تازا ترين
  • *وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت ٽاسڪ فورس جو اجلاس *هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو جا 58 ڪيس سامهون آيا: اجلاس ۾ بريفنگ *هلندڙ سال سنڌ ۾ 20، ڪي پي ۾ 21، بلوچستان ۾ 14 ۽ پنجاب ۾ 3 ڪيس رپورٽ ٿيا *
  • *ڪراچي شھر ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر پوليس اھلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ *15 ڏينهن دوران ھڪ ٻئي اھلڪار تي ٽارگيٽ ڪلرز جي فائرنگ *ڪورنگي سيڪٽر پنج ۾ اھلڪار اصغر تي فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ ڪري زخمي *واقعي جو آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس، ايس ايس پي کان رپورٽ طلب *
  • *کپرو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ *سوين آبادگارن ۽ هارين ٽائرن کي باهيون ڏيئي کپرو سانگهڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو *
  • *جهول واسي پيرسن ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾فوت *55 ورهين جو ظفر کرل وائرس سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو *
  • *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ مقامي منتقلي وارا ڪورونا وائرس جا نوان 29 ڪيس ظاهر *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي طور انگ 172 ٿي ويو *
  • *شهدادپور پوليس پاران شهرين کي گرفتار ڪري لکين رپيا رشوت وٺڻ جو انڪشاف *ايس ايس پي سانگهڙ حيدرآباد واسي جي درخواست تي 3 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *جٽيا چوڪي انچارج عابد زرداري، مصطفيٰ ڪوري ۽ ذوالفقار چانڊيو ڪوارٽر گهاٽ *
  • *سنجهورو: نامياري محقق، ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پٽ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي *
  • *قاضي احمد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار زال کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار حاجي جتوئي ننڊ ستل صوبيا جتوئي تي ڪهاڙين جا وار ڪيا *
  • *ميان صاحب ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڦرلٽ جو الزام *پوليس ڳوٺاڻن جا 25 ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، اهلڪارن تي تشدد جا الزام *
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، ننڊ ستل عورت کي گوليون هڻي قتل* ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ هٿياربند رفعت لاشاري تي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويا *
  • *داد لغاري ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، چڱو مڙس گوليون هڻي مرڻينگ *سعيد احمد بوزدار کي ويهڪ واري جاءِ تي گولي هنئي وئي، اسپتال منتقل *
  • *ڀريا سٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 7ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *مسافر بس ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي، زخمين ۾ فهيم راجپوت، سجاد گوپانگ ۽ ٻيا شامل *
  • *عمرڪوٽ ۾ ڏيڊ مھينو اڳ مبينا قتل ٿيل جنتا مالهي واري واقعي جو اي آءِ جي حيدرآباد پاران نوٽيس *جنتا مالهي جي وارثن جي اي آءِ جي حيدرآباد سان ملاقات *اي آءِ جي پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم *

انسانيت بچي وڃي ها … صدام حسين ڪولاچي

سج تازو ئي تاءُ ۾ آيو هو، ڌرتيءَ به تپي چڪي هئي، هر ماڻهو پگهر ۾ ٻڏل نظر اچي رهيو هو، تلائن ۾ پاڻي جو رنگ تبديل ٿي چڪو هو، روڊ رستا به اولانڀا ڏئي رهيا هئا، اڄوڪو لڪاءُ باقي ڏينهن کان گهڻو مختلف هو، ڀانيم ته ڪو ظلم ضرور ٿيو هوندو تڏهن ته ڪائنات تاءُ ۾آهي، ڊوڙي وڃي نم جي وڻ هيٺان پناهه ورتم، رومال سان پگهر اگهندي هيڏانهن هوڏانهن نيهاريم ته رڳو رڻ پٽ نظر آيو، ماڻهو نه ماڻهو جي ذات، پکين به وڃي اکيرا وسايا هئا، جهٽ کن بعد روڊ تي ڪاري رنگ جي گاڏي نظر آئي، ائين پئي لڳم ته ڄڻ ڊرائيور کي ڪنهن چيو هجي ته تنهنجي زندگي جا ڪجهه سيڪنڊ بچيا آهن، ”جيترو ڊوڙي سگهين ڊوڙ،“ لڪاءُ ڏسندو رهيس، گاڏي سامهون گذري وئي، ڌوڙ سبب اکيون بند ٿي ويون، مٽي صفا ڏندن ۾ هلي وئي، ڪاوڙ ۾ مٿو ڇنڊيندي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيم”صفا ڪو انسانيت جي ڌپ ڪون اٿئي ڊرائيور، گهر ڏانهن وڌڻ لڳس ته فائر ٿيو، تڪڙ ۾ پنهنجي جسم کي هٿ لڳائڻ شروع ڪيم، ڪٿي مونکي ته ڪنهن گولي نه هنئي آهي، تسلي ٿيڻ بعد پوئتي نيهاريم ته نوجوان 3 همراهن کي ٻانهون ٻڌي رهيو هو، زندگي جي بخشش لاءِ خدا ۽ رسول جا واسطا ڏئي رهيو هو، گاڏي ڏانهن ڊوڙڻ شروع ڪيم ته همراهه گاڏي ڪاهي فرار ٿي ويا ۽ گولي لڳل نوجوان واٽ تي تڙپي رهيو هو.
نوجوان جو رت ڏسي ذري گهٽ بيهوش ٿيڻ وارو هئس، ايتري ۾ سندس چهري تي نظر پئي ته اکيون کُلي ويون، سندس سر مٿي کڻي کيس آٿت ڏيندي چيم ته، اوهان کي ڪجهه نه ٿيندو، خبر اٿم ته ڪونه بچندس، ڪوڙا دلاسا نه ڏي، نوجوان وراڻيو، پهريون ڀيرو موت کي ايترو ويجهڙائي کان ڏسي رهيو هئس، زخم ڏسي لڙڪ لڙي آيا، جسم جا وار اُڀا ٿي ويا، ڏڪڻي اچي ورايو ته پنهنجن وارن کي پڪڙي پٽڻ شروع ڪيم، ڳوٺ وارن کي سڏ ڪندو رهيس، نوجوان جي حالت ڏسي کيس ڇاتي سان لڳايم، هو ڪير هو، ڪهڙو نالو هيس، مذهب، فرقو، رنگ ۽ نسل سميت دنيا جون سموريون ريتون رسمون وسري چڪيون هيون، ائين ڀانيم ته انسانيت تڙپندي دانهون ڪري رهي هجي ته ”مونکي بچاءَ، دنيا بچي پوندئي.
ڳوٺ وارن هڪ نه ٻُڌي، جيڪي پهتا، سي بي موڳا مٽر ٿي ويا، دهشتگرد هوندو، ڪنهن جي گهر ۾ گهڙيو هوندو، چوري ڪئي هوندئين يا مذهب جي توهين ڪئي هوندين، جهڙا لفظ ٻڌڻ ۾ ملي رهيا هئا، پر زخمي نوجوان کي ڪير آٿت نه ڏئي رهيو هو، دل گهريو ته ڳوٺ وارن کي جواب ڏيان پر سندن سوچ ۽ سمجهه تي تعجب ٿي رهيو هو، انهن ڳوٺاڻن ۾ ڪي ته اهڙا پڙهيل لکيل نوجوان به هئا، جيڪي انسانيت تي ليڪچر ڏيندي ڪونه ٿڪبا هئا پر جڏهن وقت آيو ته سڀ ماٺ رهيا.تاءُ ۾ اچي زخمي نوجوان کي هٿن تي کڻڻ جي ڪوشش ڪيم پر هو ڳڀرو هو ۽ مان مئل ڳجهه جهڙو، سو کيس کڻي ته نه سگهيس، کيس پٽ تي سمهاري گهر ڏانهن ڊڪ هنيم، ڀاءُ نظر آيو، اسڪوٽر ڪاهي اچ، ڀاءُ کي چيم، اهو به سوال جواب ڪرڻ بدران تڪڙ ۾ اسڪوٽر ڪڍي آيو، زخمي نوجوان وٽ پهتاسين، نوجوان جو رت گهڻو وهڻ ڪري سندس چهرو ڦڪو ٿي ويو هيس، هو پنهنجو رت بار بار چهري کي لڳائيندي مون ڏانهن نيهاري رهيو هو، ائين ڀانيم ته سندس رت جي هر ڦڙي سان ڪو صدين جو ڳانڍاپو هجي، اُٿو ته اوهان کي اسپتال وٺي هلون، ڀاءُ نوجوان کي چيو، نوجوان رت سان رڱيل چهري تي هٿ هنيو ۽ چپن تي مسڪراهٽ آڻيندي وراڻيو، ڪهڙو فائدو!، سر ته هونئن به گهورڻو آهي، اسپتال کڻي ويندو، قاتلن کي پتو پوندو ۽ وري گوليون هڻي ماري ڇڏيندا، تنهن کان ڀلو آهي ته مونکي هن نِم جي ڇانوَ ۾ آخري گهڙيون گهارڻ ڏيو، اسان جي بار بار اسرار باوجود نوجوان هڪ نه ٻُڌي، ايتري ۾ ڀاءُ کانئس پڇا ڪئي ته اوهان جو نالو ڇا آهي؟، نوجوان وري مسڪرائي ماٺ ٿي ويو. جهٽ کن بعد ورندي ڏنائين ته نالي کي ڇا ڪندئو، ايتري پڪ سمجهو ته مان ڪو دهشتگرد ناهيان، ڪڏهن ڪنهن عام انسان کي ايذاءُ نه ڏنو اٿم، سمورن مذهبن، فرقن، قومن، ذاتين جو احترام ڪندو آهيان، پر مون انهن ماڻهن جيان بيوسي کي مقدر نه بڻايو، منافقت جو ريج پنهنجي ارادن کي ڏيڻ پسند نه ڪيم، ڪوڙي کي منهن تي ڪوڙو چوڻ جي همت هيم ۽ آهي، سو سچ جي واٽ جو انجام موت جي شڪل ۾ ملڻ تي فخر آهي، خوش آهيان ته منافقن ۽ بزدلن جي قطار ۾ نه بيهاريو ويندس.
محسوس ڪيم ته نوجوان جو ساهه منجهي رهيو آهي ۽ هو شديد تڪليف ۾ هو، شايد! سندس روح جسم کان ڌار ٿي رهيو هو ۽ آخري پساهن ۾ ڪجهه چوڻ گهريو پئي پر ساهه جو سڳو ٽٽي پيس. پڪ اٿم ته نوجوان کي سچ ڳالهائڻ، منافق کي منافق چوڻ جي سزا ملي هوندي، هونئن به ڪوڙا ۽ منافق ڪڏهن به ناڪام ناهن ٿيا، سندن موت طبعي ٿيندو آهي. مان سوچ جي سمنڊ ۾ ٻڏل هيس، ايتري ۾ پوليس جي گاڏي آئي ۽ نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال کڻائي ويا، اسان کي اهيو چئي بيهاري ڇڏيائون ته ضرورت پوڻ تي اوهان کي گهرائبو، في الحال مامري ۾ مداخلت نه ڪريو، پوليس وارا هليا ويا، پر نوجوان جو تڙپڻ، ڳوٺاڻن جي بيوسي، مامرو سمجهڻ کان اڳ فتوائون ڏيڻ جو عمل اڄ تائين سک سان سمهڻ نٿو ڏي، جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪو حل آهي ته مدد ڪري، مون مسڪين کي سمجهائي ته تڙپندي ماڻهو کي بچائڻ وقت سندس نالو، ذات، قوم، مذهب، فرقو، رنگ ۽ نسل جاچڻ ضروري آهي؟.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

One Response to انسانيت بچي وڃي ها … صدام حسين ڪولاچي

  1. عبدالجبار چانگ / ھنڱورجا says:

    زبردست لکڻي ۽ بلڪل جڏھن اهڙو وقت اچي ته اهي سڀ ڳالهيون هڪ پاسي پهريان انسانيت کي بچايو پوء ڀلي دنيا فتوائون جاري ڪري سڀ کان پهريان انسانيت ڀاءُ صدام هي ڪالم پڙھي اسين به اکين مان پنهنجي لڙڪن کي روڪي نه سگهياسين

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *