تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

انسان ڪڏھن به چنڊ تي ناهي پهتو؟ … جارج ميولر / طفيل مگسي

ناسا جي اڳوڻي چيئرمين جارج ميولر انڪشاف ڪيو آھي ته انسان ڪڏھن به چنڊ تي ناهي ويو ۽ انسان جي چنڊ تي لهڻ واري ڳالھه ۾ ڪابه صداقت ناهي. جارج ميولر1963ع کان 1969ع تائين اپالو پروگرام جو چيئرمين هو.سندس عمر 89 سال آھي.۽ ھو هن وقت بيماري جي بستر تي پيو آھي. سندس چوڻ آھي ته هو پنجاهه سالن کان انهي ڏوھه جي سزا سان جيئندو رهيو آھي ته هن سڄي دنيا سان سدائين ڪوڙ ڳالهايو آھي پر هن وقت جڏھن هو هن فاني دنيا کي ڇڏڻ وارو آھي ته منهنجو ضمير مون تي بار بار ملامت پيو ڪري ته هن پنهنجن دوستن سان گڏ چنڊ تي لهڻ جو ڊرامو ڪيو هو. ان ڊرامي جي منظوري آمريڪي عملدارن ڪينئبينيٽ ليول ٿي ڏني هئي. اها رٿا 1967ع ۾ صدر نڪسن جي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وزير جيمز شيليسينجر ڏني جنهن جي صدر نڪسن کي ڪابه ڄاڻ نه هئي.1967ع تائين ناسا جي اها رٿا هئي ته انسانن کي اپالو پروگرام جي راڪيٽ ذريعي چنڊ تي لاٿو ويندو ۽ پوءِ کين حفاظت سان واپس زمين تي آندو ويندو پر جنوري 1967ع ۾ ناسا جي حڪمرانن شيليسينجر کي هڪ ڳجهي بريفنگ ڏني جنهن ۾ ھن کي ٻڌايو ويو ته ناسا جي انجينيئر 8 سالن جي محنت کانپوءِ پنهنجي شڪست تسليم ڪري ورتي آھي ۽ اهو پڻ تسليم ڪيو اٿائين ته موجوده ٽيڪنالوجي ان قابل ناهي ته اها انسان کي چنڊ تي وٺي وڃي سگهي ان بريفنگ ۾ ھنن لفظن کي چٽو ڪيو ويو آھي.
زمين جي فضا کان ٻاهر نڪرڻ ممڪن ناهي.بائيبل ۾ چٽي نموني لکيل آھي ته زمين جي فضا کان ڪو به انسان ٻاهر نٿو وڃي سگهي.* وين بيلث انسان جي لاءِ خطرناڪ آھي جيڪڏھن خلاباز ان بيلث کان گذرندو ته خطرناڪ شعائن سان سڙي خاڪ ٿي ويندو.خلابازن کي انهن شعائن کان محفوظ رکڻ لاءِ ھينئر تائين جيڪا ٽينڪالوجي استعمال ڪئي وئي آھي .اها سڀ فيل ٿي چڪي آھي. چنڊ تي گريوٽي ناهي.تنهنڪري چنڊ تي لهڻ ئي ممڪن ناهي.اسان وٽ ڪو اهڙو راڪيٽ ئي ناهي جيڪو خلابازن کي چنڊ کان واپس وٺي اچي .چنڊ کان واپس آڻڻ جي لاءِ ايترو ئي وڏو راڪيٽ گهربل آھي جيترو زمين کان چنڊ تي وڃڻ لاءِ ڇاڪاڻ ته ٻنهي طرفن جو مفاصلو برابر آھي. چنڊ تائين اهو راڪيٽ ڪيئن پهچايو ويندو .جنهن سان خلابازن کي واپس آندو وڃي. خلا ۾ راڪيٽ جو ٻارڻ نه هلندو ڇاڪاڻ خلا ۾ آڪسيجن ناهي. ان لاءِ زمين جي ڪشش کان ٻاهر نڪرندي ئي راڪيٽ بيهي ويندو ۽ واپس زمين تي اچي پٽ پوندو. ڪجه سائسندانن (خلابازن ورجل گرس گريسين ۽ سيفٽي انسپيڪٽر ٽامس رائيل بيرن شامل آھن) هن ڳالهه تي راضي آھن ته عوام جي سامهون پنهنجي شڪست کي تسليم ڪجي. ان ڪري انهن سائنسدانن کي پنهنجي رستي تان هٽائڻ ضروري ٿي ويو آھي.
جيتوڻيڪ ان گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اپالو جي پروگرام کي بند ڪيو وڃي ۽ ان جي رقم سان هالي ووڊ جي هڪ ٽيم سان معاهدو ڪيو وڃي ته جيئن چنڊ تي لهڻ جون فيڪ فلمون ٺاهي جاري ڪيون وڃن. ان کانپوءِ خلانورد ورجل گريس گريسين ۽ سيفٽي انسپيڪٽر ٽامس کي منظر تان هٽائي ڇڏجي جيڪي ان رٿا جي اصليت کي بي نقاب ڪري سگهن ٿا.چنڊ تي لهڻ تي نقلي فلم ٺاهڻ لاءِ هالي ووڊ جي مشھور ڊائريڪٽر اسٽينلي ملر سان سٺ ڪروڙ ڊالرن جو معاهدو ڪيو ويو ۽ کيس کي اها نقلي فلم ٺاھڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو. وڏيون وڏيون ڪيميرائون خلابازن جي سينن تي ٻڌل هيون. جنهن جي ڪري انهن جو جهڪڻ مشڪل هو پر باوجود ان جي هنن هزارين تصويرون ورتيون جن جي فريمنگ بلڪل پرفيڪٽ آھي.
جارج ميولر جي ان بيان سان ناسا جي هيڊڪواٽر ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو آھي ۽ ھاڻي انهن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان بيان کي ڦهلجڻ کان ڪيئن روڪجي .امريڪي حڪومت سمورن نيوز چينلن ۽ سڀني اخبارن کي نوٽيس جاري ڪيو آھي ته جارج ميولر جو اهو بيان ڇاپيو ويو ته انهن خلاف نه رڳو قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي پر انهن جي سربراهن کي ڳجهي پوليس گرفتار ڪري عقوبت خانن ۾ وجهي ڇڏيندي.جنهن کانپوءِ ڪنهن کي به انهن جو نانءُ ۽ نشان نه ملندو. اهوئي ڪارڻ آھي ته هن خبر کي ڪنهن وڏي اخبار يا نيٽ ورڪ نشر ناهي ڪيو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

One Response to انسان ڪڏھن به چنڊ تي ناهي پهتو؟ … جارج ميولر / طفيل مگسي

  1. Dr. Yousuf Soomro says:

    سائين مهرباني ڪري سائنس جا مضمون اهڙن ماڻهن کان لکرائيندا ڪريون جن کي سائنس جي باري ۾ بنيادي ڄاڻ هجي اهو مضمون اصل ۾ اپريل فول جي سلسلي ۾ لکيل هڪ مضمون جو ترجمو آهي لڳي ائين ٿو ته مگسي صاحب جو سائنس سان ڪو پري کان به تعلق نه آهي . اُميد ته توهان پنهنجي اخبار جي ساک کي قائم رکندي اهڙن ليکڪن جي حوصله شڪني ڪندا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *