تازا ترين
  • *نئون ڪوٽ: ڪلوئي ويجهو زهريلو کاڌو کائڻ سبب 2 ڄڻن جي فوت ۽22 بيهوش ٿيڻ وارو مامرو *ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد صحت کاتي ٿرپارڪر جون ٽيمون ڳوٺ بچل سومرو پهچي ويون *نئون ڪوٽ: پي پي ايڇ آءِ ۽ ڊي ايڇ جون ڌار ڌار ٽيمن متاثر ڳوٺاڻن جو علاج شروع ڪري ڇڏيو *زهريلي ڏهي ۽ زهريلو کير پيئڻ سبب واقعو پيش آيو، عورت سميت 2ڄڻا فوت ٿي ويا آهن: ڳوٺاڻا*
  • *اسلام آباد: اي ٽي سي ۾ عدليا مخالف تقرير واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي *عدالت ڪيس مان دهشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *عدالت جوابدار افتخار الدين جي اپيل تي ڪيس سيشن ڪورٽ اماڻي ڇڏيو *جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري ڌمڪي واري تقرير تي افتخار خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو*
  • *جروار ۾ زبون حال هيلٿ سينٽر جي عمارت جي مرمت نه ٿي سگهي، شهرين جو احتجاج *هيلٿ سينٽر جي عمارت10 ورهين کان زبون حالي جو شڪار آهي: مظاهرين *2000۾ ٺهيل هيلٿ سينٽر جي عمارت کي 2010 جي برساتن نقصان پهچايو هو: مظاهرين*
  • *پشاور: صحت کاتي جي وزير تيمور جهگڙا پاران ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو *صحت واري وزير زخمين جي عيادت ڪئي ۽ انتظامن جو جائزو ورتو *ايل آر ايڇ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي، زخمين لاءِ بهتر انتظام آهن: صحت وارو وزير*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ نيب آرڊيننس جي سيڪشن 17 ڊي جي اختيار وارو معاملو *عدالت ڪيس بابت سموريون اپيلون گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *اسان کي ڏسڻو آهي ته قانون جوڙڻ وقت قانون ٺاهيندڙن جي ذهن ۾ ڇا هو: ايڊووڪيٽ طارق *نيب جي قانون تحت وڌ کان وڌ سزا 14 سال ٿي سگهي ٿي: وڪيل طارق محمود*
  • *ڪراچي مان 39 مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل پليجاڻي واسي شاگرد گهر پهچي ويو *ڳوٺ رشيد ٽڳڙ واسي گولڊ ميڊلسٽ گلشير ٽڳر اوچتو گهر پهچي ويو، وارثن ۾ خوشي جي لهر پکڙيل *
  • *وزير اعظم عمران خان پاران پشاور ڌماڪي جي شديد مذمت *ڌماڪي ۾ قيمتون جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس آهي: وزير اعظم عمران خان *ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي صحتيابي جي لاءِ دعا ڪيان ٿو: وزير اعظم عمران خان*
  • *ڪنري ۾ گستاخ خاڪن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، فرانس خلاف نعريبازي *مختلف مختلف جماعتن پاران جامع مسجد کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *ڪنري: گستاخ خاڪن سبب سڄي دنيا جي مسلمانن جي دل آزار ٿي آهي: اڳواڻ*
  • *لاهور: شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ۽ مني لانڊرنگ ريفرنس *شهباز شريف کي جيل اختيارين پاران احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 6 ماڻهو فوت، انگ 6 هزار 745 ٿي ويو *ڪورونا جا وڌيڪ 773 ڪيس ظاهر، انگ 3 لک 29 هزار 375 ٿي ويو*
  • *مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف پاران پشاور ڌماڪي جي شديد مذمت *قرآن پاڪ جي تعليم دوران ڌماڪو ڪرڻ جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي: نواز شريف *واقعي تي شديد ڏک آهي، ٻارڙن جي والدين جو ڏک تمام وڏو آهي: نواز شريف*
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو *چانڊڪا پل وٽ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب طارق علي چانڊيو زخمي ٿي پيو *نظر محلا واسي زخمي کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو *ڏيرا برادري سان تڪرار هلندڙ آهي، ڪجهه وقت اڳ ڌمڪيون به مليون هيون: مقتول جو ڀاءُ*
  • *پشاور: دير ڪالوني ۾ مدرسي ۾ ڌماڪو، 7 ڄڻا مارجي ويا، 77 کان وڌيڪ زخمي*ڌماڪي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري ۽ ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهتل*مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: پوليس *ڌماڪي جي وقت مدرسي ۾ تدريسي عمل جاري هو: پوليس اختياريون *ڌماڪيدار مواد هڪ ٿيلهي ۾ رکيو ويو هو: آءِ جي ڪي پي *
  • * ڌماڪي ۾ 5 کان 6 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو: ايس ايس پي آپريشن *مدرسي ۾ هڪ شڪي شخص ٿيلهو رکي ويو هو: ايس ايس پي آپريشن *ڌماڪي جي وقت مدرسي ۾ تدريسي عمل جاري هو: ايس ايس پي آپريشن*
  • *پشاور: مارجي ويلن ۾ ڪوبه ٻارڙو شامل ناهي: آءِ جي ثناءُ الله عباسي *پشاور: ٽائيم بم ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو آهي: پوليس اختياريون *اسپتال آندل زخمين مان 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي: اسپتال ذريعا*

انساني روين جو انساني شخصيت تي اثر …شعيب الرحمٰن کهڙو

شيخ سعديءَ پنهنجي ڪتاب گلستان ۾ پنهنجو هڪ مشاهداتي واقعو لکيو آهي ته آئون هڪ ڏينهن پنهنجي دوستن سان گڏ درياءَ جو سفر ڪري رهيو هيس اسين هڪ وڏي ٻيڙيءَ تي سوار هئاسين اسان جي سامهون هڪ ننڍڙي ٻيڙي هلي رهي هئي جنهن ۾ ٻه همراهه سفر ڪري رهيا هئا . جڏهن اسان جي ٻيڙي وچ درياءَ تي پهتي ته اسان جي سامهون اها ننڍڙي ٻيڙي تيز طوفانن جي زد ۾ اچي وئي ۽ اهي ٻئي همراهه ٻڏڻ لڳا . مون کي انهن جي ان حال تي تمام گھڻي ڪهل اچي وئي ۽ مون تڙ تڪڙ ۾ پاڻ واري ٻيڙيءَ جي ملاح کي چيو ته وارو ڪر انهن ٻنهي همراهن کي بچائي وٺ ته آئون انهن مان هر هڪ جي عيوض تو کي پنجاهه پنجاهه درهم انعام ڏيندس . اسان وارو ملاح اهو ٻڌي تڙ تڪڙ ۾ درياءَ ۾ گھڙي پيو ۽ جلدي وڃي ان همراهه کي ڪڍي ورتائين جيڪو ڪجھه پري هيو . ان کي ٻاهر ڪڍي ان جي وات مان پاڻي ڪڍيائين ته اهو جلد ئي سامت ۾ اچي ويو ۽ هن کي ڇڏي ويجھي واري همراهه کي ڪڍڻ ويو ته اهو ايتري ۾ غوطا کائي مري چڪو هو . مون کي ان جي موت تي تمام گھڻو ڏک رسيو ۽ مون هڪ درد ڀري دانهن ڪري ملاح کي چيو ته هن همراهه جي زندگي لکيل هئي ته بچي ويو حالانڪ هي هن کان پري هو پر هن ٻي شخص جو موت لکيل هو جو ويجهو هجڻ باوجود تو هن کي ڪڍڻ ۾ دير ڪئي ۽ مري ويو . ان تي ملاح مون ڏانهن ڏسي ڪجھه مرڪيو ۽ چوڻ لڳو سعدي تون به بلڪل سچ پيو چوين موت ۽ حياتي الله سائينءَ جي هٿ وس آهي هن کي مرڻو هو ۽ مري ويو ۽هن جي حياتي لکيل هئي ته بچي ويو پر ان جو هڪ ظاهري سبب به آهي اهو هي آهي ته هي همراهه جنهن جي ڪڍڻ ۾ مون جلدي ڪئي ۽ پري هجڻ باوجود هن ڏانهن جلدي وڃڻ جي ڪوشش ان ڪري ڪئي جو آئون هڪ ڀيري سفر۾ ٿڪايل هيس ته هن مون کي پنهنجي گھوڙي تي سوار ڪري مون سان ڀلائي ڪئي هئي ۽ هن ٻي همراهه جي هٿان مون ننڍپڻ ۾ چهبڪ کاڌو هو ، جيتوڻيڪ جو مون کي ٻنهي همراهن جا پنجاهه پنجاهه درهم ملڻ جو وعدو ٿيل هو ۽ اهو همراهه ويجھو هئڻ جي ڪري ڪڍڻ ۾ به سولو هو پر مون هن کي ڇڏي پري واري کي ڪڍڻ ۾ جلدي ان ڪري ڪئي ته مون کي ان جو اهو احسان ياد اچي ويو ان ڪري مون ان کي جلدي ڪڍي ٻاهر آندو ۽ اهو بچي ويو باقي هن ٻئي جي ڪڍڻ ۾ سستي ان ڪري ڪئي جو هن جو ظلم مون کي ياد اچي ويو ۽ اهو غوطا کائي مري ويو.
ائين ئي تاريخ جي ڪتابن ۾ سلطان نصير الدين جو واقعو لکيل آهي ته هو متڪبر ۽ سرڪش قسم جو باد شاھه هو، هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي اندر جي گرمي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ وڃي ويهندو هو . هڪ ڏينهن هو هڪ وڏي تلاءَ ۾ لٿو ته پاڻيءَ جي گهرائيءَ جي ڪري ٻڏڻ لڳو ، سندس هڪ فرمانبردار خادم مٿان بيٺو هو جنهن پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي هن همراهه کي بچائي وڌو ۽ هن جي زندگي بچي وئي . همراهه جڏهن هوش ۾ آيو ته هن خادم جو ٿورو مڃڻ بدران سرڪشي ۾ اچي هن جا هٿ ڪپائي ڇڏيا ته تو منهنجي وارن کان ورتو آهي . هن ويچاري ته وڏي همٿ سان ان جي مٿي جي وارن کان وٺي ان جي زندگي بچائي ورتي هئي . پر هن ظالم ان کي به پنهنجي گستاخي سمجھو . ڪجھه ڏينهن ئي مس گذريا ته اهو ساڳيو متڪبر بادشاھه ان ساڳي ئي تلاءَ ۾ گھڙيو ته اڳ جيان هينئر به ان جو پير ترڪي ويو ۽ غوطا کائڻ لڳو . نوڪر خادم پنهنجين اکين سان ان کي غوطا کائيندي ڏسي رهيا هئا پر ڪنهن کي به همٿ نه هئي جو بادشاھه جي جسم تي هٿ لڳائي سگھي . ائين غوطا کائي کائي اتي ئي ٻڏي مري ويو ۽ پنهنجي سرڪشيءَ جي سزا ۾ هميشه لاءِ عبرت جو نشانو بڻجي ويو . هي ئي اهو سرڪش بادشاھه آهي جنهن جي لاش کي هڪ سئو ڏهن سالن کان پوءِ جهانگير بادشا ھه قبر مان ڪڍائي نربدا درياءَ ۾ اڇلرائي ڇڏيو هو .
اها هڪ حقيقت آهي ته تاريخ جي تلوار ڏاڍي بي رحم هوندي آهي ان ڪري انسان کي پنهنجي حد ۾ رهي زندگيءَ جا ڪم سرانجام ڏيڻ گھرجن وقت ڪنهن جو به انتظار ناهي ڪندو اهو پلٽجندي دير ئي ناهي ڪندو . ان ڪري انسان کي اهو ڪجھه ڪرڻ گھرجي جيڪو کيس ڏکي وقت ڪم اچي . انسان دنيا ۾ جيڪي به ڪم سرانجام ڏئي ٿو. سندس زندگيءَ ۾ انهن جو ڪونه ڪو نتيجو مرتب ٿئي ٿو . جيڪڏهن ڪو انسان معاشري ۾ چڱو ٿي هلي ٿو.ماڻهن سان خيرخواهي ۽ همدردي رکي ٿوته نتيجي ۾ ان سان به خيرخواهي ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪو معاشري جي لاءِ ناسور بڻجي ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪري ٿو ته پاڻ به سڪون جي لاءِ تڙپندو وتي ٿو. اسان پنهنجي ئي هن معاشري ۾ اهڙا کوڙ ماڻهو ڏٺا آهن جن کي زندگيءَ جون سڀ سهولتون موجود هونديون آهن . بظاهر انهن کي ڪابه تڪليف نه هوندي آهي پر رات جو ٻه چار آرام جون گوريون کائڻ کان پوءِ به انهن کي آرام ناهي ايندو، اها اندر جي باھه ئي ته هوندي آهي جيڪا پوري رات انهن کي تڙپائيندي رهندي آهي اسين ان تي سوچڻ بدران صبح جو وري ساڳي ئي ڌندي سان لڳي ويندا آهيون،
دنيا ۾ انسان شعوري سگھه واري مخلوق آهي ان ڪري انسان کي چيو ويو آهي توکي پنهنجي هر ڪردار جو نتيجو ملڻو آهي ان ڪري توکي پنهنجو هر قدم سوچي سمجھي کڻڻو آهي جڏهن ته غير شعوري مخلوق جيئن جانور وغيره آهن انهن جي عملن جو ڪوبه نتيجو مرتب نه ٿو ٿئي ۽ انسان ۽ جانور ۾ فرق به اهو ئي آ هي ته هڪ انسان جي دل ۾ پوري انسانيت جو درد سمايل هوندو آهي ۽ جانور صرف پنهنجي لاءِ جيئندا آهن، جيئن حضرت علي رضه جو فرمان آهي ته هڪ ڀيري ڪنهن شخص حضرت علي رضه کان پڇا ڪئي ته انسان ۽ جانور ۾ ڪهڙو فرق آهي حضرت علي رضه فرمايو : جيڪو ٻين جي لاءِ سوچي اهو انسان آهي ۽ جيڪو صرف پنهنجي لاءِ سوچي اهو جانور آهي. ان ڪري انسانيت جي تقاضيٰ اها آهي ته اسين معاشري ۾ انسان ٿي جيئون ۽ هر ماڻهوءَ جي لاءِ اها ئي سوچ رکون جيڪا اسين پاڻ بابت رکون ٿا . الائي ڇو اسان جي معاشري مان اجتماعيت ، اجتمائي سوچ ٻين لاءِ سٺي سوچ، ٻين جو فڪر ۽ انسانيت لاءِ احترام جا جذبا ڏينهون ڏينهن نڪرندا پيا وڃن . انسانيت جي پوري تاريخ پاڻ ئي ان تي گواھه آهي، هتي فرعون به هئا ته نمرود به هئا ،شداد به هئا ته قارون به هئا جيڪي ماڻهن جا معصوم ٻچا به ڪهائيندا هئا ته پاڻ کي ماڻهن جو وڏو رب به سڏائيندا هئا . جيڪي پاڻ کي ڪل مادي ڪائنات جو اڪيلو مالڪ به سمجهندا هئا ته خدائي جنت جي مقابلي ۾ پنهنجون مصنوعي جنتون به ٺهرائيندا هئا پر وقت ثابت ڪيو ته اها انهن جي خام خيالي ۽ خواب خيالي هئي ڪي پنهنجي پورن خزانن سميت زمين ۾ ڳيهجي ويا ته ڪي دهشت جي علامت بڻيل بي وس بڻجي زمين تي پيا رهيا ۽ قيامت تائين ايندڙ فرعوني ذهنيت رکندڙ ماڻهن جي لاءِ عبرت جو نشانو بڻجي ويا، ان ڪري فرعون ٿي جيئڻ جي بجاءِ، يا قارون ٿي جيئڻ جي بجاءِ اسان کي انسان ٿي جيئڻ گھرجي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *