تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

انور پيرزادي جي شاعريءَ ۾ عالمي فڪر ۽ فلسفي جو مختصر جائزو … ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو

جيئن ته انور جو ذهن ۽ ذوق آفاقي ۽ عالمي معلوم ٿئي ٿو. سندس ڪلام ۾ معمولي کان معمولي ۽ عالمي مسئلن، انسانذات جي گوناگون جذبن ۽ مختلف نوعيت جي احساسن، امنگن ۽ اڌمن جي ترجماني ملي ٿي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته انور پيرزادي جو فڪر ۽ شعور عالمي بلاغت تي پهتل آهي. سندس فهم ۽ شعور مشاهدي ۽ مطالعي جي بٺيءَ ۾ پڪل آهي. جنهن ۾ سنڌ ۽ سڄي عالم جو نظام سندس بصيت هيٺ‎ آهي. جنهن ۾ پختگي ۽ پائيداري ۽ آهي ته سندس رياضت ۽ مشقت به آهي، تنهنڪري هن جي فڪر کي باڪمال ۽ عالمي فڪر چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪو نه ٿيندو. هن جو فڪر لفظن جي پردي ۾ لڪيل ناهي، پر حجاب جا سڀئي پردا لاهي پنهنجي فڪر کي واضح بيان ڪيو آهي. سندس ڪلام ۾ غريب طبقي جا ڏک، درد ، سور، مصيبتون ۽ ٻيا کوڙ مسئلا بيان ڪيل اٿس ته ٻئي پاسي هڪ نئين صبح ۽ غير طبقاتي سماج جو خواب ئي نه ٿو ڏيکاري پر اهو يقين به اٿس ته هن ڪاري رات کانپوءِ هڪ روشن صبح جو سج اڀرڻو آهي. جيڪو سنڌ جي پورهيتن ۽ غريبن جي دردن جو درمان به ڪندو ۽ معاشري ۾ هڪ نئون مقام به ڏيکاريندو. سندس ڪلام ۾ معنويت ۽ فڪر جي گهرائي تمام اونهي ۽ اعليٰ مقام تي پهتل اٿس.
انور شاعري جي ميدان ۾ تڏهن قدم رکيو هيو، جڏهن عالمي سطح تي ٻن بلاڪن ۾ جهيڙو هلي رهيو هو، هڪ سوشلسٽ بلاڪ ۽ ٻيو سرمائيدارانه بلاڪ هيو. سرمائيدارانه بلاڪ کي دنيا جي طاقتور ملڪن جي حمايت حاصل هئي.جڏهن ته ٻئي پاسي کان سوشلسٽ بلاڪ کي صرف پورهيتن ۽ مزدورن جي ساٿ هيو. انور پورهيت طبقي ۽ مزدور بلاڪ لاءِ حق وٺي ڏيڻ جون ڪوششون به ڪيون ۽ ان تي ڪافي لکيو به اٿس . جڏهن ته سنڌ ۾ ان وقت ضياءَ جي مارشل لا واري ڪاري رات جي حڪمراني هئي . سندس قلم هن ڪاري رات ۾ ڏيئي جيان روشني جي پانڌيئڙن لاءِ مشعل راهه هيو، جنهن ۾ هن دور جي ستم ظريفي ۽ حالتون نمايان بيان ڪيل آهن. سندس فڪر کي هيٺئين ريت ورهائي سگهجي ٿو.
01-عالمگيريت :
هن دنيا ۾ انسان جو واسطو صرف پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ٻولي ڳالهائيندڙن تائين محدود ناهي هوندو، بلڪه سڄي دنيا ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن سان سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح واسطو پئي ٿو ۽ ان جا مثبت ۽ منفي اثر پڻ ان تي اثرانداز ٿين ٿا ۽ انهي منفي ۽ مثبت اثر ڪري ئي انسان جو واسطو هن عالم سان پوي ٿو. شاعر انهن ٻنهي اثرن کي محسوس ڪرڻ بعد سهڻي نموني سان ان ڪيفيت کي بيان به ڪري ٿو ۽ اها ئي ڪيفيت /خوبي شاعر کي عالمي ۽ حقيقي شاعر بڻائي ٿو ۽ سڄي عالم جو نظام سندس بصيت هيٺ هوندو آهي . انور ٻين ماڻهن جي غم کي پنهنجو غم محسوس ڪري ٿو ۽ دنيا جي ٻين خطن ۾ ٿيل ظلم کي پنهنجي خطي ۾ ٿيندڙ ظلم محسوس ڪري ٿو. جيڪو سندس ٻين کان مٿانهون ڪري بيٺو آهي جنهن حوالي سان انور چوي ٿو ته :
ڪوبه توکي نه چوي
ڪوڙ لکيو آهي تو
تون سدا پنهنجي ئي گهر ۾ هجين
ڇو راتيون رلين
چنڊ سان، چاهه سان
۽ جوڀن سان
تون چوين ٿو ته
تنهن ۾ پنهنجو ڇا؟
ڀل ته بيروت سڙي رک ٿئي
ڪنهنجو ٿائيلينڊ بچي يا نه بچي
آءُ سنڌي ها
رهان ٿو سنڌ ۾
آءُ ڇو ڳالهه ٻڌان ڌاري ڪا
آءُ ڇو پاڻ تي ڪنهن سوچ جا
ليڪا پايان
آءُ ته اڄ ننڊ ڪرڻ ٿو چاهيان(1)
انور ٻيو نظم ڏکڻ ڪوريا جي عظيم انقلابي شاعر ڪم چي ها سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو
ڪم چي ها جي نالي
ڀڳل، ٽٽل
۽ ٽڪر ٿيل ئي سهي،
هي تنهنجو قلم
ڏاڍ جي ڏونگر ڏارڻ ڪارڻ
ڪافي آهي.
ڪم چي ها
منهنجي تنهنجي ڌرتي
هڪ ئي آهي
تون ڪوريا جي بند جيل ۾ آهين
آءُ سنڌ جي کليل جيل ۾ بند آهيان.
02- عالمي امن :
انور وٽ جتي عالمگيريت وارو فڪر،فلسفو ۽ سوچ ملي ٿي، ته اتي جابجا عالمي امن جو تصور به تمام گهروملي ٿو. انور عالمي امن کي ئي انسانذات جو ڇوٽڪارو سمجهي ٿو، ڏاڍ ۽ ظلم خلاف امن کي وڏو هٿيار سمجهي ٿو، پر اهو امن اهڙو ناهي، جنهن کي هڪڙو طبقو ٻئي طبقي تي استعمال ڪري . انور امن کي غير طبقاتي بنيادن تي تسليم ڪري ٿو ۽ غير طبقاتي سماج کي عالمي امن جو اصل بڻ بنياد سمجهندي غير طبقاتي سماج جي خلاف برجسته ۽ دليرانه انداز بيان ڪيو آهي ۽ عالمي امن جي حوالي سان انور لکي ٿو ته ؛
ائين ٿو لڳي
منهنجي ڌرتي تي اڄ ٿا بم لڳن
آءُ پنهنجين اٻاڻڪي من کي
ٿورو آٿت ڏئي کيڏايان ٿو
آسري ان ۾ ويهي سوچيان ٿو
ڏاڍ جا هي ڊگها ڊگها پاڇا
ٿورڙي دير ۾ لڙي ويندا
امن ايندو
نه ڪوئي روئيندو
امن ايندو
نه ڪوئي روئيندو.
03-حــب الوطني:
جيڪو شخص جتي ڄائو ۽ نپيو، ان ماٿر ڀوميءَ جي گرم ۽ سرد هوائن جي هڳاءُ کي پنهنجي ساهن جي لڙهي ۾ سانڍي ڏک، سک کي پنهنجي سيني سان لڳائي وڏو ٿئي ٿو، انهيءَ ماٿر ڀومي جون گرم هوائون سندس جسماني جوڙجڪ سان گڏوگڏ مزاج کي به پڪو ۽ پختو ڪن ٿيون. ڌرتي جي موسم، من جي مند سان مشابهت رکي ٿي. اهو شخص پنهنجي انهيءَ ماٿر ڀومي سان محبت ڏک سک، خوشيون ۽ تڪليفن کي پنهنجو سمجهڻ لڳي ٿو، پنهنجي ديس جي رهواسين جي غم کي پنهنجو غم سمجهڻ کانپوءِ ان لاءِ پاڻ پتوڙي، دردن جي درمان لاءِ ڪوششون ۽ ڪاوشون ڪري ته اهڙي هڏڏو کي انسان کي حب الوطني سڏيندا آهيون. ڪلاڪار پنهنجي ديس سان محبت رکندي انهن لاءِ لکي ۽ سندس ديس جي عوام لاءِ روشن صبح جي ڪوشش ۾ گامزن رهي. اها خاصيت شاعر لاءِ وڏي معنيٰ رکي ٿي، دنيا جي شاعرن وانگي انور پيرزادي به پنهنجي ديس ۽ ديس جي ڏکن جي ڳالهه ڪئي آهي، سنڌو ماٿر جي درياهه، ٿر جي صحرا ، ٿوهرن ، ڪنڊن سان به محبت ڪري ٿو. وڏيرا شاهي، جيڪا جاگيرداراڻي دور جي ڏنل لعنت ۽ آزاد انسانن لاءِ غلامي جي طوق کان گهٽ ڪونهي، ان لعنت ۽ غلامي جي طوق کي پنهنجي هر سٽ ۾ نندي ٿو ۽سندس اکيون ۽ تخليق غير طبقاتي ۽ روشن صبح جي انتظار ۾ ٿڪجن به نٿيون، سنڌي معاشرو جيڪو وڏيرا شاهي ۽ نيم سرمائينداراڻي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي ۽ انهن سان وڙهندي پنهنجي سڄي جسم جو رت ست وڃائي چڪو آهي. انور صاحب سنڌي معاشري جي گڻ ۽ اوگڻ کان واقف هوندي ، پنهنجي تخليق سان وڏيرا شاهي جي پيڙهه کي لوڏڻ جي ڪوشش ۾ سرگرم نظر اچي ٿو.
هي سورن جي بستي
هي گهاون جو گهر
هي رت جون نديون
پونءِ جون هي ڍنڍون
هي پن ڇڻ جو مناتم
۽ غربت جا جهوٽا
اڳي کان چٽا ٿا لڳن پيا هينئر
۽ پنهنجي بدن مان اچي ٿي
پگهر جي ئي بدبوءِ.
4-سوشلزم يا ڪميونزم
دنيا ۾ سڀ نظريا انسان جي ترقي لاءِ جوڙيا ويا آهن، پر نظرين سان ويساهه گهاتي اها ٿي آهي ته اهي ڪجهه مخصوص طبقي ۽ گروه جي مفاد تائين محدود ڪيا ويا، جاگيرداراڻي دور ۾ جتي انسان غلام هيو، سندس فيصلن ۽ اختيارين جي آزادي نه هئي ته جاگيرداراڻي ظلم جي ڀيٽ يا ضد ۾ سرمائيداراڻي نظام جنم ورتو. جتي انسان کي ڪجهه آزادي ته ملي پر استحصال جوسلسلو ختم نه ٿيو. سرمائيداراڻي نظام مشين ۽ فيڪٽرين کي جنم ڏنو جنهن ڪري هزارين انسان، هڪڙي وقت هڪ هنڌ تي ڪم ڪندا آهن، سرمائيداراڻي نظام جي ڪک مان ۽ هڪ عالمي ۽ پورهيتن جي لاءِ نظريو منظر عام تي آيو. هن نظرئي جو باني ڪارل مارڪس کي چئي سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته سائنسي سوشلزم کان اڳ ۾ ايٿوپيا سوشلزم جو وجود نه هو، پر معاشري ۾ لاڳو ڪرڻ جو ڪو سائنسي ڪارج نه هيو. ڪارل مارڪس ايٿوپيا سوشلزم /ڪميونزم کي سائنسي شڪل ڏني. ڪميونزم جو بنيادي نقطو اهو آهي ته پورهيت ۽ هارين جو استحصال ختم ٿئي ۽ سڄو معاشرو غير طبقاتي اصولن تي جوڙيو وڃي. ڪارل مارڪس ۽ فيڊرڪ اينگلز جي تحريرن ۽ خوابن جي ساڀيان لينن روس ۾ ڪئي. سويت انقلاب کانپوءِ سڄي دنيا ٻن بلاڪن ۾ ورهائجي وئي. جڏهن ته انور پيرزادو صاحب سوشلسٽ بلاڪ جو حامي آهي ۽ ان طبقي لاءِ جنهن تي پهريان ڪنهن نه قلم کنيو ۽ نه سندسن حقن جي ڳالهه ڪئي پر انور جي هر سٽ ۾ پورهيت طبقي جي احساسن ، خيالن، جذبن ۽ اڌمن جي ڳالهه چٽي نموني نظر اچي ٿي . سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ امن ۽ خوشحالي جا خواب اکين ۾ سانڍي غير طبقاتي سماجي جوڙجڪ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين انهيءَ ڪوشش ۾ سرگرم رهيو. جتي سنڌ ۾ فوجين جا ڏاڍ ڏٺائين اتي دنيا جي ٻين مظلوم ملڪن جي عوام جا سڏڪا ۽ آهون به محسوس ڪندو رهيو.
انور جي شاعريءَ ۾ پورهيت ۽ هاري ناري جا ڏک ، سڏڪا ۽ آدرشون اسان جي اصلاحي معاشري تي چٿرون ڪن ٿيون. استحصالي ۽ طبقاتي معاشري جي قانون کي ننديندي تڪليف جون راهون چونڊيندڙ آدرشي انسان لاءِ اتساهه پيدا ڪندڙ گيت آهن، انور فڪر ۽ اسلوب جي ڪري پنهنجي دور ۽ ان کانپوءِ ايندڙ دور وارن لاءِ مشعل راهه ته آهي پر ادب جي آسمان تي ٽمڪندڙ روشن ستارو پڻ آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *