سال هو. هُو ننگر کان الاهي دور وڃي چڪو هو. هن کي ڪائي ڪل نه هئي ته سندس ڌرتي پيرن هيٺيان ڇني ويندي. هُو امل ڪسونٻي جي خمار ۾ گهوڙيءَ کي سراڙا ڏياريندو هليو ويو ۽ پويان ننگر ٻري پيو هو.1859ع ۾ ڪنهن خود دار سوڍي جي هڪ ڪلارڪ سان ٿيل معمولي ڏند اوٿل غير معمولي موڙ اختيار ڪندي وڏو ممڻ مچائي ويئي هئي.شانت سوڍن جي وسيع سينن ۾ بغاوت جي جوار ڀاٽا اٿلي پيئي. سورهيه وير سوڍن سرعام سرڪاري نافرماني ڪندي پنهنجي آزاد وطن جي گهر ڪئي. سرڪاري دفترن کي دکائي، روڊن کي اکيڙي ۽ ٽيليفون تارن کي ڪٽي سڄي ننگر جو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيائون. ڪرنل تروٽ حيدرآباد مان اسپيشل فوج گهرائي ۽ ٽي ڏينهن کان پوءِ حالتن تي ڪنٽرول ڪري سگهيو. پنج هزار ڪولهين جي فوج سان گڏ سوين سوڍن کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو. انهن ۾ اُڌيسنگهه سوڍي جو پيءُ حاڪم لڌوُسنگهه صاحب ۽ روپلو ڪولهي به گڏ هئا.
اُڌيسنگهه سوڍو پنهنجو ضروري ڪم ڪار لاهي جڏهن سندس اباڻي ڳوٺ ويرا واھ موٽي رهيو هو. تڏهن راڻي ويري ڳوٺ وٽ سندس گهوڙيءَ ڳوٺ ۾ وڄندڙ دهول تي ناچ ڪرڻ لڳي. گهوڙيءَ جي نرالي نرت تي هي شهسوار سوڍو تمام گهڻو سرهو ٿيو هو. هُو گهوڙيءَ تي چڙهيل هو ۽ گهوڙيءَ نچي رهي هئي. اها ماجرا ڏسي ڀر مان لنگهندڙ هڪ ارڏي ڪولهي ڪڙو ويڻ آڇيندي چئي ڏنو ته اي وطن جا وارث ! ” تون هتي گهوڙيءَ پيو نچائين ۽ تنهنجو پيءَ جيل ۾ پيو آهي“ ڪولهي جي هن ڪَک جيڏي ويڻ سَت فوٽ سوڍي کي آريءَ وانگي وڍي ڇڏيو. ڪولهيءَ جي ٻار ڄڻ باھ تي تيل هاريو. اُڌيسنگهه سوڍي لغام کي ڪَشي سڌو ننگر جو رخ ڪيو. مينهن واءُ ڪندي پلڪ جهپڪ ۾ ننگر پهچي پهرين جيل جو دروازو ٽوڙيو، پنج هزار ڪولهين جي لشڪر سميت پنهنجي پيءَ کي به آزاد ڪرايو ۽ پوءِ تروٽ جي ڪڍ لڳو. تروٽ کي ڊوڙائيندو بندوق جا فائر ڪندو ويو. چوڻ وارا چون ٿا ته تروٽ پنهنجو ساھ بچائيندي هڪ موچيءَ جي گهر ۾ گهڙي ويو ۽ ڍڳيءَ جي کل اوڍي لڪي ويو. ڍڳيءَ جي کل ۾ لڪيل هئڻ ڪري هن ست وادي سوڍي رحم ڪري معاف ڪيو.
پنهنجي راجپوتاڻي آڻ، ماڻ ۽ شان کي برقرار رکندي، هن تيجوان سوڍي انگريزن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا. ڪارونجهر جي پهاڙن جيان اٽل ارادن جي مالڪ اڌيسنگهه کي انگريز سرڪار ڪيئي لالچون ڏنيون پر هن آڻ نه مڃي. انگريزن هن لاءِ ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي. نيٺ هو ننگر جي راڻن سان گڏ ڪارونجهر جي غفائن ۾ روپوش ٿي ويو. جتي هن کي ۽ سندس ساٿين کي ماني ڳڀي سان گڏ روزانو حال احوال روپلو ڪولهي ڏيندو هو. روپلو سوڍن جو وفادار سپاهي ۽ هڪ محبت وطن شهري هيو. روپلي ڪولهي کي انگريزن نيٺ مقامي غدارن مهاوجي لهاڻي ۽ هنس پُري ٻاووي سان گڏجي گرفتار ڪري ورتو ۽ مٿن مقدمو هلائي ڦاهي ڏني ويئي. روپلي جي ويرگتي پراپت کان پوءِ سوڍي اڌيسنگهه ۽ سندس پيءَ لڌويسنگهه کي جيل ۾ وڌو ويو. ٻنهيءَ کي 14 سالن جي سزا ڏني ويئي ۽ راڻي ڪرڻ سنگهه کي انڊمان نڪوبر جي جهنگلي ٻيٽن ۾ ڪاري پاڻي اُڪاريو ويو. ڌرتي خاطر طرحين طرحين جون تڪليفون ڀوڳي نيٺ هو مٽيءَ جي مٺ پنهنجي مٽيءَ سان ملي امرتا پائي ويا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *