تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

انگريزي گرامر جي ڪتابن ۾ نواڻ جي ضرورت! … اعجاز احمد ڀيو

جيئن دنيا ۾ تعليم يافته ماڻهو ترقي ماڻيندو آھي بلڪل ائين ئي قومون به تعليم جي ذريعي ئي ترقي جي راهه تي سفر پڻ ڪنديون آھن ڇاڪاڻ تعليم ڪنهن به قوم جي لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو پڻ هجي ٿي ۽ تعليم پڙھڻ لکڻ تائين محدود نه پر تعليم هڪ اهڙي اخلاقي تربيت جو نالو آھي جيڪا انسان جي دلين ۾ سٺو انسان،سٺو شھري بڻجڻ جو احساس پيدا ڪري انسان کي حقيقي معنائن ۾ “اشرف المخلوقات “جي لقب جو حقدار پڻ بڻائي ٿي مطلب ته مٿيون ڳالهيون ان ڳالھه جي نفي ڪن ٿيو ته تعليم ڪنهن خاص مضمون يا وري ڊگري تائين محدود ناهي بلڪ پنهنجي علم تي سٺي طرح عمل ڪرڻ کي ئي تعليم چئبو آھي.اسانجي معاشري ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ تعليم مضمونن جي حساب سان ورهايل آھي ۽ وري ڊگرين تائين محدود بڻيل آ ھي شايد اهو ئي سبب آھي جو اسانجو تعليمي نظام پٺتي پيل آھي ڇاڪاڻ ته اسان وٽ تعليم ٻن مضمونن انگريزي ۽ رياضي ۾ ورهايل ته ڊگريون وري علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان بي ايڊ ڪرڻ تائين محدود بڻيل آھن مان مڃان ٿو ته انگريزي هن وقت جي ضرورت ۽ ڪنهن به چٽا ڀيٽي واري امتحان کي پاس ڪرڻ جو ذريعو بڻجي چڪي آھي جنهن ڏس ۾ پرائيوٽ اسڪولن وارا سنڌي به نٿا پڙھائين ۽ سڄو سيلبس انگريزي زبان ۾شايع ٿا ڪرائين ۽ انگريزي جي حصول تي زور ڏيندا نظر پيا اچن توڙي جو ٻار پڻ انجي حصول لاءِ بيچين بڻيل آھن.
انگريزي جي ايڏي اهميت باوجود سنڌ جا نوجوان گريجوئيشن کان بعد به سٺي نموني انگريزي لکي ڳالهائي ۽ پڙھي نٿا سگهن هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان جا ڪهڙا ڪارڻ آھن؟ ان جو وڏي ۾ وڏ سب اهو آھي ته اسان هر دفعي انگريزي کي صرف سنڌي ۾ ” ٿو،ٿا،ٿي، ۽ چڪو هوندو، چڪو آھي” جي ڪانسيپٽ (Concepts)۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آھي شايد اهو ئي سبب آھي جڏھن چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ ڪو پئسيج ٿو اچي ته ان جي معني ان “ٿو،ٿا،ٿي ۽ چڪوهوندو،چڪو آھي” واري ڪانسيپٽ (Concepts)۾ ناهي نڪرندي ۽ اسانجا نوجوان هر چٽاڀيٽا واري امتحان ۾ فيل ٿي ڪري پوءِ انهن ادارن ۾ چاهي وفاقي ادارو NTS هجي ياوري پنهنجو سکر جو ادارو IBA ڇو نه هجي سي انهن خلاف مئرٽ جي لتاڙ جو الزام ھڻي گريس مارڪون ڏيڻ جو مطالبو ڪري ادارن جي ساک کي پنهنجي ناڪامي جو سبب بڻائي ڇيهو رسائڻ جون ڪوششون ڪندا آھن.
انگريزي زبان اسان لاءِ سکڻ هن وقت جي اهم ضرورت هجڻ سان گڏوگڏ بين القوامي زبان هجڻ جو اعزاز رکندڙ ۽ براعظم تي انگريزن جي ڪيل غاصباڻي قبضي وقت فارسي جي جڳھه تي رائج ٿيل ٻولي پڻ آھي اڄڪلھه اسانجي ملڪ پاڪستام ۾ انگريزي پڙھيل لکيل کي ئي ڪنهن نوڪري جو حقدار تسليم ڪيو ٿو وڃي ڇاڪاڻ ته انگريزي هن وقت اسانجي پهرين درجي کان وٺي انٽرميڊيت تائين لازمي مضمون طور حصو بڻيل آھي باقي اها الڳ ڳالهھ آھي ته اسانجي سنڌ ۾ ڪافي پٺ تي پيل ضلعن ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ پنجين درجي تائين صرف سنڌي، مڊل تائين ABC ۽ سيڪنڊري ڪلاسز تائين صرف پارٽس آف اسپچ پڙھايا ويندا آھن سي به انهن ڪتابن منجهان جن جي انگريزي گرامر تي اڄ جا انگريزي گرامر جا هاءِ اسٽينڊرڊ ڪتاب سوال اٿارين ٿا ۽ سندن جو لکيل مواد انگريزي زبان کان لاتعلقي قرار ڏين ٿا پر افسوس اسان وٽ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا انگريزي مضمون وارا ڪتاب ڪافي ڪاليجز ۾ وقت جو زيان ڄاڻائي ناهن پڙھايا جن جي اهميت ايتري ته قيمتي آھي جو بقول انگريزي جي ماهرن جي اگر شاگرد صحيح نموني يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جاانگريزي جا مضمون وارا ڪتاب پڙھن ته سندن لاءِ CSS ۾ انگريزي وارا مضمون تمام آسان ٿي ويندا ۽ اھڙن مضمونن کان ڪافي ڪاليجز ۾ لاتعلقي پنهنجي قوم جي ٻارن سان زيادتي آھي.
اسان وٽ سٺين، من موهيندڙ نالن سان “لئنگويج سينٽر” ته عروج تي آھن پر شاگرد زوال جي طرف قدم وڌائي رهيا آھن ڇاڪاڻ اسان وٽ انگريزي زبان سمجهائڻ واري پراڻي ڪانسيپٽ (Concept) ۾ ترميم بدران واڌارو اچي رهيو آھي ۽ سال بدران ويهن ويهن سالن تائين ٻار انگريزي نٿا پڙھي سگهن ۽ بعد ۾ انکي ڏکي سمجهي علم کان لاتعلقي جو اظھار ڪري ڪاروبار شروع ڪري ڄڻ ٻين پڙھندڙ جي حوصله شڪني جو سبب بڻجن ٿا. اسان وٽ “لئنگويج سينٽرز” تي ماڊرن انگريزي جي هاءِ اسٽينڊرڊ گرامر جي ڪتابن مطابق انگريزي پڙھائڻ بدران اڪثر ٻارن کي چيو ويندو آھي ته سڀاڻي ويھه جملا Made up تي ويھه جملا Fond of تي ٺاھي اچجو جيڪي قدم انگريزي پڙھائڻ بدران Usages ياد ڪري ٻارن کي رٽي لڳائڻ تي مجبور ڪن ٿا، ياد رکو! ٻوليون گرامر جي صحيح سمجهھ ۽ ڪانسيپٽ سان ئي سمجهي سگهجن ٿيو نڪي Usages Speific جا رٽا لڳائڻ سان سمجهي سگهن ٿيون اتي ان ڳالهھ جي وضاحت به ضروري سمجهان ٿو ته بقول انگريزي گرامر جي هاءِ اسٽينڊرڊ معتبر ڪتابن جي ته اسانجي سنڌ ۾ هلندڙ گرامر جا ڪتاب 90 سيڪڙو هڪ ٻئي جي مواد مان چورايل ۽ ساڳين پراڻن غلط ” ٿو،ٿا،ٿي ۽ چڪو هوندو،چڪو آھي ” جي ڪانيسپٽس(Concepts) تي ٻڌل آھن.
پاڪستان جا ٻيا صوبا تعليم جي ميدان ۾ ته اسان کان گهڻو اڳتي نڪري چڪا آھن پر انگريزي زبان ۾ به اڳتي آھن پر سنڌ ۾ انگريزي زبان جي پٺتي هجڻ جا وڏا سبب انگريزي جي سکيا بابت غلط ڄاڻ فراهم ڪرڻ ۽ انگريزي کي سنڌي ۾ ئي سمجهڻ آھن، ياد رکو! هر هڪ زبان جا پنهنجا قائدا ، رسم الخط ۽ قانون هوندا آھن جيئن عربي زبان ۾ جمع ٽن کان شروع ٿيندو آھي جڏھن ته انگريزي زبان ۾ جمع ٻن کان شروع ٿيندو ته توهين ڪيئن ان کي عربي جيان سمجهي ٿا سگهو؟ جيڪڏهن سنڌي جي ڳالھه ڪجي ته سنڌي ۾ پهريان فاعل پوءِ مفعول ۽ آخر ۾ فعل ايندو آھي جڌھن ته انگريزي ۾ فاعل کان بعد فعل ۽ پوءِ مفعول ايندو ان مان توهان سمجهي سگهو ٿا ته انگريزي کي سنڌي ۾ سمجهڻ بدران انگريزي ۾ سمجهڻ سان اسان ان نهج تائين پهچي سگهو ٿا ته اسان انگريزي صحيح نموني پڙھي، لکي ۽ سمجهي سگهون.
سنڌ جي ليکڪن،اديبن۽ نوجوانن تعليمدانن کي گهرجي ته اهي سنڌ جي ترقي لاءِ پنهنجي انگريزي گرامر وارن ڪتابن ۾ ترميم سان انھن کي نئين گهرجن مطابق اپڊيٽ ڪري “ٿو، ٿا، ٿي، چڪوهوندو ۽ چڪو آھي” وارو ڪانسيپٽ (Concept)ختم ڪرائين. انهن ڪتابن کي سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ليکڪن جيان نواڻ طرف آندو وڃي ۽ انگريزن جا پنهنجا گرامر جا ڪتاب پڙھي پنهنجي ڪتابن کي انهن جي قائدن مطابق شايع ڪري سنڌ جي نوجوانن جي انگريزي جي سکيا واري عمل ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏوگڏ انگريزي زبان جي معياري سکيا تي پنهنجون جاکوڙي خدمتون سرانجام ڏين.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *